پ پ پ ۽ هڪ نئين سنڌ! جامي چانڊيو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ faheemquest طرفان آندل موضوعَ ‏14 آگسٽ 2011۔

  1. faheemquest

    faheemquest
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2011
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    197
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    civil engineer
    ماڳ:
    قطر
    پ پ پ ۽ هڪ نئين سنڌ!
    جامي چانڊيو
    سنڌي ماڻهو گذريل چڱي وقت کان وٺي هڪ عجيب ڊپريشن، نڌڻڪائيءَ ۽ ذهني ويڳاڻپ جو شڪار رهيو آهي. گذريل چاليهن سالن کان هن پاڪستان پيپلزپارٽيءَ کي ان اُميد تحت ووٽ پئي ڏنو آهي ته اُها هن موجوده نظام جي اندر ئي سهي پر سندن مسئلا حل ڪندي ۽ حڪمرانيءَ جي سگهه ذريعي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي واهر ڪندي. پ پ جي اڳوڻي ۽ هاڻي فارمي وڏيرا شاهي ۽ موقعي پرست مڊل ڪلاسي قيادت سنڌ ۽ سنڌي عوام جي جيڪا واهر ڪئي آهي، ان تي وڌيڪ لکڻ يا ڳالهائڻ به هاڻي وقت جو زيان ٿو لڳي. تازو پ پ حڪومت جي ايم ڪيو ايم آڏو گوڏا کوڙڻ واري فيصلي خلاف سنڌي ماڻهن جنهن انداز سان پنهنجو شديد ردعمل ڏيکاريو، ان مان ثابت آهي ته سنڌي ماڻهوءَ هن پارٽيءَ سان پنهنجي خودفريب جذباتي وابستگيءَ کان هاڻي موڪلايو آهي. مجبوريءَ ۾ ممڪن آهي ته اڃا به سنڌي ماڻهو ڪجهه وقت پ پ کي ووٽ ڏي پر پارٽيءَ سان سندن جذباتي وابستگيءَ جو دور هن ڀيري پورو ٿيو. جنهن محتاج، ڳيجهو ۽ انڌي منڊي جمهوريت لاءِ سنڌي عوام ايوب، يحيٰ خان، ضياءَ ۽ مشرف خلاف لڳاتار جدوجهدون ڪيون ۽ قربانيون ڏنيون، ان جو کٽيو وري به روايتي ۽ فارمي وڏيرن کاڌو. سنڌي ماڻهو ”انڌي جهڙي پيڪين تهڙي ساهرين!“ جي مصداق هاڻي اهڙي ڳيجهو ۽ جڏين جمهوريتن مان به ڪي گهڻيون اُميدون نه ٿو رکي. سنڌي عوام قومپرست ۽ وطن دوست سياسي پارٽين سان به ڪي گهٽ پير نه ڀريا آهن. ون يونٽ جي دور کان وٺي سنڌي ماڻهن قومي سياست جي هر ڌارا ۽ ڌر سان پير ڀريا آهن. سنڌي ماڻهو سندن هر سڏ جي موٽ ۾ هر دفعي سندرا ٻڌي ٻاهر نڪري آيو آهي. آس ۽ اُميد اُها ساڳي ته من ڪو سندن درد جو درمان ٿئي ۽ کين پنهنجي وطن جي مالڪي ۽ عزت ڀري خوشحال زندگي نصيب ٿئي. سنڌ جي قومي ۽ وطن دوست سياست به پنهنجو معيار بهتر ڪري، وقت ۽ حالتن آهر پاڻ کي تبديل ڪري، سنڌي عوام کي ڪو سياسي متبادل ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آهي. سياست جو مطلب رڳو موقف پيش ڪرڻ، ڌرڻا، هڙتالون، جلسا، جلوس ۽ لانگ مارچ ڪرڻ نه هوندو آهي. اهو سڀ ضروري آهي پر اصل ڳالهه عوام جي سوچ ۽ سگهه کي هڪ تنظيمي ۽ سياسي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ هوندو آهي. سنڌي ميڊيا سان به سنڌي عوام هر قدم تي ساٿ ڏنو آهي پر ظاهر آهي ته ميڊيا عوام جي جذبن جي ترجماني ته ڪري سگهي پر سندن اڳواڻي ڪري کين گهربل نتيجا ته ڏئي نه ٿي سگهي. اها ته رڳو سندن آئينو بڻجي سندن خواهشن، خيالن ۽ جذبن جي عڪس بندي ئي ڪري سگهي ٿي. سنڌي عوام پنهنجي اديبن، شاعرن ۽ دانشورن کي هميشه جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن ۽ سنڌ جي شعور هميشه پنهنجي عوام لاءِ قلم کنيو آهي پر جيئن فيض صاحب چيو هو:
    يونهي گاتا رهون، گاتا رهون تيري خاطر
    گيت بنتا رهون، بيٺا رهون تيري خاطر
    پر ميري گيت تيري دکهه ڪا مُداوا هي نهين
    نغمه جراح نهين، مونس و غم خوار سهي
    گيت نشتر تو نهين، مرهمِ آزار سهي
    تيري آزار ڪا چاره نهين، نشتر ڪي سوا
    اور يه سفاڪ مسيحا ميري قبضي ۾ نهين
    اس جهان ڪي ڪسي ذي روح ڪي قبضي مين نهين.
