سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران سنڌ جي عظيم ڏاهي، مفڪر، عالم ۽ اديب محترم محمد ابراهيم جويو کي سندس 97 جنم ڏڻ جون واڌايون هجن۔ ناميارو عالم، اديب ۽ ڏاهو محمد ابراهيم جويو 13 آگسٽ 1915ع تي اڳوڻي ضلعي دادوءَ (۽ هاڻي ڄامشوري) جي لڪي شاهه ويجهو ڳوٺ ’آباد‘ ۾ هڪ هاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سنڌ جي هن عظيم دانشور ۽ مفڪر سنڌي ادب ۾ لاتعداد مضمون، ڪتاب. ڪالم ۽ مقالا لکيا آهن. سنڌ جي انهن استاد اديبن مان آهي جن اسان کي علمي ماحول ۽ علمي ماڻهو ميسر ڪيا آهن. جويو صاحب پنهنجي 97 سالگرهه جيتوڻيڪ اهو چئي ملهائڻ کان انڪار ڪيو آهي ته جڏهن سنڌ جي سموري فڪرمندن هڙتال جو سڏ ڏنو آهي ته هو به پنهنجي جنم ڏڻ کي ڪونه ملهائيندو. سنڌ جي هن عظيم ڏاهي ۽ اديب کي سلام ۽ سندس لاء دعائون ته هو خوش رهي ۽ اسان جي رهنمائي ڪندو رهي.
عالم اديب ۽ ڏاهي سائين ابراهيم جويو صاحب کي سندس 98 هين جنم ڏڻ تي سنڌ سلامت سٿ پاران واڌايون پيش ڪيون ٿا۔ سندس سٺي صحت ۽ دراز عمر لاء دعائون۔
هن وقت سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪو سياڻو، ڏاهو ۽ سنڌ سڄڻ مفڪر زنده ۽ حال حيات آهي، اهو آهي سائين محترم ابراهيم جويو صاحب، جنهن هميشه سچ جو ساٿ ڏنو آهي ۽ ڪڏهن به سنڌ جي مفادن تي سودي بازي نه ڪئي آهي ۽ سنڌين کي اتساهه ڏنو آهي ... سنڌ جو هڪ سهڻو ڪردار جنهن تي سموري سنڌ کي ناز آهي ... رب العالمين کيس وڏي ڄمار عطا ڪري، صحت ڪامله عطا ڪري ... آمين
سائين جويو صاحب سنڌ جو فڪري رهنما آهي ، سنڌ جو اثاثو آهي... سنڌ ۽ سنڌين کي هن بينظير شخصيت تي ناز آهي
ڏاهپ جي صدي! سنڌ جو تخليقي شعور ساز: محمد ابراهيم جويو جامي چانڊيو جي ڪائنات جي وُسعت ۽ فطرت جي لازوال گوناگونيت جي پس منظر ۾ انسان جي زندگيءَ تي نظر ٿي وجهجي ته اُها جَرَ تي ڦوٽي جيان آهي. نه رڳو ان کي ڪو دوام ناهي پر اُها ڪيڏي نه مختصر ۽ بي ثبات آهي. ماڻهو به دراصل هڪ حيوان آهي، وڌ ۾ وڌ کڻي ايترو فرق هوندو جو اُهو سماجي حيوان آهي. هن جون جسماني ۽ ماحولياتي ضرورتون، جبلتون، خواهشون ۽ خصلتون سڀ حيواني آهن پر جيئن ته هو هڪ سماجي جانور آهي، ان ڪري هن کي ٿوري گهڻي سمجهه به آهي. دنيا ۾ کربين انسان ڄاوا، وڏا ٿيا، کاڌَئون، پِيتَئون، پنهنجين جبلتن جو پورائو ڪيائون، ٻارَ ڄڻيائون ۽ نيٺ مِٽيءَ ۾ ملي مِٽي ٿي ويا. سموري انساني تاريخ جي ڪا بِنهه معمولي ٿورائي هوندي، جيڪا پنهنجي جسماني موت کانپوءِ به زندهه رهي ٿي، تاريخ ۾، ڪتابن ۾، عوام ۾، فن، ادب، فلسفي، سائنس ۽ ماڻهن جي دلين ۾. سوال آهي ته ايئن ڇو آهي؟ سبب سادو آهي ته انسانذات جي گهڻائي نيم حيواني زندگي گذاري، يعني گهڻي ڀاڱي پنهنجين جبلتن ۽ جسماني ضرورتن جو پورائو ڪندي مريو کپيو وڃي. بظاهر ماڻهو ٺهيو وتي، هن سماجي حيوان جي گهڻائي رڳو پنهنجي جسماني ڏيک يا اوسر تي ڌيان ڏئي ٿي، جڏهن ته اصل اهميت انسان جي اندر جي جهان جي آهي. لطيف چيو آهي ته: صورت گهڻو سهڻا، ٽاڻا سندن ٽُوههَ، ريلو ڏيئي روحَ، جو کائي، سو کامي مري. يعني انسان جي ظاهري حُسن يا ڏيک جو ڪوبه مُلهه ناهي، پر ان جي اندر جي اونهائيءَ ۽ حُسن کي وڌيڪ معنيٰ آهي ۽ اندر جو حُسن دراصل انسان جو اعليٰ شعور ئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ٻئي پاسي اُها بنهه ٿورائي آهي، جيڪا پنهنجين جبلتن ۽ طبعي گهرجن جو ته پورائو ڪري ٿي پر اُها بنيادي طور شعور ۽ سمجهه کي زندگيءَ جو محور ۽ محرڪ بڻائي ٿي ۽ پوءِ انهن منجهان جن جو شعور وڏا درجا ماڻي ٿو ۽ سندن زندگيءَ، سوچ ۽ عمل جو بنياد بڻجي ٿو، اُهي تاريخ ۾ زندهه رهن ٿا ۽ انسان جي شعوري سفر جو تسلسل پڻ بڻجن ٿا. جيتوڻيڪ طبقاتي نظام جي درجه بندي پيداواري وسيلن ۽ دولت تي قبضي جي بنياد تي آهي پر منهنجيءَ نظر ۾ انسانذات ۾ عام ۽ خاص جو فرق سمجهه، شعور ۽ عمل جي بنياد تي آهي. طبقاتي نظام، انسان جي سگهه پيداواري ذريعن تي قبضي، دولت جي انبارن ۽ ان بنياد تي سماجي اثر کي ڄاڻائي ٿو پر مان سمجهان ٿو ته دنيا ۾ منطقي ڏاهپ، سائنسي علم، تخليقي صلاحيتن ۽ انهن بنيادن تي ٿيل عمل کان وڌيڪ انساني سگهه جي ٻي ڪابه صورت ٿي نه ٿي سگهي. زندگيءَ ۾ ڀاڳوارا ماڻهو آهن اُهي، جن کي زندگيءَ ۾ انساني تاريخ جو اِهو “راز” سمجهه ۾ اچي ٿو وڃي ۽ پوءِ هو ان تي عمل ڪندي، پاڻ کي هڪ سماجي جانور مان بدلائي انسان جو درجو ماڻين ٿا. حقيقت ۾ رڳو پنهنجيءَ ذات کي شعوري سفر ذريعي هڪ انسان جو درجو ڏيڻ سڀ ڪجهه ناهي، اها انسان جي حيوانيت کان انسانيت ڏانهن پهرين وِک آهي، اِهو ان جو پهريون امتحان آهي پر اصل منزل ۽ درجو هڪ نئين انسان جي تعمير سان گڏ دراصل هڪ نئين انساني معاشري جي اڏاوت آهي. ڇاڪاڻ ته هڪ فرد ڪيترو به ذهني ۽ شعوري طور وڏو ٿي وڃي، جهالتن ۽ عقيده پرستين کان آزاد ٿي وڃي پر جي اُهو هڪ غلام، توهم پرست ۽ پسمانده معاشري جو فرد آهي ته پوءِ هن جي فقط انفرادي شعور ۽ ذهني بلوغت جو ڪهڙو ڪارج؟ اِهو ته بلڪل ايئن آهي، جيئن هڪ ماڻهو گندي ۽ گدلي ماحول ۾ صحتمند رهڻ جي خودفريبي ڪري، جيڪو ممڪن ناهي. جديد يورپي لبرل فڪر ۾ اهو ئي هڪ بنيادي جهول آهي، جنهن کي سماجواديت جي فڪر پورو ڪيو. ان ڪري شعور پنهنجي سِر به عظيم لقاءُ آهي پر “شعور جو سماجي ڪارج” دراصل هڪ بنيادي سوال آهي. علم، عقل يا ڏاهپ جي دنيا جا سمورا وڏا ماڻهو توهان کي رڳو شعور جي ڳولا ۾ رُڌل نه پر ان جي سماجي ڪارج لاءِ زندگيون ارپيندي نظر ايندا. جيڪڏهن سنڌي سماج ۾ انساني شعور جي سماجي ڪارج جو ڪو مثالي اهڃاڻ آهي ته اُهو محمد ابراهيم جويو آهي، جنهن سڄي ڄمار ڏينهن جو پنهنجي وطن، عوام، ٻوليءَ، ادب ۽ انساني ڏاهپ لاءِ خواب ڏسندي ۽ انهن جي ساڀيان لاءِ اڻ ڳڻين راتين جو پنهنجو نور نِچوئيو آهي. گذريل 27 سالن کان ته سندن ويجهو هئڻ سبب مان پاڻ ان جو شاهد آهيان، جڏهن ته رسول بخش پليجي، شيخ اياز ۽ سراج جي نسل کان وٺي ويندي وڇڙي ويل نوجوان دانشور عاصم آخوند تائين هر نسل اِها شاهدي ڏيندي نظر ايندو. پنهنجي نظرين ۽ آدرشن ۾ ايڏو پختو ويساهه مون سنڌ ۾ فقط چند ماڻهن ۾ ان درجي تي پهتل ڏٺو ۽ اِهو ئي شايد سندن وَڏَ-ماڻهائپ جو بنياد ۽ محرڪ آهي. جيڪڏهن مان سائين محمد ابراهيم جويي جي سموري زندگيءَ کي هڪ جملي ۾ سهيڙيان ته مان چوندس ته هن جي زندگي “وطنيت، عقليت ۽ دنيائيت (سيڪيولرازم)” جي بنياد تي سنڌ ۾ شعور سازيءَ جو سَڦلائتو سفر آهي، جيڪو ظاهر آهي ته بيهجڻو ۽ ختم ٿيڻ وارو ناهي، ڇاڪاڻ ته هو ان فڪر جا ٻِجَ ايترن ته نسلن ۽ سندن دلين، دماغن ۽ روحن ۾ پوکي چڪو آهي، جو اِهي پهرين مرحلي ۾ ڪَڻن مان ڪيچَ ٿيا ۽ اڳتي، ڪيچن مان ڪرار ٿيندا. انهيءَ ڪري مان سنڌ ۾ فڪري نشاطِ الثانيه جي پهرين دور ۾ ٽن ماڻهن کي شمار ڪريان ٿو، يعني هڪ مرزا قليچ بيگ، ٻيو علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ٽيون محمد ابراهيم جويو. (جڏهن ته سنڌ ۾ نئين سجاڳيءَ جي ٻئي دور ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، سائين جي ايم سيد، محمد عثمان ڏيپلائي، رسول بخش پليجو ۽ شيخ اياز اچي وڃن ٿا.) سائين جويو صاحب انهن ۾ به ان ڪري منفرد هو جو هن جو نه رڳو مطالعو تمام وسيع، ڳوڙهو ۽ گِهرو