سنڌ تبديلي آڇي ٿي! ذوالفقار هاليپوٽو حوالو روزانه عوامي آواز سياست تبديليءَ جي مقبول عوامي آرٽ جو نالو آهي، دنيا ۾ هيل تائين جيڪي به تاريخي سياسي تبديليون ۽ عظيم انقلاب آيا آهن، جيڪي به شورشون ٿيون آهن، تحريڪون هليون آهن ۽ خانه جنگيون ٿيون آهن، تن پٺيان بنيادي محرڪ تبديلي آڻڻ هو. هر انسان قدرت جي نظام جي هڪ اهم حصي طور هڪ خاص وقت تائين اسٽيٽسڪو کي برداشت ڪري ٿو، مخصوص حالتن ۽ ڪمپرومائيزز هيٺ جبر، ناانصافي ۽ زيادتي برداشت ڪري ٿو ۽ پوءِ هڪ خاص گهڙيءَ ۾ هو اسٽيٽسڪو جي پيٽ ۾ اهڙو ٺوشو هڻي ٿو جو ڪايا پلٽ ( Paradigm shift ) اچيو وڃي. پوءِ ان اسٽيٽسڪو کي برقرار رکڻ واري سياسي نظام، قيادت، پارٽي يا محبوب اڳواڻ ڪيترو به جيءَ کي پيارو ڇو نه هجي، ماڻهو وڏي سختيءَ سان ان جو ٺانٺو ڦٽايو ڇڏي. پنهنجي ئي محبوب نظرئي ۽ قيادت جي ٺانٺي ڦٽائڻ واري عمل جي بنيادي محرڪن کي سمجهڻ لاءِ ڪنهن به راڪيٽ سائينس ڊگري جي ضرورت ناهي، ان جو بنيادي سبب سادو، صاف ۽ چٽو آهي، اهو سبب هيءُ آهي ته جڏهن ماڻهو پنهنجو سياسي، سماجي ۽ معاشي حقن ۽ اختيار کي هٿن مان ويندي ڏسي ٿو ته هو مزاحمت ڪري ٿو، هو ذاتي مفادن يا گهرجن بابت ٿيندڙ ظلم کي ته ڪافي حد تائين برداشت ڪري ٿو ۽ پوءِ جڏهن قوم يا وطن جي گڏيل مفادن، سالميت يا اختيار کي ڪير چيلنج ڪري ٿو ته ذاتي ڪاوڙ، گروهي رنجشن ۽ بيڪ لاگ ۾ جمع ٿيل تاريخي ناانصافين ۽ زيادتين جو پورو پيڪئج، ان احتجاجي ڪاوڙ ۽ تحرڪ سان جوڙي ڪنهن به وڏي تبديلي لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. اهڙي ئي اهم صورتحال اڄڪلهه سنڌ ۾ آهي، جتي تاريخ پنهنجي مڪمل ستم ظريفيءَ سان سنڌي ماڻهن کي ان حڪومت، سياسي قيادت، نظرئي ۽ پارٽي خلاف اٿاري بيهاريو آهي، جنهن پارٽي پٺيان سنڌي قوم 40 ورهيه ان اميد سان گڏ گهاريا ته اها جماعت، ان جو نظريو ۽ قيادت سنڌي قوم ۽ مادر وطن جي سمورن سياسي، سماجي، معاشي، آئيني ۽ اخلاقي حقن جو تحفظ ڪندي. تاريخ جي بي رحمي ڏسو، جن وزيرن مشيرن ۽ ميمبرن کي هزارين ماڻهو پنهنجي ڪلهن تي چاڙهي انهن منزلن تي پهچايو، اڄ ساڳيا ماڻهو انهن ميمبرن، مشيرن، وزيرن ۽ اڳواڻن جي گهرن تي جوتن جا هار ۽ توا ٽنگي رهيا آهن، اڄ اهي همراهه پنهنجو محفوظ ترين پناهه گاهن، يعني پنهنجي سياسي تڪن ۾ لوڪ کان لڪندا وتن. اڄ تاريخ جو بي رحم احتساب ڏسو ته جنهن سياسي جماعت جي قيادت تي سڏ جي سنڌي سدائين لبيڪ چوندا رهيا. اڄ انهي سياسي جماعت جي موجوده قيادت تي سنڌين عدم اعتماد جو مظاهرو ڪيو آهي. آخر ائين ڇو ٿيو؟ ان ڳالهه جو سياسي ۽ سائنسي نقط نگاهه کان جائزو وٺڻ تمام ضروري آهي. ان تازي جنگ، جنهن ۾ سدائين آمريتن ۽ مارشلائن ۽ زنجيري طاقت ۾ حڪومتن سان وڙهندڙ سنڌي، اڄ ڇو پنهنجي ئي ووٽ رستي چونڊيل حڪومت سان مهاڏو اٽڪائي رهيا آهن؟ انهن فيڪٽرز کي سمجهڻ لاءِ به ڪنهن راڪيٽ سائينس ڊگري جي ضرورت ناهي، رڳو سادي انداز ۾ ڪامنسينس سان عقلي جائزي وٺڻ جي ضرورت آهي. سنڌي پنهنجي روح ۾ هڪ سيڪولر، روشن خيال، ترقي پسند، جيو ۽ جيئڻ ڏيو واري فلسفي ۽ عالمگيريت ۾ يقين رکندڙ قوم آهي، ان جو همعصر سياسي تاريخ جي دور ۾ جائزو وٺجي ته واضح نظر ايندو ته سنڌ سدائين امن پسند، انسان دوست، جمهوريت پسند ۽ آمريت سان مهاڏو اٽڪائيندڙ پروسيس جو حصو رهندي آئي آهي، ون يونٽ، ايوب، يحيٰ، ضياءَ، مشرف جون خوني آمريتون ۽ مارشل لائون هجن يا نواز شريف ۽ پيپلز پارٽي جي آمراڻي جمهوريت هجي، سنڌين سدائين حق جو پاسو کنيو آهي ۽ انصاف ۽ قانون جي بالادستي لاءِ واجهايو آهي. جڏهن 2008ع جي چونڊن ۾ سنڌ پيپلز پارٽي جي حق ۾ ووٽ ڏنو ته قوم ان مينڊيٽ ڏيڻ مهل چار بنيادي سياسي اصول پڌرا ڪيا. سنڌين پنهنجي مينڊيٽ ذريعي پيپلز پارٽي جي موجوده قيادت اڳيان واضح انداز ۾ رکيا. اهي واضح سياسي اصول هن ريت هئا. (1) سنڌ ۾ ائين ئي (ايم ڪيو ايم کان سواءِ) نج پج سنڌين جو اقتدار جڙندو، جيئن 2002ع ۾ پيپلز پارٽي کان سواءِ سنڌ ۾ ٻيون ڌريون اقتدار ۾ آيون هيون. سنڌين واضح انداز ۾ ٻڌايو ته جئين پيپلز پارٽي کان سواءِ 2002 جي حڪومت هلي سگهي ٿي ته هاڻ 2008 ۾ ايم ڪيو ايم کان سواءِ به سنڌ هلي سگهي ٿي ۽ اهو تاثر ختم ٿيڻ گهرجي ته ايم ڪيو ايم اقتدار ۾ ڀائيوار نه هوندي ته سنڌ ۾ امن نه ٿي سگهندو. (2) ٻيو اصول هي هو ته پيپلز پارٽي اقتدار ۾ اچڻ شرط ئي شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي قاتلن کي پنهنجي منطقي انجام تائين پهچائيندي. (3) ٽيون اصول اهو طئي ٿيو هو ته پيپلز پارٽي عوامي مينڊيٽ وسيلي سياسي ۽ آئيني فيصلن لاءِ خودمختيار حيثيت رکندي، اهي سڀ فيصلا واپس وٺندي، جيڪي هڪ نسل پرست فوجي آمر سنڌ کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڪيا، جنهن ۾ سنڌ کي انتظامي طور ٻن حصن ۾ ورهائڻ ۽ شهرن کي فاشسٽ گروهه حوالي ڪري شهرن کي خودمختيار حيثيت ڏيڻ هو. (4) چوٿون بنيادي اصول هي طئي ٿيو هو ته سنڌ جيڪا ٻارنهن سالن تائين هڪ نسل پرست آمر سان وڙهندي گهڻو ڪجهه وڃايو آهي، تنهنڪري نئين ۽ سنڌين جي ووٽ هيٺ چونڊيل عوامي حڪومت صوبي ۾ بهترين طرز حڪمراني رائج ڪندي، سنڌ جي حڪمراني ملڪ جي سڀني ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ هڪ آئيڊيل سياسي حڪمراني هوندي ۽ سنڌي سماجي معاشي طور پاڻ ڀرا ٿيندا، سنڌ ۾ خوشحالي ٻيهر موٽ کائيندي. پر بدقسمتيءَ سان اقتدار جي غلام گردشن پيپلز پارٽي کي اهڙو ته ڍڪ پياريو جو هن جماعت جي حڪومت ا نهن چئن ئي واعدن مان هڪ کي به پورو نه ڪري سگهي، سنڌي سماج سياسي طور وڌيڪ ڪمزور، معاشي طور بدحال ۽ سماجي طور غريب ٿيندو ويو. پنهنجي ئي چونڊيل حڪومت ۾ سنڌ جي ان برباديءَ جا ڪارڻ هي هئا: سنڌ اندر مڪمل، آزاد ۽ ڪل اختياري حڪومت ٺاهڻ جي سگهه هوندي به پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم کي پاور ۾ شريڪ ڪيو، جنهن هٿان مشرف دور ۾ سنڌي ماڻهن سان ٿيل ذيادتين جا ڦٽ اڃا تازا هيا، سنڌين سدائين سنڌ سان محبت ڪندڙ اردو ڳالهائيندڙن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي مينڊيٽ کي يرغمال ڪندڙ دهشتگرد ۽ فاشسٽ ٽولي خلاف سدائين جهيڙو ڪيو آهي. انهيءَ ٽولي جنرل مشرف جي دور ۾ سنڌ کي انتظامي طور ٻن حصن ۾ ورهائي، سنڌ جي شهرن کي هڪ مخصوص دهشتگرديءَ واري انداز سان ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هنن جي نيت ۾ سنڌ جو ورهاڱو شامل هو ۽ سنڌي ان سمورين سازشن کان واقف هيا. ان ٽولي کي اقتدار ۾ شريڪ ڪرڻ شرطه ئي سنڌي ماڻهن کي پيپلز پارٽي تي شڪ ٿيڻ شروع ٿيا، ان کان پوءِ جيئن مسلسل ايم ڪيو ايم شهرن مان ٿيندي سڄي سنڌ جي فيصلا سازي تي قابض ٿيندي وئي ۽ اقليت جي فيصلن کي اڪثريت جي جائز ۽ آئيني خواهشن ۽ احساسن مٿان مڙهيو ويو، ان صورتحال تقريبن چار سال سنڌين کي آتش فشان وانگر ڪاڙهيو ۽ سنڌي صبر ڪندا رهيا پر اها اميد رکندا آيا ته متان حڪمرانن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ اچي ۽ هو پنهنجي سياسي طاقت ۽ سنڌ جو مينڊيٽ ائين ٻين حوالي نه ڪن. پر بدقسمتي سان پيپلز پارٽي جي موجوده قيادت جي ناقص ساڃاهه ۽ ڏاهپ جو حال اهو هو جو هو سنڌي ماڻهن جي ان صبر کي سمجهي نه سگهيا ۽ هو سنڌين جي مينڊيٽ کي ”مال غنيمت“ سمجهي هر هڪ فيصلي ۾ سنڌ کي نقصان پهچائيندا رهيا ۽ ٻئي پاسي جنهن مهل به حڪمرانن مٿان ڏکيو وقت آيو ٿي ۽ سندن اقتدار ۽ طاقت کي ٿورڙو به ڇيهو رسيو ٿي ته هنن سنڌي ٽوپي اڳيان ڪري سنڌ ڪارڊ کي استعمال ڪيو ٿي. ٻي ڪاوڙ جيڪا مسلسل چئن سالن کان سنڌ جي ماڻهن جي روح ۾ پلجي رهي آهي، سا بينظير ڀٽو صاحبه جو قتل آهي. سنڌ ۽ ملڪ ته ڇا پر سموري ڏکڻ ايشيا جي محبوب اڳواڻ کي ائين ماري ڇڏڻ ۽ اڃا تائين ڪو داد فرياد نه ٿيڻ جو غم اڃا تائين برقرار آهي. اڄوڪي احتجاج ۾ اهو غصو ۽ ڪاوڙ به شامل آهي، جيڪو حڪمرانن جي سمجهڻ کان رهجي ويو آهي. اهو شايد ان ڪري آهي جو اقتدار جي چمڪ اکين، ذهن ۽ سمجهه تي چرٻي چاڙهي ڇڏي ٿي. موجوده پيپلز پارٽي حڪومت طرفان محترمه جي شهادت جي ڪيس جي حوالي سان ڪنهن وڏي پيش رفت کان گسائڻ، مفاهمت جي نالي ۾ جنرل پرويز مشرف تي هٿ هلڪو رکڻ. بين الاقوامي طاقتن جي دٻاءَ جي نتيجي ۾ بي بي جي ڪيس کي سرد خاني ۾ رکڻ، جن ماڻهن کي بي بي شهيد پنهنجي قتل جي سازشن جي اهم ڪردارن طور وصيت ۾ نامزد ڪيو، انهن کي اقتدار ۾ ڀائيواري ڏئي مسند تي ويهارڻ. محترمه جا قاتل پروٽوڪول ۾ توبن جي سلامي ۽ فوجي سلوٽن ۾ پوري دنيا ۾ ليڪچر ڏئي رهيا آهن ۽ سنڌي عوام بي بي جي رت جي رائيگان ٿيڻ جو خوف ۽ خدشو ذهن ۾ رکي رياست جي بيرحم ۽ بي انصافي تي ٻڌل نظام سان نفرت ڪري ٿو.اها پوري ڪاوڙ اڄوڪي احتجاج ۾ شامل آهي. اهي سڀ اهڙا فيڪٽرز آهن، جن جي نتيجي ۾ سنڌي ماڻهن جي ڪاوڙ هڪ پيڪيج طور هڪ هنڌ گڏ ٿيندي پئي وئي. ٽيون اهم فيڪٽر به پاڻ سڀني آڏو آهي ته پيپلز پارٽي کي (90 ايم پي ايز ڏئي) سنڌين ان خيال سان اسيمبلي ۾ موڪليو ته هاڻ بج پج سنڌين جي حڪومت هوندي. اردو ڳالهائيندڙن جي حقن جو تحفظ ضرور ٿيندو ۽ ايم ڪيو ايم جو مينڊيٽ به اکين تي پر حڪومت ۾ ڪو به ڀاڱي ڀائيوار نه هوندو ۽ هاڻ ايم ڪيو ايم ۽ اسٽيبلشمينٽ به ائين ئي سنڌين جي حقيقي مينڊيٽ کي برداشت ڪري جيئن 2002 جي چونڊن کان پوءِ سنڌين هڪ جڙتو مينڊيٽ کي برداشت ڪيو هو. پر مرڪز ۾ حڪومت بچائڻ جا بهانا ڪري مفاهمت ۽ مصلحت جي بهاني سنڌين جي مينڊيٽ جي توهين ڪئي وئي ۽ نه رڳو ايم ڪيو ايم کي حصيدار جي ڏني وئي پر عملي طور پوءِ سنڌ ايم ڪيو ايم حوالي ڪئي وئي. چوٿون فيڪٽر سنڌ اندر چئن سالن کان جاري بدترين طرز حڪمراني آهي.سنڌين سمجهيو هو ته پيپلز پارٽي اقتدار ۾ اچي سنڌين کي خوشحال ڪندي، نوجوانن کي روزگار ڏيندي، ماڻهن کي ميرٽ تي نوڪريون ملنديون. غريبن جي داد رسي ٿيندي. ٽرانسفر پوسٽگز تي رشوت نه ورتي ويندي. نوڪرشاهي عوامي ضابطي هيٺ هوندي، سنڌ جي شهرن ۾ ايم ڪيو ايم پاران ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ سنڌين جي داخلائن تي لڳايل غير آئيني، غير اخلاقي ۽ غير قانوني پابندين جو خاتمو ايندو، سنڌ جون ٻهراڙيون شهرن وانگر خوشحال ٿينديون، ڪارو ڪاري، جرڳا، قبائلي جهيڙا ۽ سنڌي ماڻهن جي ڳوٺن، واهڻ وستين ۾ قانون ۽ انصاف جي حڪمراني هوندي. پر اهي سڀ خواب اڌورا رهجي ويا ۽ ماڻهو ان حد تائين مايوس ٿي ويا جو چوڻ لڳا ته هنن کان ته مشرف بهتر هو، جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ آمر خلاف جنگ جو جذبو ته جوان