    هان مگر تيري سوا، تيري سوا تيري سوا.
    پر فيض صاحب کي ڪير ٻڌائي ته سنڌي ماڻهو انهيءَ ”نشتر“ کي هٿ ڪرڻ لاءِ در در جا ڌڪا کاڌا آهن پر اهو ”سفاڪ مسيحا“ اڃا هن جي قبضي ۾ نه ٿو اچي. پ پ پ، جمهوري جدوجهد، قومي جدوجهد، ميڊيا، قلمڪار ۽ هاڻ سول سوسائٽي- عوام ۽ سنڌ جي تقدير ۾ ڪو به بنيادي ڦيرو نه ٿو اچي.
    هن ڀيري سنڌي ماڻهو جيڪو پ پ جي ڳيجهو ڪردار ۽ غلط فيصلن خلاف سراپا احتجاج ٿي ٻاهر نڪري آيو، ان جي اهڙي ردعمل کي سمجهڻ، پرکڻ ۽ ان جي لاڙن کي پروڙڻ جي ضرورت آهي. اهو ردعمل بظاهر ته هڪ خاص موقعي تي هڪ فيصلي خلاف هو پر حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته سنڌي ماڻهن گذريل ٽن سالن کان پنهنجي هن چونڊيل حڪومت جو پاڻ ڏانهن جيڪو ”رويو“ پئي ڏٺو، هن ڀيري ان جو پل پل جو ليکو سنڌي ماڻهو ڪري رهيو هو. سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ”سئو ڏينهن چور جا هڪ ڏينهن ڀاڳئي جو!“ سو نيٺ هن ڀيري اهو ”ڀاڳئي“ جو ڏينهن آيو ۽ پ پ پ جي ڪوتاهه نظر، سطحي، عوام کان ڪٽيل ۽ ڳيجهو قيادت کي سنڌي عوام جي غير معمولي ردعمل ڪري ڏينهن جا تارا نظر اچي ويا. هنن سمجهيو هر دفعي جيان هن ڀيري به کين سنڌ ۽ سنڌين سان اهو سنگين مذاق ڦٻي ويندو. خبر ناهي ته پ پ کي سندن ايم ڪيو ايم آڏو مسلسل گوڏا کوڙڻ جي نتيجي ۾ جيڪو سياسي ۽ اخلاقي نقصان پهتو آهي، ان جو کين اندازو آهي يا نه! ان سياسي ”نامردي“ کي وري نالو ڏنو اٿن ريڪنسيليشن (Reconciliation) جو. پوءِ ته دنيا ۾ مظلوم فردن، طبقن ۽ قومن کي ڪا به جدوجهد نه ڪرڻ گهرجي. پ پ پ جي ”نئين سر ٺاهه“ جي نظريي مطابق سڀ ٽپڙ کڻي دشمن کي ڏبا ته پوءِ ڦورن، رهزنن، قاتلن ۽ توهان جي ويرين کي توهان سان ڪهڙو اختلاف رهندو؟ جڏهن کان حڪومت ٺهي آهي، سڄو ڏينهن گورنر هائوس ۽ نائن زيرو تي گيسيون آهن، لنڊن ۾ الطاف جي ”بارگاهه“ ۾ صدر ۽ سندس وزيرن جون حاضريون آهن. ان سڄي ڌنڌي جو نالو آهي ريڪنسيليشن! صدر زرداري دنيا جو اهو واحد اڳواڻ آهي، جنهن کي دنيا ۾ ڪنهن سان به اختلاف ناهي. جيڪو به اختلاف هوندو، اهو ٻين کي هوندو، هن کي ڪو به اختلاف ڪونهي. هجي ڪو موقف ۽ پختو سياسي ڪردار ته اختلاف به هجي. سياسي حياءُ ته سندس مخالفن کي ناهي جو اڃا به اُهي ساڻن اختلاف ٿا رکن. جڏهن ڌڻي کي ريڪنسيليشن جي نالي ۾ ڪنهن سان ڪو اختلاف ئي ناهي ته پوءِ ڇا جو جوابي اختلاف؟ آمريڪا، فوج، ايجنسيون، ايم ڪيو ايم، مولوي صاحبان، ق ليگ- هن کي ته ڪنهن سان به ڪو اختلاف ڪونهي. ها باقي سنڌي ماڻهن سندن خلاف ردعمل جو اظهار ڪيو آهي ته ٻيو ته ٺهيو پر قائم علي شاهه صاحب به چڙي پيو آهي. پ پ پ قيادت جون ڪاوڙ منجهان اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون آهن. هو سنڌي عوام کي پنهنجي چلهه جو مارنگ سمجهن ٿا، ان جي ردعمل تي قيادت کي وڏي سياسي غيرت اچي وئي آهي. سنڌي عوام سندن اها ڪاوڙ ۽ سياسي غيرت ڏسڻ لاءِ سِڪي مري ويو هو ته ڪڏهن ٿي اها مادي ڪڪڙ ايم ڪيو ايم آڏو به ڪا ٻانگ ڏئي! مجال آهي جو اُتي سندن زبان کلي. باقي عيسي، موسي ۽ خميسي جي ردعمل جي گستاخي ڀوتارن کان هضم نه ٿي ٿئي.
    منهنجيءَ نظر ۾ هاڻي پ پ پ آسمان مان تارا به لاهي اچي ته به سنڌ ۾ سندس ساڳي حيثيت بحال ٿي نه ٿي سگهي. ووٽ کين اڃا به ملي سگهن ٿا ۽ ملندا جيستائين سندن ڪو متبادل اُڀري پر سنڌي عوام جي ساڻن جذباتي وابستگي جو دور نيٺ پنهنجي پڄاڻيءَ کي رسيو. جيئن 11/9 کانپوءِ دنيا ساڳي نه رهي آهي، تيئن هن واقعي کانپوءِ سنڌ به پ پ پ لاءِ ساڳي نه رهي آهي. ان ڪري مون پ پ پ حڪومت جي هن تازي بلنڊر کي سندس سياسي آپگهات سڏيو هو. سوال آهي ته آخر پ پ پ ائين ڇو ٿي ڪري؟ جيئن ته هر سماجي ۽ سياسي لقاءُ جا ڪي نه ڪي سياسي محرڪ ۽ سبب هوندا آهن، ان ڪري ضرور پ پ پ جي اهڙي ڪردار جا به ڪي ٺوس سبب هوندا جن کي سمجهڻ ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته انهن محرڪن کي سمجهڻ کانسواءِ حالتن جو حقيقي ادراڪ رکي پ پ بابت ڪا غير جذباتي ۽ سنجيده راءِ جوڙي نه سگهبي.
