عرفان مهدي جو آپگهات يا قتل؟ جميل گاد جيئي سنڌ هلچل جو اڳوڻو اڳواڻ ۽ بي انتها صلاحيتن جو مالڪ عرفان مهدي 31 جولاءِ 1967ع تي هالا پراڻا ۾ مهدي ميمڻ جي گهر ۾ پيدا ٿيو، عرفان مهدي جي قابليت ۽ صلاحيتن کان اڄ به اهي ماڻهو انڪار ناهن ڪري سگهندا، جن عرفان کي چوويهه ڪلاڪ قومي جدوجهد سان سلهاڙيل ڏٺو هو، يا ننڍي ڄمار ۾ ئي کيس جيئي سنڌ جي اسٽيج تي تقريرون ڪندي ٻڌو هو، عرفان پنهنجي سياسي زندگيءَ جو آغاز 17 سالن جي ننڍي عمر ۾ هالا پراڻا مان ڪيو هو، هو چوويهه ڪلاڪ قومي ورڪرن سان گڏ اديب، شاعر، بهترين مقرر، رومانوي طبيعت جو مالڪ ۽ ننڍي عمر ۾ ئي شاهه جو رسالو حفظ ڪندڙ نوجوان هو، منجهس ليڊن واريون صلاحيتون به هيون، جنهن ڪري ئي تمام جلدي شاگرد سياست جي اُفق تي اڀري آيو، منهنجي به عرفان مهدي سان گهڻي ويجهڙائي ان ڪري هئي ڇاڪاڻ ته تنظيم اندر ٻنهي جو ادب ۽ شاعري سان لڳاءُ، رومانوي طبيعت ۽ هر وقت سرگرم رهڻ وارين عادتن اسان کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻي ڇڏيو هو، گاڏي کاتي حيدرآباد جي گهٽين کان سن تائين، حيدر منزل ڪراچي کان وٺي جيلن ۾ بند اسيرن جي ملاقاتن تائين آئون عرفان مهدي سان گڏگڏ رهيس، عرفان مهدي کي سائين جي ايم سيد به بي انتها چاهيندو هو، صرف بهترين قومي ورڪر هئڻ ناتي سان نه پر ان ڪري به سائين کيس ڀائيندو هو ڇو ته عرفان کي شاهه جو رسالو ياد هو ۽ سائين، عرفان کي آڏو ويهاري کانئس شاهه لطيف جي شاعري ٻڌندو هو. عرفان مهدي 1986ع ۾ باضابطا طور جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو مرڪزي پريس سيڪريٽري مقرر ٿيو، جنهن کان پوءِ پهريون ڀيرو سنڌ سطح تي پنهنجون صلاحيتون مڃائڻ شروع ڪيون، عرفان جي پريس سيڪريٽري ٿيندي ئي جساف پرنٽ ميڊيا تي سمورين شاگرد تنظيمن مٿان حاوي ٿي وئي، شاهه لطيف جي شعرن سان سينگاريل تقريرن سبب هي پنهنجا چاهيندڙ پيدا ڪندو ويو ته ٻئي طرف نه سَهُو ۽ ڪرمنل ذهن وارا ليڊر هن جي اُڀار تي چڙي پيا ۽ هو اندران ئي اندران هن لاءِ دشمنيون پالڻ لڳا پر عرفان ته پنهنجو پاڻ کي جيئي سنڌ هلچل لاءِ ارپي ڇڏيو هو نه ٻارن جو خيال نه پيار جي ڪيل شادي جو فڪر، نه گهر جي سوچ، نه نوڪري جي تمنا ۽ نه ئي کيس بنگلا ۽ گاڏيون ٺاهڻ جو اونو هو، آزادي جي رستي تي هلندي هلندي نيٺ 1990ع ڌاران هن لاءِ ڪرپٽ ماڻهن تنظيمن اندر ماحول انتهائي تنگ ڪري ڇڏيو، کيس ڪتڻ لاءِ الزام تراشين جو سلسلو شروع ڪيو ويو، مطلب ته عرفان مهدي کي تنظيم مان ڀڄائڻ جو مڪمل منصوبو جوڙيو ويو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو هو آهستي آهستي غير سرگرم ٿيندو ويو، هن جي غير سرگرم ٿيڻ ڪري پهريان اهو فرق پيو جو پرنٽ ميڊيا (اخبارن) مان جساف جون سرگرميون غائب ٿيڻ لڳيون، جيڪي هن جي ڪارڪردگي سبب اخبارن جي زينت بڻيل هيون. مئي 1991ع ۾ جساف جي مرڪزي اليڪشن ٿي ته عرفان مهدي پهريون ڀيرو پاسيرو رهيو ۽ ڪنهن به عهدي تي نه بيٺو، ان اليڪشن ۾ هڪ نامي گرامي ڏوهاري بدقسمتي سان جساف جو صدر بڻجي ويو، هڪ ڏينهن لاڙڪاڻي سان واسطو رکندڙ نئين مرڪزي صدر، عرفان مهدي جي ڳل تي چماٽ به وهائي ڪڍي هئي، نيٺ انهن زيادتين ۽ پيڙائن کان پوءِ تنگ ٿي هن پنهنجو انت آندو ۽ 4 آگسٽ 1991ع تي هن ڄامشورو پل تان پنهنجو پاڻ سنڌوءَ حوالي ڪري ڇڏيو. عرفان مهدي پاران ڪيل ان خودڪشي تي ڪنهن کي به يقين نه ٿي آيو، ڇو ته عرفان مهدي بي بها صلاحيتن جو مالڪ هئڻ سان گڏ هڪ زنده دل نوجوان، جيئڻ جو تمنئو انسان ۽ ٻين کي جيئڻ جا گس ڏسيندڙ پڻ هيو تڏهن ته اڪثر ماڻهن جي راءِ اها هئي ته اهڙو لا جواب نوجوان پنهنجي زندگي جو ڏيئو پاڻ ڪيئن ٿو اجهائي سگهي؟! بهرحال منهنجا عرفان مهدي سان آخري ڏينهن سندس خودڪشي کان ڪجهه ڏينهن اڳ سائين جي ايم سيد جي موجودگي ۾ حيدر منزل ڪراچي تي گذريا، هڪ ڏينهن عرفان مهدي، ڊاڪٽر صفدر سرڪي ۽ مون حيدر منزل تي گڏ ويٺي رات جي ماني کاڌي سون ته اتي گفتگو دوران مون پهريون ڀيرو عرفان جي شخصيت ۾ جهول (مايوسي) وارا عنصر ڏٺا، ليڊرن تي ڪاوڙ، بي روزگاري جو احساس هاڻي سندس گفتگو، اٿڻ، ويهڻ مان صرف زندگي کان فراريت جا ڏس پئي مليا، اهو سڀ ائين ٿيو جو هڪ سازش تحت عرفان مهدي کي جيئي سنڌ کان ڪٽيو ٿي ويو، عرفان جي رڳ رڳ ۾ جيئي سنڌ سمايل هئي، ان کان سواءِ هن وٽ ٻيو ڪجهه ڪرڻ لاءِ نه رهيو هو، زال ڊاڪٽر پاڻ بي روزگار، گهر ۾ هر وقت واندي ۽ هڏ حرام جا طعنا! جنهن تنظيم لاءِ هن پنهنجا الهه تلهه ڇڏيا هئا، اتي به نه سهپ ڪري کيس جيئي سنڌ ڇڏائڻ جو پروگرام جوڙيو ويو، ظاهر آ اهڙين حالتن ۾ عرفان مهدي جهڙو حساس نوجوان ئي خودڪشي ڪري سگهي ٿو، عرفان تنظيم کان پري رهي پاڻ کي ائين محسوس ڪري رهيو هو ڄڻ مڇي پاڻي کان ٻاهر هجي، عرفان ڄاڻي ورتو ته جيئي سنڌ کان الڳ رهڻ کان بهتر آهي ته پنهنجو پاڻ سنڌوءَ حوالي ڪري ڇڏجي. آئون عرفان مهدي جي ان خودڪشيءَ واري عمل جي حمايت ڪو نه ٿو ڪريان پر جڏهن غلط قسم جا ماڻهو جن کي سياست جي ”سياست“ جي به خبر نه هجي، سنڌ جي تعليم تباهه ڪرڻ ۾ ملوث هجن، سيد جي نظرئي ۽ پارٽي کي ڀتي خور ۽ ڏوهارين جي نظرئي ۽ پارٽي طور سڃاڻپ ڪرائڻ جا ذميوار هجن ۽ جيئي سنڌ کي موجوده حالت ۾ پهچائڻ جا ذميوار هجن ۽ پارٽي تي گهيرو ڪري ڪارائتن ماڻهن سان عقوبتون ڪن ته پوءِ ڪم وارا ۽ باضمير ماڻهو يا ڪارڪن ڪهڙو رستو اختيار ڪن. اڄ 4 آگسٽ تي سنڌ جي باصلاحيت قوم پرست نوجوان عرفان مهدي جي 20هين ورسي آهي، اڄ آئون عرفان جي ڪيل جدوجهد تي کيس سلام پيش ڪندي عرفان مهدي کي مقتول سڏيندي انهن نه سهو ۽ ڪرمنل ليڊرن کي سندس جو قاتل چوان ٿو، جن عرفان جي صلاحيتن ۽ سچائي جو قدر ڪرڻ بجاءِ وک وک تي کيس ڏاٻيو ۽ تنظيم اندر سندس لاءِ رستا بند ڪري ڇڏيا.
جواب: عرفان مهدي جو آپگهات يا قتل؟ عرفان مهدي لکيل پڙهيل ۽ سلجهيل نوجوان هو جنهن سياست عبادت سمجهي ڪئي موٽ ۾ کيس شايد گهڻي مايوس ملي جنهن جي هن کي ايتري اميد ڪانه هئي۔ عرفان وڏو مقرر هجڻ سان گڏ دليلن سان ڳالهيون ڪندو هو۔ سندس تقرير محفل کي مچائيندي هئي۔ اسان اڄ به ان صورتحال مان پيا گذرون جتي قومپرست سياست جي آڙ ۾ پنهنجي ادارن، پنهنجي ماڻهن جي تباهي جا ذميوار پيا ٿيون۔ سنڌ هاڻي اهڙي نظريي واري ماڻهن کي سهڻ جي سگهه برداشت نه ڪري سگهندي۔
جواب: عرفان مهدي جو آپگهات يا قتل؟ عرفان مهدي لکيل پڙهيل ۽ سلجهيل نوجوان هو جنهن سياست عبادت سمجهي ڪئي موٽ ۾ کيس شايد گهڻي مايوس ملي جنهن جي هن کي ايتري اميد ڪانه هئي۔ عرفان وڏو مقرر هجڻ سان گڏ دليلن سان ڳالهيون ڪندو هو۔ سندس تقرير محفل کي مچائيندي هئي۔ اسان اڄ به ان صورتحال مان پيا گذرون جتي قومپرست سياست جي آڙ ۾ پنهنجي ادارن، پنهنجي ماڻهن جي تباهي جا ذميوار پيا ٿيون۔ سنڌ هاڻي اهڙي نظريي واري ماڻهن کي سهڻ جي سگهه برداشت نه ڪري سگهندي۔