[/center][/img] [/center][/img] [/center][/img] [/center][/img] [justify]آرٽ جا سڀ شعبا، جيتوڻيڪ زندگي جو وڏو رياض گهرنداآهن پر اصل ۾ جينوئين آرٽيسٽ سنڌيءَ جي چوڻي موجب ڄمندي ڄام هوندا آهن. چوڻ هو مقصد اهو ته آرٽيسٽ يا هوندا آهن يا نه هوندا آهن.ائين عالمگير سطح تي ڪنهن به آرٽ لاءِ چئي سگهجي ٿو. پڪاسو کان ليوناڊونسيءَ تائين ۽ ايم ايف حسين کان هارون چني تائين، ها اهو الڳ بحث آهي ته خوڊ آرٽ جي سڀني شعبن ۾ غير معمولي تخليقڪار جو موجود هجڻ ڪنهن به ڌرتيءَ لاءِ هڪ اعزاز کان گهٽ نه آهي.ائين سنڌ کي به فخر رهندو ته هن وٽ ڪجهه اهڙا آرٽيسٽ آهن، جيڪي سندس سونهن کي رنگن ۽ برشن ذريعي هڪ اهڙي امرتا بخشين ٿا جيڪا سدائين رهڻي آهي. هارون چنو، هڪ اهڙو آرٽيسٽ آهي، جنهن سنڌ کي ۽ سنڌ جي سونهن سان گڏ ڀٽائي جي سورمين ۽ سورمن کي ان کان سواءِ شيخ اياز جي شعرن کي جيڪا رنگن جي معرفت، ابديت بخشي آهي. اها فقط سندس تخليقي صلاحيتن جي سڃاڻپ آهي ۽ رهندي. هونئن ڪنهن به تخليقڪار جو ڪنهن به ڌرتي تي جنم وٺڻ هن ڪائنات لاءِ اعزاز آهي ئي پر هُو جنهن مٽيءَ مان جُڙي ٿو اها سندس ماءُ آهي ۽ ان جي اندر ۾ ان جو هڪ چهرو/ عڪس اچي ٿو جئين هارون چني جي اندر ۾ سنڌ جو عڪس آهي، ڀٽائي جو عڪس آهي انهيءَ جي سورمين جو عڪس آهي گڏوگڏ اياز جي مزاحمتي شعرن جي ساڀيان جو عڪس آهي. انهن مڙني گڏجي شايد هارون چني جي روح کي جلا بخشي آهي. اتساهه ڏنو آهي جو هن انگن سان هڪ نئين سنڌ تخليق ڪئي آهي. هارون چنو دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڄمي ها ته پڪاسو ليونارڊونسي، ايم ايف حسين ۽ دنيا جي ٻين عظيم آرٽيسٽن وانگر اسان کي پيارو هجي ها پر سندس جنم ڀومي ڳوٺ علي شير شاهه تعلقو لکي ضلعو شڪارپور آهي. شڪارپور شهيد الهه بخش کي جنم ڏنو ۽ جنهن شيخ اياز کي جنم ڏنو، هارون چني جو تعارف اهو آهي ته هو سنڌ جو هڪ اهڙو عاشق آهي جنهن جي اکين ۾ سموري سنڌ سدائين ڏسي سگهبي آهي جيئن سندس تصويرن ۾ آهي. هارون چني جي برشن جيترو ڀٽائي جي سورمين ۽ سورمن کي اظهاريو آهي. اوتروئي اياز جي شعرن جي غصي کي اظهار ڏنو آهي. سنڌ جي سونهن، ڀٽائي جون سورميون ۽ اياز جي نظمن جي مزاحمت جيڪڏهن اکين سان ڏسڻي آهي ته هارون چني جي تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿي، هن جي تصويرن جي پويان هن جي شخص جي رياضت به ڏسڻ ۾ ايندي آهي. جڏهن کيس ڏسبو آهي ته هو پهريون ڀيرو ڏسڻ سان ئي هڪ آرٽيسٽ ڏسڻ ۾ ايندو آهي. جيئن سندس تصويرن مان هارون چنو ڏسڻو ۾ ايندو آهي. هو سنڌ جي سونهن جو عاشق آهي ۽ اسان سندس عشق جي سلامتي جا دعاگو آهيون ته سندس هٿ، سندس برش ۽ رنگ جن سان هو سنڌ کي چٽي ٿو سلامت هجن آرٽ ۾ جانبداري جو تجزيو ڪبو ته هارون چنو سنڌ جي حوالي ۾ جانبدار آرٽيسٽ آهي، هن جو آرٽ، آرٽ براءِ سنڌ آهي ۽ اهو فقط هن جو ئي نظريو آهي،آرٽ جي دنيا ۾، جنهن ڪري سندس ڪم گهڻي حد تائين سنڌ جي دائري ۾ ئي اهي[/justify]
جواب: سنڌ جي سونهن کي رنگن ۾ اظهاريندڙ هارون چنو هارون چني صاحب جون من موهيندڙ ۽ رنگن سان ٽمٽار تصويرون، مٿان وري لطيف سڳوري جي بيتن سان سلهاڙيل اصل سون ۾ هيرن جي پيوندڪاري ٿيل آهي ۔۔۔ واه واه ٿي وئي ۔۔۔ سنڌ سموري سون، سنڌ سموري سرهاڻ ۔۔۔ لک ٿورا دوست عرس پريا ۔۔۔ تمام سهڻو ونڊ ڪيو اٿوَ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سنڌ جي سونهن کي رنگن ۾ اظهاريندڙ هارون چنو ادا عرس اهڙو ذوق تو کي ئي سونهي ٿو واه واه مرده دلين ۾ روح جي تازگي جو تاثر اچي ويو سبحان الله ۔ وسلام