هو، جيڪو پنهنجي ئي چونڊيل حڪومت خلاف استعمال ڪرڻ مناسب نٿي لڳو. نيٺ سنڌي ماڻهن جو صبر ٽٽو ۽ پنهنجي حقن ۽ وطن تي آيل ڏکين گهڙين کي سامهون رکندي ۽ پنهنجي چونڊيل حڪومت جي چئن سالن جي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي ڏسي نيٺ سنڌي قوم پنهنجي روايتي ٻڌي ۽ اتحاد ڏانهن موٽ کاڌي ۽ پاڻ سڀني ڏٺو ته گهرشماري واري معاملي کان وٺي هاڻ سنڌ ۾ مشرف واري ناظمي نظام جي بحالي واري فيصلي خلاف تاريخي تحرڪ تائين سنڌي ڪيئن ته مادر وطن جي بقا لاءِ هڪ ٿيا آهن. اهو ڪيئن ممڪن هو ته سنڌ مسلسل اهڙو نظام ۽ استحصال برداشت ڪندي اچي. هاڻ هن ڪاوڙ مان سنڌي قوم کي جيڪي بنيادي سياسي فائدي پهتا آهن، انهن مان منهنجي نظر ۾ هيٺيان نقطا اهم ترين آهن. (1) آصف علي زرداري ملڪي ۽ غير ملڪي حالتن ۾ تبديليءَ جي نتيجي ۾ جڏهن جڏهن به ڪنهن وڏي سياسي ۽ عسڪري دٻاءَ ۾ آيو آهي ۽ سندس حڪومت جڏهن به ڪمزور ٿيڻ محسوس ڪيو آهي ته هنن سنڌي ٽوپي ۽ سنڌ ڪارڊ جو استعمال ڪري پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪئي آهي. سنڌي اهو چوندا رهيا ته اسان کي رڳو دٻاءَ جي ڪيفيت ۾ استعمال نه ڪيو پر عام حالتن ۾ سياسي ساڃاهه ۽ حڪمت عملي سان سنڌ کي ائين پنهنجو ڪيو جو سنڌي قوم ۽ وطن کي تحفظ محسوس ٿئي. ائين نه ڪرڻ ۽ سنڌ جي جائز مطالبن جي مڃتا کان مسلسل ڪن ٽار جي نتيجي ۾ اڄ جڏهن ناظمي واري نظام جي بحالي واري معاملي تي سنڌ پنهنجي ئي چونڊيل حڪومت خلاف کڙي ٿي آهي ته نياپو ۽ سياسي پيغام بنهه چٽو ۽ واضح آهي ته NO MORE SINDH CARD هاڻ سنڌي ٽوپي پائي سنڌ کي استعمال ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي ۽ سنڌ سان هڪ سنجيده سياسي ڪانٽريڪٽ طئي ڪيو وڃي. (2) پوري ملڪ ۾ عام راءِ هئي ته سنڌي هر حالت ۾ موجوده حڪومت جو ساٿ ڏيندو، ڇاڪاڻ ته حڪومت سنڌ جي آهي، اهو نسل پرستي وارو تاثر سنڌ جي لاءِ انتهائي هاڃيڪار هو ۽ سنڌي ماڻهو، سياسي ڌريون، سول سوسائٽي ۽ ساڃاهه وند اهو مسلسل چوندا ۽ لکندا آيا ته ملڪ هڪ بدترين ڊگهي آمريت کان پوءِ ڪنهن جمهوري راهه تي آيو آهي ۽ سنڌ خاص طور تي مشرف جي آمريت سان وڙهندي وڙهندي هڪ وڏي عرصي کان پوءِ ساهه پٽيو آهي، تنهن ڪري، عوامي چونڊيل حڪومت کي ٿورڙو اسپيس ڏنو وڃي. بدقسمتي سان سنڌ جي ان حيقيت پسنداڻي ۽ سياسي دانش واري خيال کي پيپلز پارٽي ”گهر ڪي مرغي دال برابر“ سمجهي درگذر ڪيو ۽ سمجهيو ته جمهوريت جي آڙ ۾ سنڌي ماڻهن جو سدائين پيو استحصال ڪبو. سنڌين جي ساهي پٽڻ واري عمل کي پيپلز پارٽي ونگار سمجهيو ۽ هاڻ جڏهن سنڌين پاڻ کي حڪومت کان