    سڀ کان پهرين ڳالهه ته پ پ پ جو ڪو به نظريو، مقصد يا منشور نه رهيو آهي. پ پ پ پنهنجي روايتي سگهه (۽ اها به ووٽ بئنڪ جي حد تائين) جي بنياد تي ملڪ جي موجوده ڳيجهو سياسي نظام اندر، اسٽيٽسڪو جي ماتحت رهي رڳو مفادپرست اقتداري سياست ڪرڻ چاهي ٿي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اها ان سموري صورتحال جي باوجود هن ملڪ جي ٻي هر قوم يا آباديءَ کي ڪجهه نه ڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار آهي. پختون قوم جي صوبي کي نالو ڏنائون، گلگت بلستان کي صوبي جو درجو ڏنائون، اين ايف سيءَ ۾ بلوچستان کي ساليانو 101 ارب جو فائدو ڏنائون، سرائيڪين کي ڌار صوبو ڏيڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، تازو فاٽا کي سياسي حق ڏنا ويا آهن، ايم ڪيو ايم جي ته پيرن ۾ پيا آهن پر مجال آهي جو سنڌين کي به ڪجهه ڏيڻ لاءِ سندن ڪن تي ڪا جونءِ چُري- سبب؟ هنن سمجهيو آهي ته سنڌي سندن راڄ آهن، اُهي ڪيڏانهن ويندا؟ چلهه جو مارنگ رڌڻي مان نڪتو ته ويندو ڪيڏانهن؟ پ پ پ کي اهو ادراڪ نه آهي ته هن ملڪ جي سياست جا محرڪ تبديل ٿي رهيا آهن. هن ملڪ ۾ نام نهاد ۽ رڳو ڏيکاءَ واري وفاقي سياست جي هاڻي تڏا ويڙهه ٿيڻ جو دور آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته خود سنڌي ماڻهو پنهجن سمورن سياسي تجربن، ويساهه گهاتين، ناڪامين ۽ تبديل نه ٿيندڙ حالتن سبب تمام گهڻو تبديل ٿيو آهي. سنڌي ماڻهن کي هاڻي سحر انگيز فرد، ٺلها نعرا، جمهريون ۽ڪوڙا دلاسا نه پر ٺوس نتيجا گهرجن. حقيقت ۾ پ پ کي سياسي حالتن جو ڪوبه سياسي، سائنسي ۽ معروضي ادراڪ نه آهي ته سنڌ ۾ حالتون ڪهڙي پاسي وڃي رهيون آهن ۽ ان ۾ سندن سوچ، رويي ۽ ڪردار ۾ تبديلي نه آئي ته اُهي عوام ۽ تبديل ٿيندڙ محرڪن آڏو گهڻو وقت نه بيهي سگهندا.
    پ پ پ کي اهو ادراڪ نه آهي ته سنڌي ماڻهن جي ساڻن سياسي وابستگيءَ جو هڪ سبب اهو به رهيو آهي ته سنڌ ۾ سنڌين جو ووٽ نه ورهائجي وڃي، ڇاڪاڻ ته ايم ڪيو ايم ان لاءِ مستقل خطرو بڻيل رهي آهي. ماڻهن چاهيو ٿي ته سندن ووٽ بئنڪ هڪ پارٽيءَ وٽ هجي ته جيئن سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم کي به منهن ڏئي سگهجي ۽ سنڌ ۾ حڪومت به ٺاهي سگهجي. خود گذريل چونڊن ۾ پ پ پ کي سنڌ ۾ مليل ووٽن ۽ مينڊيٽ جا ٻه بنيادي سبب هئا. هڪ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت ۽ ٻيو مشرف جي دور ۾ سنڌ تي ايم ڪيو ايم جي حڪمراني. هن حڪومت کي ٽي سال کان مٿي عرصو ٿي ويو آهي، نه محترمه شهيد بينظير ڀٽو جا قاتل گرفتار ٿيا ۽ نه متحده جي نه کٽندڙ دهشتگردي، دٻاءَ ۽ بليڪ ميلنگ جو ڪو انت آيو. سياست ۾ ڪمزوريون ٿي سگهن ٿيون پر جي ائين پنهنجي عوام، مينڊيٽ ۽ طاقت جي سرچشمن کي پٺي ڏئي ريڪنسيليشن جي نالي ۾ سنڌين جو الهه تلهه ٻهاري ٻين کي ڏبو ۽ وري ان کي پنهنجو ازلي ابدي حق سمجهبو ته پوءِ ظاهر آهي ته سياست ۾ عوام جي ڪنهن سان به مستقل مائٽي نه هوندي آهي. عوام کي فردن، پارٽين، نعرن ۽ ڪوڙن دلاسن کان وڌيڪ پس و پيش پنهنجا عوامي ۽ قومي مفاد عزيز هوندا آهن. جنهن پارٽيءَ جي باني قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽي نعري جي حد تائين ئي سگهي پر اهو چيو هو ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي، اها پارٽي آصف زرداريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ اهو وساري ويٺي آهي ته جنهن سنڌي عوام سدائين کين ڇانوَ ۾ ويهاريو آهي، اهو کين اُسَ ۾ به ويهاري سگهي ٿو. سنڌ جو هي احتجاج ان تبديليءَ ڏانهن هڪ ڀرپور وِکَ آهي. موجوده پ پ کي نه رڳو سنڌي عوام جي ڪا به پرواهه نه آهي پر سندن عوام سان ڪو به اثرائتو رابطو به نه آهي.