هو پر اُهو پنهنجي هم عصر عالمي انساني تاريخ جي سڀ کان عظيم روايت سان ئي سلهاڙيل هو. هن جي فڪر جون پاڙون جتي هزارين سالن جي وطنيت جي فڪر ۾ کُتل هيون، اُتي هن جي سوچ ۽ شعور جون ڌارائون سترهين صديءَ جي عقليت پسندي، ارڙهين صديءَ جي ماديت پسندي، اڻويهين صديءَ جي دنيائيت ۽ مارڪسيت ۽ ويهين صديءَ جي سماج واديت سان پڻ سلهاڙيل هيون ۽ انهن ئي مختلف فڪري روايتن مان اُسريل گڏيل ڏاهپ جو نالو محمد ابراهيم جويو آهي. هونئن ته سائين جويي صاحب پنهنجي اَٺن ڏهاڪن جي شعوري زندگيءَ ۾ انيڪ شعبن ۾ ڪم ڪيا، ملازمتون ڪيون، ادارن ۾ رهيو پر ڏٺو وڃي ته هن جا اِهي سمورا دورَ، شعبا، ادارا ۽ ڪمَ بظاهر مختلف هئا پر حقيقت ۾ هن جو ڪم ۽ مقصد بنيادي طور هڪ ئي رهيو ۽ اهو هو سنڌ ۾ شعورسازي. لطيف سائينءَ شايد اهڙن ماڻهن لاءِ ئي چيو آهي ته: “جَڳَ سين جهڙو جَڳُ، هيئين سين هُتِ چَري!” يعني اهڙا ماڻهو بظاهر ته صفا سادا، عام ۽ جڳَ جهڙا هوندا آهن پر دراصل هنن جي دل، شعور ۽ روح جي “ڪِرت” ڪا ٻي هوندي آهي ۽ هنن جو جسم بظاهر ڪٿي به هجي، ڪهڙي به ڪم ۽ حال ۾ هجي پر هنن جو مَنُ ڪنهن ٻئي هنڌ چَرندو آهي ۽ اهو “ٻيو هنڌ” ڪهڙو آهي؟ اُهو ٻيو هنڌ اُهو اعليٰ شعور آهي، جيڪو زماني کان ڪَٽجي به نه ٿو بيهي ۽ اُنهن جهڙو رواجي ۽ روايتي ٿئي به نه ٿو. اهڙا ماڻهو لطيف جي ٻوليءَ ۾ بظاهر عام ۽ دراصل اندر ۾ خاص هوندا آهن، جڏهن ته ان جي اُبتڙ دنيا جا رواجي ۽ سطحي ماڻهو ظاهري ڏيک ۾ “خاص” ۽ اندر ۾ “عام” هوندا آهن. بس اِهو ئي فرق آهي انهن ٻن قسمن جي ماڻهن ۾، جن جون ذڪر مون مُنڍ ۾ ڪيو آهي. محمد ابراهيم جويو سڄي ڄمار ڏسڻ ۾ ۽ ظاهري صورت ۾ عام رهيو، پنڌ هليو، ملازمتون ڪيائين، ادارا هلايائين پر هو خاص ڇا ۾ هو ۽ آهي؟ ان جي شاهدي هن جي هڪ صديءَ جي حياتي ڏئي ٿي، سندس فڪري ۽ قلمي پورهيو ڏئي ٿو، سنڌ جا اُهي ڪيترا نسل ڏين ٿا، جن کي هن جي فڪر موهيو ۽ تبديل ڪيو. ان جي ڏِکَ هن جي اُها وطن، قوم، عوام، عقليت، ماديت ۽ دنيائيت سان اُها اٿاهه ڪمٽمينٽ ڏئي ٿي، جيڪا رڳو “انڌا” ڏسڻ کان وانجهيل آهن. گذريل اَٺن ڏهاڪن کان سنڌ ۾ ڪهڙو روشن خيال ۽ ترقي پسند ماڻهو آهي، جيڪو اِها دعويٰ نه ڪندو ته سندس فڪري تربيت ۾ سائين محمد ابراهيم جويي جو سڌي يا اڻ سڌي طرح (ڪتابن ذريعي) بنيادي هٿ نه رهيو آهي. منهنجيءَ نظر ۾ گذريل مُني صديءَ کان سنڌ ۾ شعورسازيءَ جي سلسلي ۾ سائين جويي صاحب جا هيٺيان ڪم بنيادي حيثيت رکن ٿا.. هڪ استاد جو ڪم رڳو ٻارن يا شاگردن کي نصابي ڪتاب پڙهائڻ ناهي پر دراصل اُنهن جي شعورسازي ڪرڻ آهي. اِهو ڪم اُهو ئي استاد ڪندو، جنهن جو نه رڳو مطالعو وسيع هوندو پر جنهن کي پنهنجيءَ قوم ۽ عوام سان عشق هوندو ۽ جيڪو ٻارن ۽ شاگردن جي شعورسازيءَ کي قومي اڏاوت جو بنياد سمجهندو. سنڌ ۾ اهڙن مثالي اُستادن ۾ جويو صاحب سِرموڙ حيثيت رکي ٿو. 1938ع ۾ جڏهن هو سنڌ مدرسي ۾ استاد مقرر ٿيو ته هن جي شعورسازيءَ جو ٻيو وڏو ثبوت ڪهڙو هوندو جو هن اُتي رسول بخش پليجي جهڙا مدبر شاگرد پيدا ڪيا. جويو صاحب سڄي ڄمار جتي به رهيو آهي، اُتي هن هڪ مثالي فڪري استاد ۽ شعورساز اداري جيان ڪم ڪيو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ جديد قومي سوچ ۽ وطنيت بابت 50ع جي ڏاهڪي کان وٺي سڀني کان وڌيڪ سائين جي ايم سيد لکيو پر اِها حقيقت آهي ته سنڌ ۾ قوميت جو روشن خيال فڪر پهرين پهرين سائين جويي صاحب ڏنو. اها ورهاڱي کان به اڳ جي ڳالهه آهي، جڏهن هن “سنڌ بچايو- کنڊ بچايو” جهڙا ۽ ٻيا شاهڪار مقالا لکيا، جڏهن ته اُن دور ۾ خود سائين جي ايم سيد تي به مذهبي قوميت ۽ ٻه قومي نظريي جو وڏو اثر هو. ايئن گذريل ست ڏهاڪا جويي صاحب وطنيت ۽ قوميت جي شعور جي روشن خيال ۽ ترقي پسند سوچ تحت آبياري ڪئي آهي، جنهن جو مثال هن جا سوين مضمون، مقالا ۽ “شاهه، سچل، سامي” جهڙا ڪتاب آهن. هن ورهاڱي کان اڳ مذهب کي قوميت، سياست ۽ رياست کان جدا ڪرڻ جو جديد سيڪيولر شعور ڏنو. هن ورهاڱي کان اڳ قوميت ۽ فسطائيت ۾ فرق سمجهايو ۽ سنڌ جي وطنيت ۽ قوميت کي انسان دوست ۽ سيڪيولر بنيادن تحت پيش ڪيو. سنڌي ادبي بورڊ جي ۽ شايد سنڌي سماج جي خوشبختي هئي جو ان کي پنهنجي قيام شرط 1951ع ۾ جويي صاحب جهڙو ڏاهو سيڪريٽري مليو. جويو صاحب پهرين مرحلي ۾ ڏهه سال (1951-1961ع) ۽ ٻئي مرحلي ۾ (1963-1967ع) سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري رهيو ۽ مان سمجهان ٿو ته اهو دور جويي صاحب جي فڪري، ادبي، علمي ۽ تخليقي ڪم جو عروج وارو هو. هن سنڌي ادبي بورڊ جهڙي سرڪاري اداري کي سنڌ ۾ نئين سجاڳيءَ (Renaissance) جي هڪ سگهاري مورچي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. اُن دور جو مهراڻ، “جادو ۽ سائنس” جهڙن ڪتابن جي ترجمن ۽ سنڌ جي تاريخ بابت اسڪيمون، جديد ترقي پسند ۽ روشن خيال ادب جي ترويج ذريعي سنڌ ۾ جويي صاحب جيڪا ادبي، علمي ۽ فڪري شعورسازي ڪئي، ان جو ٻيو ڪو مثال نه ٿو ملي. اِهي چوڏنهن سال جويو صاحب سنڌي ادبي بورڊ کي جنهن عروج تي کڻي ويو، اُهو عروج ادبي بورڊ وري ڪڏهن نه ماڻي سگهيو. جيتوڻيڪ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، لُغت ۽ گرامر تي گهڻو ۽ بنيادي ڪم ڪاڪي ڀيرومل، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، سراج ۽ ڊاڪٽر محبت ٻُرڙي ڪيو پر ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سنڌي ٻوليءَ بابت قومي سطح تي عاشقانه حساسيت پيدا ڪرڻ ۽ ان جي نثر جي اوسر ۾ سائين جويي صاحب جو به بنيادي هٿ رهيو ۽ ان کي اسان سنڌ ۾ لسانياتي شعورسازي چئي سگهون ٿا. مان نه ٿو سمجهان ته سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ جويي صاحب جي پايي جو ڪو ايڊيٽر رهيو هجي. هن شخص کي ئي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن سوين نوجوان ته پنهنجي جاءِ تي پر سائين جي ايم سيد، ايم ايڇ پنهور، ڊاڪٽر جي ايم مهڪريءَ ۽ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جهڙن وڏن عالمن جي سنڌي توڙي انگريزي ڪتابن کي پڻ ايڊٽ ڪيو. جويي صاحب جي مثالي پروف ريڊنگ پڻ دراصل هن جي ايڊٽنگ جي فن جي ڪمال جو حصو آهي. سنڌي ٻوليءَ کي اهڙو پارکو ايڊيٽر وري شايد ورلي ملي سگهي. جويو صاحب بنيادي طور پاڻ هڪ مفڪر، دانشور ۽ اديب ته آهي پر دراصل هو بنيادي طور اديبن ۽ تخليقڪارن جو فڪري استاد ۽ سندن ٻوليءَ جو پارکو رهيو آهي. تڏهن ته شيخ اياز چيو هو ته جڏهن سندس لکيل ڪا سِٽ جويو صاحب پڙهي پنهنجي پارکو نظر سان ان تي مُهر ثبت ڪندو آهي تڏهن هن کي ان جي ابديت جو يقين ٿي ويندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن نه رڳو غيرافسانوي فڪري ادبي تخليق ڪيو آهي پر تخليقڪار پڻ اُتساهيا آهن ۽ اهو ڪم ڪو اعليٰ پايي جو تخليقي شعورساز ئي ڪري سگهي ٿو. سنڌي ۾ دنيائيت (سيڪيولرزم) جي فڪر جو سڀ کان وڏو پرچارڪ سڄي ڄمار سنڌ ۾ سائين محمد ابراهيم جويو رهيو آهي. گهڻا ماڻهو فڪري بي سمجهيءَ سبب تصوف ۽ سيڪيولرزم کي هڪ ئي فڪر تصور ڪندا آهن، جڏهن ته اِهي “انساني رواداريءَ” جو ساڳيو قدر رکڻ باوجود بنيادي طور ٻه ڌار فڪري نظام آهن سيڪيولرازم هڪ جديد سياسي فڪر آهي، جنهن جو گهڻو واسطو رياست ۽ سماج سان آهي. جڏهن ته تصوف جو گهڻو زور فرد جي داخليت تي آهي. سنڌ ۾ سيڪيولر تصور کي سڀ کان اڳ متعارف به سائين جويي صاحب ڪرايو ۽ سڄي ڄمار ان جو پرچارڪ به سڀني کان وڌيڪ جويو صاحب رهيو. ان ڪري سنڌي سماج جي هڪ روشن خيال حصي ۾ اڄ جيڪا سيڪيولر سوچ موجود آهي، ان ۾ بنيادي هٿ جويي صاحب جو رهيو آهي، جنهن کي سنڌي سماج جي سيڪيولر شعورسازي به چئي سگهون ٿا. سائين محمد ابراهيم جويي پنهنجي علمي ۽ ادبي زندگيءَ ۾ تمام گهڻا ڪتاب، مضمون، مقالا ۽ شعر سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيا. دراصل ڏٺو وڃي ته جويي صاحب جا اُنهن ترجمن پٺيان ٻه مکيه مقصد هئا، يعني هڪ سنڌي ٻوليءَ جي علمي ۽ ادبي وُسعت ۽ ٻيو ترجمن ذريعي سنڌ جي سماج جي ترقي پسند، فلسفيانه ۽ سائنسي شعورسازي. ان جي ثابتي هن جي ترجمن لاءِ ڪتابن، مقالن، مضمونن ۽ ادب جي چونڊ ۽ اُنهن ڪتابن تي لکيل سندس پارکو مهاڳ آهن. ايملي عرف تعليم، ٻارن جو مسيح، وحشي جيوت جا نشان، فڪر جي آزادي، فلسفي جو ابتدائي ڪورس، علم تدريس مظلومن لاءِ، فرينچ انقلاب ۽ انيڪ مضمون ڏسڻ سان ماڻهو سمجهي ويندو ته جويي صاحب اهڙن ڪتابن ۽ مواد جا ترجما پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ ڇو ٿي ڪرڻ گهريا ۽ ڪيا؟ ان جو سبب پنهنجي ٻوليءَ جي موضوعن کي عالمي روشن خيال فڪري ڌارائن سان ڳنڍڻ هو ۽ خود سنڌ ۾ ان علم ۽ ادب کي شعورسازيءَ لاءِ ڪتاب آڻڻ هو. مون هميشه جويي صاحب کي معياري ترجمن سان عشق ۽ جنون جي حد تائين ڌيان ڏيندي ڏٺو. هڪ سچي دانشور ۽ ڏاهي جو ڪم معروضي سچ ۽ منطقي ڏاهپ جي ڳولا ۽ ان جي حاصلات لاءِ زندگي ارپڻ هوندو آهي. هڪ حقيقي ڏاهو هميشه حق ۽ سچ جي پاسي بيٺل ۽ ان جي حفاظت ڪندي نظر ايندو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته هڪ حقيقي دانشور ڏاهپ کي انفرادي ذهني عياشيءَ جي سامان طور نه پر پنهنجيءَ قوم، عوام ۽ انسانذات جي نجات، واڌاري ۽ شعورسازيءَ ذريعي سڄي زندگي باعمل نظر ايندو. سائين محمد ابراهيم جويي جي زندگي اهڙن ئي مثالي ڳُڻن جو مجموعو نظر ايندي. سنڌ پنهنجي هن عظيم شعورساز استاد، ڏاهي ۽ پارکوءَ جي هڪ صديءَ ۾ پير پائڻ کي پنهنجو ڀاڳ سمجهي ٿي ۽ لطيف جي هنن لفطن سان کيس ڀيٽا پيش ڪري ٿي ته: وَيا جي عميق ڏي، مُنهن ڪائو ڏيئي، تِن سِپون سُوجهي ڪڍيون، پاتاران پيهي، پَسندا سيئي، اَمُلَ اکڙين سين. (لطيف) jchandio@cpcs.org.pk