ڌار ڪري بيهاريو آهي ته ان جو فائدو اهو ٿيو آهي ته زرداري حڪومت سڀاڻي پنهنجي هر عمل جي فائدي ۽ نقصان جي پاڻ ذميوار هوندي ۽ سنڌ سندس کاتي ۾ بيگناهه ڪو نه لوڙيندي. (3)ٽيون اهم فائدو هي ٿيو آهي ته ايم ڪيو ايم سوڌو ملڪ جي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ کي سنڌين اهو واضح نياپو پهچايو آهي ته سنڌ جي وحدت ۽ مادر وطن جي سالميت خلاف جڏهن سنڌي پيپلز پارٽي ۽ بينظير ڀٽو صاحبه جي شهادت جي نتيجي ۾ اقتدار ۾ آيل قيادت جي غلط فيصلن کي بخش نٿا ڪن ته ٻين جو ڇا حشر ٿيندو. هاڻ ان سموري بحران مان سڀئي ڌريون فائدو حاصل ڪرڻ گهرن ٿيون.جيڪو سندن سياسي حق به آهي ته هو حالتن کي پنهنجي پاپولرٽي ۽ سياسي سگهه کي وڌائڻ لاءِ استعمال ڪن. مثال طور عوامي نيشنل پارٽي، جماعت اسلامي، سني تحريڪ ۽ ٻين طاقتور سياسي ڌرين ناظمي نظام تي سنڌين جي موقف جي حمايت ڪندي پاڻ کي سنڌي ماڻهن جي همدردن جي ڪيمپ ۾ بيهاري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي خاموشي ۽ صورتحال جي حساسيت جي نتيجي ۾ سندن ڪنفيوزن کين ٻيهر بند گهٽيءَ ۾ آڻي بيهاريو آهي. هوڏانهن پير پاڳاري جي موقف کي سنڌين پسند ڪيو آهي پر اهو نه وسارجي ته اهو ساڳيو پاڳارو صاحب اڪيلو سنڌي آهي جيڪو ڪالاباغ ڊيم جي مسلسل حمايت ڪندو ٿو اچي. سندس جماعت پرويز مشرف جي دور ۾ هر ان سنڌ دشمن منصوبي جو حصو هئي جيڪو سنڌي قوم جي ٻڌي ۽ مادر وطن جي وحدت کي نقصان رسائڻ لاءِ جڙي رهيو هو. هاڻ سندس حمايت اکين تي پر هو ايندڙ چونڊن ۾ پيپلز پارٽي کي شڪست ڏيڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي. هوڏانهن هن وقت سنڌي قومپرست چارجڊ آهن ۽ سندن موقف ۽ تحرڪ کي سنڌي ماڻهو عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پر انهن مان جيئي سنڌ تحريڪ جا دوست بشير خان قريشي، خالق جوڻيجو، صفدر سرڪي، آريسر ۽ وغيره ته پاڪستان، جمهوريت ۽ چونڊن جي سياست ئي نٿا ڪن. باقي وڃي بچيا سنڌ ترقي پسند پارٽي، عوامي تحريڪ ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جا دوست جن پارلياماني ۽ ووٽ واري سياست ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهي سياسي پارٽيون، سنڌ جي اشوز تي ممڻ مچائينديون ۽ وڏا ميڙاڪا ڪنديون آيون آهن پر ضروري ناهي ته سنڌي قوم جو وطن جي حاڪميت ۽ سالميت لاءِ جاري تحرڪ انهن سياسي جماعتن جي ووٽ بئنڪ ۾ پاڻمرادو تبديل ٿي وڃي يا پيپلز پارٽي خلاف اڄوڪي ڪاوڙ ۽ پيپلز پارٽي جي فيصلن جي مخالفت پارٽي جي ووٽ بئنڪ کي ٽوڙي وجهي. جيڪڏهن فرض ڪيون ته اهو ووٽ بئنڪ ٽٽي به پوي ته ڪهڙي پڪ آهي ته اهو ووٽ بئنڪ ويڪائو وڏيرن، مسلم ليگين ۽ قبائلي سردارن بدران، ووٽ جي سياست ۾ پير وجهڻ لاءِ تيار قومپرستن جي حق ۾ پوي. يا انهن قومپرستن وٽ ان ووٽ بئنڪ کي قابو ڪرڻ جي سياسي تياري، حڪمت عملي ۽ سگهه به آهي يا نه؟ ان ڪري ان سموري صورتحال جي انتهائي باريڪي سان علمي، عقلي ۽ سائنسي بنيادن تي ڇنڊڇاڻ جي ضرورت آهي. مثال طور پختونخواهه جي ماڻهن کي اهو ايڊوانٽيج آهي ته جيڪڏهن هو پيپلز پارٽي جي ڪارڪردگي مان مطمئن ناهن ته پوءِ هنن وٽ عوامي نيشنل پارٽي جو آپشن موجود آهي. جيتوڻيڪ پختونخواهه جي انهن ٻنهي پارٽين جي ڪارڪردگي ۽ نظرياتي پسماندگي جو حال اکين اڳيان آهي، تنهن هوندي به روشن خيال پختونن کي مولوين، مسلم ليگين بدران گهٽ ۾ گهٽ ٻن نام نهاد پروگريسو پارٽين مان ڪنهن هڪ کي ووٽ ڏيڻ جو آپشن موجود آهي. سنڌين وٽ يا ته پيپلز پارٽي آهي يا مسلم ليگي، سنڌ دشمن آزاد وڏيرا ۽ سرمائيدار ايم ڪيو ايم آهي-جيڪڏهن سنڌي قوم جي اڄوڪي تاريخ ٻڌيءَ جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽي جي ٻيڙيءَ ۾ سوراخ ٿيڻ واري تاريخي سياسي موقعي کي قومپرست هڪ بهتر متبادل طور پنهنجي حق ۾ ڪري ويا ته سڀاڻي گهٽ ۾ گهٽ سنڌين وٽ ووٽ لاءِ ٻه آپشنز موجود هوندا. نتيجي ۾ سنڌي ووٽ ۽ پارلياماني سياست، هڪ خطرناڪ جمود ۽ اسٽيٽسڪو مان وڏو ۽ تاريخي ٽپو (Paradigm jump) ڏئي سنڌ جي ته ڇا پر پوري ملڪ جي سياست جا رخ مٽائي سگهي ٿي. اهو موقعو سنڌ، 1970ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي کي ڏنو هو. سنڌ ٻيهر اهو موقعو 1988ع ۾ شهيد بينظير ڀٽو کي ڏنو هو ۽ سنڌ هڪ دفعو ٻيهر ڪنهن بنيادي تبديلي(Qualitative Shift) لاءِ سنبري بيٺي آهي، بس گهرج رڳو اهڙي ڏاهي ۽ دورانديش قيادت جي آهي. zhalepoto@yahoo.com
جواب: سنڌ تبديلي آڇي ٿي! ذوالفقار هاليپوٽو سنڌ جو درد رکندڙ نوجوان آهي۔ سندس فڪري مضمون پڙهڻ وٽان هوندا آهن۔ مان ڪالهه کان وٺي پريشان آهيان ته سنڌ پاران مليل هيڏي وڏي موٽ جو ڇا صحيح استعمال ٿيندو؟ يا قومپرست لڏو ٻيهر الڳ الڳ مورچي تي وڃي هن محنت کي ضايع ڪندو۔ هن وقت ڪنهن مدبرانه فيصلن جي ضرورت آهي جيڪا وقت جي اهم ضرورت آهي۔
جواب: سنڌ تبديلي آڇي ٿي! ذوالفقار هاليپوٽو سنڌ جو درد رکندڙ نوجوان آهي۔ سندس فڪري مضمون پڙهڻ وٽان هوندا آهن۔ مان ڪالهه کان وٺي پريشان آهيان ته سنڌ پاران مليل هيڏي وڏي موٽ جو ڇا صحيح استعمال ٿيندو؟ يا قومپرست لڏو ٻيهر الڳ الڳ مورچي تي وڃي هن محنت کي ضايع ڪندو۔ هن وقت ڪنهن مدبرانه فيصلن جي ضرورت آهي جيڪا وقت جي اهم ضرورت آهي۔