    جڏهن عوام جي اجتماعي چهري تي ڪاوڙ، بيزاري، اويساهي ۽ توهين جي ردعمل جا گهُنجَ پون ته سمجهڻ گهرجي ته ڪا تبديلي اچي رهي آهي. پ پ پ سمجهيو ته کين رڳو هر قيمت تي دهشتگردن کي ئي راضي رکڻو آهي ۽ کين مينڊيٽ ڏيندڙن جو نه ڪو وقار آهي، نه عزت، نه سندن ڪي مسئلا آهن ۽ نه اُميدون ۽ آدرش. پ پ پ لاءِ سنڌ ۽ سنڌي عوام فقط اليڪشن جي ڏينهن ٺپا هڻندڙ انڌي ٻوڙي ۽ گونگي مخلوق آهي ۽ اُها هميشه سندن ونگار وهندي. پ پ پ اهو وساري ويٺي آهي ته سنڌي هڪ تاريخي قوم آهن ۽ سنڌ سندن ازلي ابدي وطن آهي. سنڌ 1943ع ۾ جيڪا خودمختياري وڃائي اها ۽ ان کان به وڌيڪ باوقار آزاد ۽ خودمختيار حيثيت حاصل ڪرڻ لاءِ ئي ان سنڌ جي بمبئيءَ کان عليحدگي جي تحريڪ کان وٺي ون يونٽ خلاف جدوجهد، ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپرائڻ جي تحريڪ کان وٺي نيلام بند ڪريو تحريڪ تائين، ايم آر ڊيءَ جي جمهوري جدوجهد کان وٺي سنڌ جي درياهه جي حفاظت جي ڊگهي جدوجهد تائين مسلسل جدوجهد ڪئي آهي. ان لاءِ سنڌين جي ووٽ پ پ پ کي ڏنو ته جدوجهد ۾ سنڌ قومي ۽ وطن دوست تحريڪ کي ڏنو. پر جي پ پ پ جي تاريخ جي سمجهه کان وانجهيل، ڪوتاهه نظر ۽ موقعي پرست ليڊرشپ سمجهي ٿي ته سنڌي هڪ باشعور ۽ پنهنجي وطن جي مڪمل مالڪي چاهيندڙ ۽ ان لاءِ مسلسل جدوجهد ڪندڙ قوم نه پر فقط کين اقتداري موقعي پرستيون ڪرڻ لاءِ ٺپا هڻي اقتدار جي ايوانن ۾ موڪليندڙ رڍن جو ڌڻ آهي ته اها سندن ڀل هئي ۽ آهي. اهو ئي سبب آهي جو جيڪا سنڌ پ پ پ جو ڳڙهه ۽ قلعو سمجهي ويندي هئي. اڄ اها سنڌ سندن ڳيجهو ۽ موقعي پرست ۽ اقتدار پرست ڪردار لاءِ تپي ٽامو ٿي وئي آهي.
    پ پ جهڙين پارٽين جو سڄيءَ دنيا ۾ الميو اهو هوندو آهي ته کين تاريخ جو ڪو به ادراڪ نه هوندو آهي ۽ نه وري اُهي ان لاءِ تيار هونديون آهن. پ پ پ سنڌ جي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ خوشنصيب پارٽي هئي جنهن کي سنڌي عوام بي مثال محبتون آڇيون ۽ هيءَ سنڌ جي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ بدنصيب پارٽي آهي، جنهن کي پنهنجي طاقت جي سرچشمي جو ڪڏهن به قدر ڪرڻ نه آيو. پ پ پ کي اقتداري موقعي پرستين جي ڪري اهو ڪڏهن به سمجهه ۾ نه آيو ته محبت جو ڌاڳو ڪچيءَ تندُ جيان هوندو آهي. سنڌ جي هن احتجاج ثابت ڪيو ته سنڌي عوام جي پ پ پ سان روايتي جذباتي تعلق جي تند ٽٽي پئي آهي. عيسي، موسي ۽ خميسي کي ضرور وقت لڳندو پر اهو ايندڙ وقت ۾ پنهنجو نئون سياسي دڳ وٺندو ۽ پنهنجي قوم، ٻولي ۽ وسيلن ۽ وطن جي شانائتي ۽ سورهيائيءَ واري مالڪي ڪري ڏيکاريندو.
    پڇاڙڪا اکر: ’سنڌ از ڪاز ناٽ اي ڪارڊ‘ (سنڌ هڪ آدرش آهي نه ڪي ڪارڊ) اصل ۾ اهو اصطلاح تازو امر سنڌو پاران فيس بوڪ تي استعمال ڪيو ويو آهي جيڪو موجوده پ پ جي حوالي کان تُز بيهي ٿو.
    jchandio@cpcs.org.pk
    Courtesy: Sindhi daily Ibrat, 14th August, 2011.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پ پ پ ۽ هڪ نئين سنڌ! جامي چانڊيو

    تمام سهڻو ليک آهي ۽ هينئين سان هنڊائڻ جهڙو ليک آهي ۔۔۔

    لک ٿورا سهڻو ونڊ آهي
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پ پ پ ۽ هڪ نئين سنڌ! جامي چانڊيو

    ڀلي ڪير ڇا به چوي پر هن هڙتال جو فائدو پ پ پ کي ئي ملي رهيو آهي ۽ اقتدار جي ايوانن ۾ ويهي هاڻي هو پنهنجا موقف مڃرائڻ ۾ ڪامياب ويندا ته سنڌي قوم هڪ آواز آهي تنهنڪري اوهان جا مڙهيل فيصلا قبول ناهن۔ هي هڙتال سمجهو ته هنن کي هڪ سگه ۽ موقعو فراهم ڪيو آهي۔

    مونکي قومپرست قيادت اڃان به ڪا معياري يا آدرشن واري نظر ڪانه ٿي اچي۔ جيستائين هو پئسي، پلاٽ ، پرمٽ ۽ ڀتا خوري جي سياست کي الوداع نه ٿا چون تيستائين ڪاميابي ممڪن ناهي۔ ڪالهوڪي هڙتال تي سنڌي عوام کي سلام پيش ٿو ڪجي جنهن هڪ ٿي پاڻ مڃرايو۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پ پ پ ۽ هڪ نئين سنڌ! جامي چانڊيو

    ڀلي ڪير ڇا به چوي پر هن هڙتال جو فائدو پ پ پ کي ئي ملي رهيو آهي ۽ اقتدار جي ايوانن ۾ ويهي هاڻي هو پنهنجا موقف مڃرائڻ ۾ ڪامياب ويندا ته سنڌي قوم هڪ آواز آهي تنهنڪري اوهان جا مڙهيل فيصلا قبول ناهن۔ هي هڙتال سمجهو ته هنن کي هڪ سگه ۽ موقعو فراهم ڪيو آهي۔

    مونکي قومپرست قيادت اڃان به ڪا معياري يا آدرشن واري نظر ڪانه ٿي اچي۔ جيستائين هو پئسي، پلاٽ ، پرمٽ ۽ ڀتا خوري جي سياست کي الوداع نه ٿا چون تيستائين ڪاميابي ممڪن ناهي۔ ڪالهوڪي هڙتال تي سنڌي عوام کي سلام پيش ٿو ڪجي جنهن هڪ ٿي پاڻ مڃرايو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو