منهنجو ڳوٺ ملڪاڻي-بدين

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏13 آگسٽ 2011۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    منهنجو ڳوٺ ملڪاڻي بدين ضلعي جي تعلقي ٽنڊوباگو جي آخري حدن ۾ آهي جتي ضلعي ميرپورخاص جي به حد ختم ٿيئي ٿي ۽ ضلعو مٺي شروع ٿيئي ٿو۔ هر لحاظ کان پوڇڙ تي واقع هن ڳوٺ سان انيڪ الميا رهيا آهن جن ۾ هڪ وڏو الميو ضلعي بدين ۾ هجڻ باوجود بجلي، پاڻي ۽ روڊ وارو نظام ضلعي ميرپورخاص سان ڳنڍيل هجڻ آهي۔ ڇو ته جنهن وقت ضلعو بدين ۽ ميرپورخاص نه هئا تڏنهن هي سڄو پاسو ٿرپارڪر ضلعي ۾ ايندو هو پر ان وقت ۾ به ۽ اڄ به ضلعن جي (هاڻي ته صوبن جي به) ڦير ڦارانتطامي بنيادن بجاءِ سياسي فائدن کي مدِنظر رکي ڪري ڪئي ويندي هئي ۽ آهي۔ ۽ نتيجو اهو نڪتو آهي ته هن ڳوٺ جي بجلي، پاڻي توڙي رستي جو سرشتو، ٽيڪنيڪلي ممڪن ئي نه رهيو ته بدين ضلعي سان ڳنڍجي۔ ان کان علاوه پوڇڙ تي هجڻ ڪري هن ڳوٺ ۾ يا ته سوڪ هوندي آهي يا وري ٻوڏ۔ ڇو ته هن علائقي جي آبياري ڪندڙ نصير واه (جيڪو روهڙي ڪئنال جو آخري واه آهي) تي با اثر زميندارن (جن ۾ موجوده صدر جا سيڻ، ٽالپر فئملي سرِ فهرست آهن) جو قبضو آهي جن الاءِ ڪيترن غير قانوني طريقن سان انهي واه مان ڊائريڪٽ واٽر ڪڍيا ۽ پاڻي تي راتاهو هنيو۔ ۽ ڪندا اهو آهن ته جڏنهن کين پاڻي جي ضرورت هوندي آهي (ساڳي وقت ان پڇڙي وارن علائقن کي به پاڻي جي ضرورت هوندي آهي) تڏنهن پورو پاڻي اهي ئي کڻندا آهن۔ پر جڏنهن برسات جام ٿيئي ٿي ته هي پنهنجا اهي سڀ غير قانوني ڪڙيا بند ڪري پاڻي هيٺ ڇڏيندا آهن ۽ پوءِ اسان جون سڄو سال گهٽ پاڻي ڪري سلٽ سان ڀريل شاخون پاڻي ڪڍي نه ٿيون سگهن ۽ گهارا لڳڻ شروع ٿيو وڃن۔ هڪ اڳي برسات جو پاني مٿان وري شاخن جو پاڻي پوءِ ملڪ سڄو پاڻي پاڻي۔ اهڙي طرح هي علائقو سڪندو يا ٻڏندو رهيو آهي۔

    هن تر مان هميشه پي پي پي جي چونڊجي ايندڙ نمائندن جي گاڏين جا زوڪاٽ رڳو وؤٽ وٺڻ مهل ئي ڏسن ۾ آيا ۽ پوءِ ايئن ويا جهڙو هئا ئي ڪونه۔ سندن ڪارڪردگي ان مان ظاهر اهي ته هن ڳپٺ ۾ جوڻيجي جي 5 نقاطي پروگرام کان سواءِ ڪوبه وڏو ترقيتي ڪم ناهي ٿيو سواءِ انهن ئي چند شين جي مرمت يا وڌائڻ جي۔ جڏنهن به ڳوٺاڻان هتان وؤٽ وٺي ويندڙن وٽ ويا ته يا ته کين اهي همراه مليا ئي ڪونه ۽ جي مليا ته رڳو آسرا۔ جي گهڻو زور شور ٿيو ته ٺهه پهه جواب ته اوهان جو علائقو آهي ته اسان جي حد ۾ پر انتظامي طرح سان ضلعي ميرپورخاص ۾ آهي جتي اسان جي نه ٿي هلي۔
    گذريل ڀيري 2003 ۾ جڏنهن مشرف جو زور هو ۽ ڳوٺاڻان پي پي پي مان بيزار هئا ته انهن پپو شاه کي آزمايو۔ جنهن پوري ڪوشش ڪئي ته ڪجهه بهتري اچي۔ڇو ته کيس پنهنجي مستقبل جي وؤٽ بئنڪ جي فڪر هئي۔هن جي ڪوششن سان جيڪي ڪم ٿيا انهن ۾ هن علائَقي تائين روڊ ۽ گئس ضلعي بدين مان آڻڻ قابلِ ذڪر آهن پر روڊ اڃان اڌ ۾ هو ۽ گئس 13 ڪلوميٽرن تي وقع شهر پنگريو پهتي ته 2008 آيو ۽ پپو شاه جو دؤر ٿيو پورو۔ حسبِ روايت ايندڙ گورنمنٽ پوئين دؤر جي ڪمن کا اڳتي وڌائڻ غير ضروري سمجهيو ڇو ته ان جا بنياد پوئين گورنمنٽ جا رکيل هئا ۽ جي اهي پورا ٿين ها ته به ڪريڊٽ هنن کي نه ملي ها۔ ضلعي بدين جي قائم ٿيڻ کان پوءِ اهو پهريو دفعو هوجو 2003 ۾ هن تڪ تان پي پي پي هارايو هو۔ محترمه بينظير ڀٽو پاڻ انهي ڳالهه جو نوٽس ورتو ته اسان جو اهو گرانٽيڊ تڪ هٿن مان ڪيئن ويو۔ ۽ پپو شاه خلاف هڪ مظبوط اميدوار ڊاڪٽر زولفقار مرزا جي روپ ۾ بيهاريو۔ جيڪو ڪجهه پنهنجي داٻي دڙڪي سان ۽ ڪجه محترمه جي شهادت کان پوءِ پي پي پي سان سنڌ واسين جي جاڳيل محبت سبب کٽي ويو۔

    پر پاڻ ڪڏنهن هوم منسٽري جي جهنجهٽ ۾ ته ڪڏنهن وري اتحادين سان جهيڙن ۾ رڌل رهيو ۽ مڙي پوئتي نه نهاريائين ته ايڏن ڌوڪن باوجود به جن ماڻهن تو تي اعتبار ڪيو انهن جون يقينا تو ۾ ڪي اميدون هونديون۔ هڪ به دفعا ماڻهو وڃي وٽس پهتا ته ساڳيا جواب ته اوهان جا مسئلا ڪيئن حل ڪجن۔ اوهان جو انتظامي سرشتو ميرپورخاص سان آهي۔هتي جا وس وارا منهنجي نه ٿا ٻڌن۔

    هن وقت صورتحال هي آهي ته بدين ضلعي لاءِ چيو پيو وڃي ته هتي ٻن مهين جي سانوڻي جي بارش 2 ڏنينهن ۾ ٿي آهي۔ پورو علائقو پاڻي هيٺ آهي۔ منهنجي ڳوٺ ۾ ڪو به گهر اهڙو ناهي جيڪو مڪمل يا جزوي طرح نه ڊٺو هجي۔ برسات ٿيئي کي اڄ چوٿون ڏينهن آهي پر اڃان تائين ڪو به سرڪاري عملدار ناهي پهتو ۽ چونڊيل نمائندن جو ته ڪو بيان به ناهي آيو۔ الاءِ خبر به اٿن ته هنن جو تڪ ٻڏو پيو آهي الاءِ نه۔

    منهنجي ڳوٺ جي صورتحال اوهان دوستن سان ونڊڻ لاءِ ڪجه تصويرون هتي ونڊ ڪريان ٿو۔

    [​IMG][/img]

    هي مين روڊ تان ورتل تصوير آهي۔ جتان پري کان اڇو رنگ ٿيل مسجد به نظر اچي ٿي جيڪا مڪمل پاڻي هيٺ آهي۔

    [​IMG][/img]

    هي تصوير واٽر سپلاءِ اسڪيم جي آهي جيڪا مڪمل پاڻي هيٺ آهي۔ سڄي ڳوٺ لاءِ پيئڻ جي پاڻي جو اهو واحد ذريعو آهي۔ جنهن جا تلاء ته هن وقت نظر ئي نه پيا اچن۔

    [​IMG][/img]

    هي ڳوٺ جي مٿاهين حصي تي ٺهيل بازار جو ٻاهريون پاسو آهي جتي پاڻي گهٽ آهي۔

    [​IMG][/img]

    هي ڳوٺ جي هڪ گلي جو منظر آهي۔ ڳوٺاڻا هڪ ڪلوميٽر پري موجود جر جي پاڻي جي نلڪي تان پاڻر ڀريو پيا اچن۔ هن گلي جي پڇاڙي تي منهنجو گهر به آهي۔ جيڪو هن وقت پاڻي هيٺ آهي۔

    [​IMG][/img]

    هي ڳوٺ جي مرڪزي گلي جو اوڀرندو پاسو آهي۔ کاٻي پاسي ڪڙمين جا ڪچا گهر ٺهيل هئا جيڪي مڪمل ڊهي پٽ پئيجي ويا آهن ۽ نظر نه پيا اچن۔

    [​IMG][/img]

    هڪ ڊٺل جهوپڙي۔

    [​IMG][/img]

    بازار جي هن علائقي مان پاڻي هيٺاهين تي لهي ويو آهي۔

    [​IMG][/img]

    هي پرائمري اسڪول آهي جيڪو به پاڻي سان گهريل آهي۔ پر جن ماڻهن جا گهر ڪري پٽ پيا آهن اهي انهن اسڪولن ۾ پناه وٺي ويٺا آهن۔

    [​IMG][/img]

    هي هاءِ اسڪول جو منظر آهي۔هي به هن وقت پاڻي سان گِهريل ئي سهي پر بي گهرن لاءِ محفوظ پناه گاه آهي۔

    اوهان سڀني دوستن کي فقط هڪ گذارش ته دعان ۾ منهنجي ڳوٺ واسين کي نه وسارجو جيڪي هن وقت مصيبت ۾ آهن۔
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: منهنجو ڳوٺ ملڪاڻي-بدين

    محترم دوست حفيظ لغاري سلام ۔۔۔۔۔۔

    فيسبوڪ تي اوهان جي اسٽيٽس تي برساتي تباهي جي جواب ۾ به مون اهو ئي لکيو هو ته اوهان جو علائقي جي اها بدنصيبي آهي جو يا ته سُڪي ٿو يا وري ٻُڏي ٿو۔ اوهان جي علائقي جون زمينون جتي ڪپهه سان گڏ مرچ ۽ ٽماٽر جو فصل اعلى قسم جو ٿيندو آهي اتي پاڻي جي کوٽ سبب سدائين نقصان ٿيندو رهيو آهي۔

    هاڻي وري جڏهن فصل تيار هئا ته برسات ۽ واهن ۽ شاخن جي آيل پاڻيء سچ ته تمام گهڻي تباهي آندي آهي۔ حڪومت وقت تي ڀاڙڻ بزدلي آهي ۽ هنن کي ووٽ ڏيڻ به پاڻ سان نا انصافي آهي۔ تازين برساتن سبب آيل تباهي تي دلي رنج ٿيو آهي پر حڪومت ته اتحادين کي پرچائڻ ۽ هڙتالن کي ناڪام بڻائڻ لاء پلان ويٺي ٺاهي اهڙي صورت ۾ هنن مان ڪابه اميد نه ٿي رکي سگهجي۔

    اسان ته دعا ئي ڪري سگهون ٿا اوهان ۽ اوهان جي ڳوٺ وارن کي رب پاڪ همت ڏي جيئن قدرتي آفتن سان گڏ هٿرادو آيل تباهين کي به منهن ڏئي سگهو۔
     
  3. زاهد نظاماڻي

    زاهد نظاماڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    82
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد (M.U.E.T ڄامشورو) ڪمپيوٽر سيسٽم
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد خان نظاماڻي (بدين)
    جواب: منهنجو ڳوٺ ملڪاڻي-بدين

    برسات واقعي ۾ تمام گهڻي تباهي مچائي آهي، آئون به بدين سان وابسته آهيان ۽ حيدرآباد ۾ هجڻ ڪري حقيقي ڏيک ته نه ڏسي سگهيو آهيان پر دوستن ۽ مائٽن جي عطلائن موجب تقريبن هر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن حساب سان هن برساتي سلسلي مان متاثر ٿيو آهي، تاريخ جي رڪارڊز ۾ ايتري برسات ن وسي آهي، ماڻهو ٽڪن ٽالهن ۾ لڏي رهيا آهن تمام گهڻا ڳوٺ پاڻي هيٺ آهن هزارين ايڪڙ فصل برباد ٿي ويو آهي ڪيترين ئي جانين جو به نقصان ٿيو آهي۔ الله جي ڪرم سان اسان جو ڳوٺ ته بچي ويو جيڪو تعلقي گولاڙچي ۾ آهي، پر آس پاس جا ڪافي ڳوٺ پاڻي جي جپيٽ ۾ آهن ۽ ماڻهو روڊڻ تي، پر افسوس حڪمران ستا پيا آهن ۽ غريب بک ۽ بدحالي ۾ مبتلا آهن،
    پر پاڻ ته صرف دعا ئي ڪري سگهون ٿا ته شال الله تعالئ سڀن تي پنهنجو فضل و ڪرم، رحم ۽ ٻاجهه فرمائي ۽ اهڙين آفتن کان اسان کي محفوض فرمائي۔ آمين۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو