• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سڄي سنڌ ۾تاريخي هڙتال

گل حسن لاکو

سينيئر رڪن
ناظمي نظام خلاف فيصلو اچي ويو،سڄي سنڌ ۾تاريخي هڙتال،ڌرڻا،فائرنگ ۾3 ڪارڪن مارجي ويا،سوين گرفتار
حيدرآباد (نمائندن وٽان) قومپرست جماعتن جي ”سنڌ بچايو ڪاميٽي“ جي سڏ تي سنڌ جي عوام تاريخي هڙتال ۽ احتجاج ڪري صوبي ۾ مشرف جي مڪاني نظام کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ جي ماڻهن پنهنجو ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ بند رکي اهو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي ته سنڌ ۾ ڪمشنري نظام بحال ڪيو وڃي ۽ ڪراچي کي 5 ضلعن ۽ حيدرآباد کي هڪ ضلعي واري تاريخي حيثيت ۾ واپس آندو وڃي، پوليس صوبي ۾ قومپرست ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري سوين ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. مختلف شهرن ۾ پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ چڪريون، حيدرآباد ۾ هڙتال دوران هٿياربندن ايس ٽي پي جي ڪارڪن دلشاد ابڙو کي شهيد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گوليون هڻي زخمي ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ هينڊ گرنيڊن جي ڌماڪن ۽ فائرنگ ۾ اي اين پي جا 3 ڪارڪن مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترين ئي گاڏين کي باهيون ڏئي ساڙيو ويو آهي. ڪراچيءَ ۾ قومپرستن جي هڙتال واري اعلان ۽ مختلف سياسي ۽ مذهبي پارٽين پاران ان جي حمايت ڪرڻ کانپوءِ ڪالهه رات ئي شهر جا اڪثر علائقا بند ٿي ويا هئا، جڏهن ته هڙتال واري ڏينهن شهر جا سمورا مک مرڪز صدر، بولٽن مارڪيٽ، کوڙي گارڊن، صرافا بازار، لي مارڪيٽ، جوڙيا بازار، جونا مارڪيٽ، جامع ڪلاٿ، اليڪٽرانڪس مارڪيٽ موبائيل مارڪيٽ، جهانگير روڊ، ايم اي جناح روڊ تي واقع ٽائر مارڪيٽ، تبت سينٽر، بوهري بازار، ايمپريس مارڪيٽ، زيب النساءَ اسٽريٽ، زينب مارڪيٽ، طارق روڊ، لياقت آباد، ڪريم سينٽر سميت شهر جي مختلف علائقن جا سڀ ڪاروباري مرڪز بند رهيا. سنڌي وسندين ۾ به مڪمل هڙتال رهي. هڙتال سبب ڪراچي بندرگاهه تي ڪم پڻ بند رهيو، جنهن جي ڪري لنگر انداز ٿيل جهازن جي لوڊنگ ان لوڊنگ وارو عمل سخت متاثر ٿيو، بسون ۽ ڪوچون بند هئڻ سبب رڪشا ۽ ٽيڪسي وارن جا جاوا ٿي ويا ۽ هنن ماڻهن کان من پسند ڪرايا وصول ڪيا، جڏهن ته ڪراچيءَ جي تاج ڪامپيلڪس کان ملڪ جي مختلف علائقن ڏانهن ويندڙ ٽرانسپورٽ بند هئڻ سبب مسافر سخت پريشان نظر آيا. شهر جي مختلف علائقن ۾ قومپرست ڪارڪنن سنڌ جي وحدت خلاف ٿيندڙ سازشن ۽ ڪمشنري نظام جي بحاليءَ لاءِ مظاهرا پڻ ڪيا، عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران تبت سينٽر کان ريلي ڪڍي ايمپريس مارڪيٽ چوڪ ۽ پريس ڪلب آڏو مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، جڏهن ته نيپا چورنگي کان جوهر موڙ تائين جيئي سنڌ تحريڪ، جسقم ۽ ٻين قومپرست ڪارڪنن مشرف نظام خلاف ريلي ڪڍي، جيڪا مختلف رستن تان گذرندي جڏهن الادين پارڪ وٽ پهتي ته اڻ ڄاتل هٿياربندن فليٽن مان ريليءَ تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، هٿياربندن ريليءَ کي ڇڙو ڇڙ ڪرڻ لاءِ شديد فائرنگ ڪئي ته ڪارڪن به مڇرجي پيا ۽ انهن مزاحمت شروع ڪري ڏني. جڏهن ته پوليس ۽ رينجرز پهچي ڪنٽرول ڪري ورتو، ريلي جڏهن جوهر موڙ تي پهتي ته هڪ ڀيرو ٻيهر هٿياربندن ريليءَ تي فائرنگ ڪئي پر ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو. آءِ جي سنڌ پوليس جي ترجمان مطابق ڪراچي ۾ هڙتال دوران گاڏيون ساڙڻ، ڪاروبار بند ڪرائڻ ۽ هنگاما ڪرڻ جي الزام هيٺ 50 ڄڻن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 12 پستول ۽ 2 ڪلاشنڪوفون هٿ ڪيون ويون آهن. جڏهن ته ڪراچي ۾ هٿياربندن ناظم آباد ۾ حڪيم ابن سينا روڊ تي سيف الله بنگش هوٽل ويجهو سي اين جي اسٽيشن تي 3 هينڊ گرنيڊ اڇلائي ڌماڪا ڪيا جنهن بعد ٻن گروپن ۾ فائرنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو. هينڊ گرنيڊ جي ڌماڪن ۾ 3 ڄڻا سي اين جي اسٽيشن تي ملازمت ڪندڙ سوات جو رهواسي ڪامران خان، پشاور جو رهواسي نعيم خان ۽ واٽهڙو پيرسن فقير بونير واسي نور زمان مارجي ويا. گرنيڊن جي ڌماڪن ۽ فائرنگ ۾ متحده جو ڪارڪن امين، اي پي ايم ايس او جو ڪارڪن محمد نعيم ۽ ٻيا مناسب خان، راشد، عبدالصادق، عبدالعزيز، باسط، محمد ڪبير ۽ ياسر زخمي ٿي پيا، واقعي بعد علائقي ۾ خوف ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال رهي حد جي شميم شهيد پوليس هينڊ گرنيڊن جي ڌماڪن ۽ فائرنگ جو ڪيس هڙتال ڪندڙن خلاف سرڪاري مدعيت ۾ داخل ڪيو آهي پر ڪنهن کي به نامزد ناهي ڪيو ويو. ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هڙتال جو سڏ ڏنو ويو هو ته علائقو بند ڪرائڻ لاءِ ڌماڪا ۽ فائرنگ ڪئي وئي، جڏهن ته لانڍي ۾ دائود چورنگي وٽ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سعيد خان مارجي ويو، رضويا سوسائٽي ۾ فائرنگ ۾ ڪاشف ۽ خاور زخمي ٿي پيا. شاهه فيصل ڪالوني، اورنگي ٽائون ۽ لياري ۾ به رات جو شديد فائرنگ ڪئي وئي جنهن سبب علائقن ۾ خوف ڇانيل رهيو. ٻئي طرف سهراب ڳوٺ ۽ شاهه فيصل ڪالوني ۾ هٿياربندن ڪالهه وڌيڪ 2 گاڏين کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. گلشن اقبال ۾ راشد منهاس روڊ تي جسقم جي ريلي تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ جسقم جي شبير جمالي سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. گلشن اقبال قائد اعظم ڪالوني ۾ اي اين پي جي وارڊ آفيس تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ اي اين پي جا ٻه ڪارڪن بخت ۽ فراز خان زخمي ٿي پيا. هوڏانهنسنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ مڪمل طور شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي، پيٽرول پمپ به بند رهيا شهر جا مک ڪاروباري مرڪز ريشم بازار، ڇوٽڪي گهٽي، شاهي بازار، سرافا بازار، پڪو قلعو، تلڪ چاڙهي، فقير جو پڙ، ڪلاٿ مارڪيٽ، ڦليلي، پريٽ آباد، کوکر پاڙو، گل سينٽر، صدر، قاسم آباد، نسيم نگر، وحدت ڪالوني، شيدي ڳوٺ، سحرش نگر، حسين آباد، انور ولاز، گدو ناڪو، سٽيزن ڪالوني، ڀٽائي ٽائون، ماروي ٽائون ۽ گلشن ٽائون سميت سموريون وسنديون مڪمل طور بند رهيون، ايڪڙ ٻيڪڙ خانگي ٽرانسپورٽ جي آمد رفت جاري رهي، جڏهن ته شهر جي مختلف علائقن ۾ نامعلوم ماڻهن روڊن تي ٽائر ساڙي احتجاج رڪارڊ ڪرايو، نسيم نگر چوڪ تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجو، سنڌياڻي تحريڪ جي صدر حسنا راهوجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، سنڌ ترقي پسند پارٽي، جيئي سنڌ قومي محاذ ۽ فرنٽ پاران نياز ڪالاڻي، مظفر ڪلهوڙو، پريل ٻگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ باءِ پاس تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون، عوامي جمهوري پارٽي پاران صدر ابرار قاضي، وشنو مل ۽ نور نبي راهوجو جي اڳواڻي ۾ نسيم نگر چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، ٻئي پاسي وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري سول ڪورٽ کان ريڊيو حيدرآباد تائين اياز تنيو، پيرل مجيداڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، جڏهن ته هيرآباد ۾ سٽي گيٽ هوٽل لڳ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ايس ٽي پي جو ڪارڪن 35 سالن جو دلشاد ابڙو پٽ الهه بخش موقعي تي قتل ۽ سندس ننڍو ڀاءُ 25 سالن جي ضمير ابڙو سوڌو ٽي واٽهڙو شادم، فيصل ۽ عمران زخمي ٿي پيا، مقتول دلشاد ۽ سندس زخمي ڀاءُ ڀٽائي نگر جا رهواسي ۽ ٽي زخمي واٽهڙو هيرآباد جا رهواسي ٻڌايا وڃن ٿا، جنهن بعد قومپرست ڪارڪنن جي هڪ وڏي انگ واڌو واهه لڳ باءِ پاس تي نسيم نگر ٿاڻي لڳ لاش رکي ڌرڻو هڻي ٽائر ساڙيا ۽ باءِ پاس بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ مبينا طور ٿاڻي ۾ ڀڃ ڊاهه جي ڪوشش تان پوليس، رينجرز ۽ قومپرست ڪارڪنن وچ ۾ ٿيل چڪرين دوران فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب رينجرز جو لائنس نائڪ بشير احمد، پوليس اهلڪار محمد حسين ۽ قومپرست ڪارڪن رشيد خاصخيلي، خالد، عبدالرزاق سومرو ۽ ارباب قمبراڻي زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال ۽ تعلقي اسپتال قاسم آباد پهچايو ويو، جنهن بعد مڇريل ماڻهن باءِ پاس تي ڪراچي کان سکر ويندڙ سنڌ رزرو پوليس جي هڪ بس کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جڏهن ته لبرٽي چوڪ تي فائرنگ ۾ پريٽ آباد واسي راشد لطيف ۽ حالي روڊ سبزي منڊي چوڪ تي فائرنگ ۾ علي نواز زخمي ٿي پيا، جڏهن ته گذريل رات لبرٽي مارڪيٽ لڳ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ احسن سميت شهزادو ميمڻ، عمير ۽ فيضان زخمي ٿي پيا، سمورن زخمين کي علاج لاءِ سول اسپتال پهچايو ويو، ٻئي پاسي پوليس حيدرآباد جي مختلف علائقن مان 35 کان وڌيڪ قومپرست ڪارڪنن کي گرفتار ڪري 12 پستول، هينڊ ڪريڪر، پيٽرول جون بوتلون ۽ موٽرسائيڪلون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، قاسم آباد پوليس حبيب الله، مير محمد ۽ عاشق علي، بي سيڪشن پوليس عرفان علي، جنيد احمد، شمس الدين، زبير علي ۽ اياز علي، ڪينٽ پوليس ياسر، آفتاب، فرمان ۽ نظام الدين، سي آءِ اي پوليس مظهر علي، صابر علي، عامر، مزمل، حبيب ۽ عاشق ۽ پڃاري پوليس وزير علي، زاهد حسين ۽ رياض سوڌو ڪيترن ئي قومپرست ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته سکر ۾ به ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا ۽ ٽرئفڪ معمول کان تمام گهٽ رهي، عوامي تحريڪ ۽ سنڌ نيشنل فرنٽ پاران سچل ڀٽي، منظور اڄڻ، بخت ٻرڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تير چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج ڪيو ويو ۽ گاڏين مٿان پٿر پڻ وسايا، جڏهن ته مختلف تنظيمن پاران شبير احمد، شهزادو ڀٽو ۽ ٻين ڌار ڌار احتجاج ڪيو، پوليس ڪجهه ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو، وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري مقبول اعواڻ، شبير دايو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سيشن ڪورٽ کان شاليمار ڦاٽڪ تائين ريلي ڪڍي، پني عاقل ۾ به مڪمل شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال رهي، مختلف تنظيمن پارن منور ٿهيم، لال شعبان، ميان سيد الدين انڍڙ ۽ ٻين بائيجي چوڪ کان ريلي ڪڍي شاهه لطيف چوڪ تي ڌرڻو هنيو، ڪنڌرا شهر مڪمل طور بند رهيو ۽ جسقم پاران دستگير ٻرڙو، جي ايم سومرو ۽ ٻين احتجاج ڪيو، باگڙجي ۾ مڪمل شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال رهي، صالح پٽ ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪري اربيلو بهڻ، راجا مهر ۽ لياقت انصاري ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو، اهڙي طرح لاڙڪاڻي شهر ۾ تاريخي شٽر بند۽ ڦيٿا روڪ هرتال رهي، شهر جا پيٽرول پمپ، سي اين جي اسٽيشنز ۽ ميڊيڪل اسٽور بند هجڻ سان گڏ خانگي اسڪولن توڙي سرڪاري اسڪولن ۾ به ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. شهر ۾ چنگچي توڙي رڪشا ۽ ٻي عام ٽرئفڪ به بند رهي. جسقم، جيئي سنڌ تحريڪ، ايس يو پي، سنڌ نيشنل فرنٽ، سنڌ ترقي پسند پارٽي، جسم، عوامي تحريڪ ۽ ٻين قومپرست تنظيمن جا ڪارڪن شهر جي مختلف علائقن کان جلوس ڪڍي جناح باغ چوڪ تي گڏ ٿيا، جتي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪنن سينيئر صوبائي وزير جي پتلي کي باهه ڏئي ساڙيو ۽ بعد ۾ احتجاجي جلوس ڪڍيو، جنهن جي اڳواڻي اطهرسومرو، ڊاڪٽر عامر مغل، احمد نواز بروهي، ابراهيم شاهه، ساجد مهيسر، عزيز ڀٽو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، جلوس شهر جي پاڪستاني چوڪ، بندر روڊ ۽ بئنڪ اسڪوائر چوڪ وٽ پهتو ته نامعلوم نوجوانن ڪريڪرن جا ڌماڪا ڪيا، جڏهن ته ڪجهه نوجوانن هوائي فائرنگ پڻ ڪئي. لاڙڪاڻي جي مختلف علائقن مان 7 ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ جا اطلاع آهن پر پوليس اهڙين گرفتارين کان لا علمي ظاهر ڪئي آهي، هوڏانهن نئين ديري ۾ مڪمل شٽربند هڙتال رهي، عبدالحميد سومري، جاويد ۽ غلام حيدر ناريجي جي اڳواڻي ۾ جلوس ڪڍيو ويو، رتيديري ۾ به مڪمل هڙتال ٿي، ڪارڪنن مظاهرا ڪري حڪمرانن جي پتلن کي به ساڙيو، جڏهن ته شهرن ۾ فائرنگ سان گڏ 250 کان وڌيڪ ڪريڪرن جا ڌماڪا ڪيا ويا، بنگل ديري ۾ مڪمل ڦيٿا روڪ ۽ شٽر بند هڙتال ٿي، جڏهن ته ايڊووڪيٽ عبدالوهاب ڀٽو، قمر سومري ۽ فاروق ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، مظاهرين ۽ اهلڪارن ۾ چڪريون پڻ ٿيون، ڏوڪري، موهن جو دڙو، ڳيريلو، خير محمد آريجا، باقراڻي، باڊهه ۾ به هڙتال ٿي، مظاهرا ڪري ڌرڻا به هنيا ويا، جن جي اڳواڻي رڪ سنڌي، رستم سوهو، عثمان جيسر، امداد جويو، زاهد چنو، مختيار چنو، غلام شبير بليدي، خالد بلوچ، امير بخش آريجو، غلام الله آريجي، الطاف عباسي، فضل محمد سنديلو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، قمبر ۾ مڪمل طور ڦيٿا روڪ ۽ شٽربند هڙتال ٿي، سياسي، سماجي ڪارڪنن، واپارين ۽ شهرين مظاهرو ڪري ڌرڻو به هنيو، جنهن کي عبدالله سومري ممتاز لاکو، محمد جان بروهي، منظور ڇڄڙو، عزيز جاگيراڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو، 2 کان وڌيڪ ڪريڪرن جا ڌماڪا به ڪيا ويا، شهدادڪوٽ، سجاول جوڻيجو، عرضي ڀٽو، وارهه، نصيرآباد، ميروخان، لالورائنڪ، قبو سعيد خان ۾ به هڙتال سان گڏ مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، جن ۾ فنڪشنل ليگ، جي يو آءِ، ايس اين پي ۽ ٻين پارٽين به شرڪت ڪئي، جڏهن ته احتجاج جي اڳواڻي وحيد کوکر، ميان تنيو، لياقت کوسي، حاجي خان ڀٽي، جاويد ڀٽو، رفيق لانگاهه، حسن ٻٻر، مجاهد اعواڻ، معشوق شاهه، علي حيدر مگسي، وحيد چانڊيو، عاشق ڏيٿو، محمد شاهه، منان چانڊيو، بشير چولياڻي، عبدالڪريم چانڊيو، شاهد کوکر، خدا بخش سانگهڙو رفيق لغاري، مولانا ياسين ڪانڌڙو، لياقت سنڌي، سونو چانڊيو، شفيع محمد بروهي، عبدالرزاق بروهي ۽ ٻين ڪئي، احتجاج دوران ٽائرن کي باهه به ڏني وئي، نصير آباد ۾ 23 رائيس ملون بند رهيون، مختلف اسڪولن ۽ ڊگري ڪاليج جي شاگردن بائيڪاٽ ڪري ريلي به ڪڍي، وڳڻ ۾ هڙتال ڪري مختيار پنهور، جي ايم وڳڻ ۽ ڪامران جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، دادو ۾ مڪمل شٽربند هڙتال رهي، شاهي بازارون توڙي ريڙها بند رهيا ۽ ٽرئفڪ پڻ روڊن تان غائب رهي، قومپرست پارٽين جي 500 کان وڌيڪ ڪارڪنن پاران وڏو ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي ظفر ڪوريجو، غلام مصطفيٰ جانوري، سڄڻ مگسي، عاشق زنئور، زينت سمون، عبدالنبي جمالي، نياز پنهور ۽ ٻين خطاب ڪيو، هوڏانهن ڪوهستان جا مختلف شهر نوري آباد، ڪهر کوهر، سري مول، جهمپير ۽ لوڻي سميت ٻيا شهر مڪمل بند رهيا، جڏهن ته مختلف شهرن ۾ قومپرست ڪارڪنن ڌار ڌار مظاهرا ڪيا، سيوهڻ ۽ جهانگارا ۾ مڪمل ڪاروبار بند رهيو ۽ ڦيٿو نه ڦريو، جڏهن ته مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن حاجي دودو بڙدي، ايوب جتوئي ۽ غفور نوحاڻي جي اڳواڻي ۾ مظاهرا ڪري پ پ اڳواڻ بابر اعواڻ ۽ متحده اڳواڻ فاروق ستار جي پتلن کي ساڙيو ويو، ڀان سيد آباد، ٽلٽي، بوبڪ، خدا آباد، ٽنڊو رحيم ۽ ٻين شهرن ۾ ڦيٿا روڪ ۽ شٽربند هڙتال رهي، مير مولابخش لغاري، علي اصغر شاهاڻي ۽ نياز لغاري جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، سيتا روڊ، ٿرڙي محبت، راڌڻ ۽ فريد آباد ۾ به ڪاروبار بند رهيو ۽ مختلف اسڪولن جو بائيڪاٽ ڪرائي اسڪولي ٻارن کي پڻ مظاهرن ۾ شامل ڪيو ويو، خيرپور ناٿن شاهه ۾ شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال رهي، جڏهن ته مختلف تنظمن جي ڪارڪنن سومر چانڊيو، علي حسن گاڏهي، محبوب لاکير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، جي يو آءِ ڪارڪنن الطاف حسين ۽ بابر اعواڻ جو علامتي جنازو کڻي مظاهرو ڪيو، جڏهن ته وڪيلن عدالتي بائيڪاٽ ڪري رسول بخش بروهي ۽ امتياز جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، راڌڻ ۽ ڦلجي اسٽيشن ۽ واهي پانڌي ۾ شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال رهي، جڏهن ته ميهڙ ۾ هڙتال ڪري قومپرست ڪارڪنن مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا، قومپرست ڪارڪنن بابر اعواڻ جي پتلي کي پڻ ساڙي حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي، هوڏانهن جوهي ۾ شٽربند هڙتال رهي ۽ قومپرست ڪارڪنن ڌرڻو هنيو، ميرپورخاص ضلعي ۾ مختلف شهرن مير واهه گورچاڻي، مکڻ سمون، ڪوٽ غلام محمد، لانڍي، ڍينگاڻ ۽ ٻين شهرن ۾ شٽربند هڙتال رهي، ميرپور خاص شهر ۾ قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو، ڊگهڙي، جهڏو ۽ نئون ڪوٽ ۾ شٽربند هڙتال رهي، جڏهن ته روڊن تان گاڏيون گم ٿي ويون، سنڌڙي تعلقي ۾ مڪمل شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال رهي، جڏهن ته عمرڪوٽ ضلعي جا بچاءُ بند، پٿورو، ڍورو نارو، غلام نبي شاهه، ڪنري ۽ سامارو مڪمل طور بند رهيا ۽ ڦيٿو نه ڦريو، عمرڪوٽ ۾ ريلي دوران پوليس 4 ڪارڪنن چندر مالهي، عمر راڄڙ، مهر علي ۽ غلام مصطفيٰ کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته جميل ڌونڪائي ۽ ڪريم مڱريو جي اڳواڻي ۾ ٿر بازار کان پريس ڪلب تائين ريلي نڪتي، ڄامشورو ۾ شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال رهي، ريلوي اسٽيشن وٽ گوليون لڳڻ سبب ٽرڪ ڊرائيور صلاح بٽ ولد محمد اقبال زخمي ٿي پيو، جڏهن ته آئل ٽينڪر کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، جڏهن ته ٽنهي يونيورسٽين جو تدريسي عمل ٺپ رهيو، ٻئي طرف سن، مانجهند، ٻڍاپور، پيٽارو، خاڻوٺ، منظور آباد، علي آباد ۽ لڪي شاهه سميت ضلعي جا ننڍا وڏا شهر مڪمل بند رهيا ۽ ڦيٿو نه ڦريو، ڪوٽڙي جي مختلف علائقن ۾ به شٽربند هڙتال رهي ۽ ڦيٿو نه ڦريو ۽ قومپرست ڪارڪنن مظاهرا ڪيا، جڏهن ته وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن ڪوٽڙي ريلوي ڦاٽڪ وٽ ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري پنجاب کان ڪراچي ويندڙ ريل گاڏيون بيهي ويون، اسٽيشن روڊ، هڏي مل، المدينه چوڪ ۽ ٻين هنڌن تي ديدار شاهه، عرفان شاهه، ذوالفقار جانوري ۽ ديدار ابڙي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻا هڻي ٽائر ساڙيا ويا، جنهن دوران پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ چڪريون پڻ هلنديون رهيون، ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شورو جي گهر آڏو وڏي تعداد ۾ پوليس مقرر ڪئي وئي هئي، هوڏانهن ايس ٽي پي ڪارڪن دلشاد ابڙي جي قتل بعد ٻيهر قومپرست ڪارڪنن بهار ڪالوني ۾ ڌرڻو هنيو، هوڏانهن ٿرپارڪر ضلعي ۾ مٺي ۽ چيلهار ۾ شٽربند هڙتال رهي، جڏهن ته پوليس سان چڪرين دوران ايس ٽي پي جي 11 ڪارڪنن ۽ هڪ فرنٽ جي ڪارڪن کي گرفتار ڪيو ويو، نندلال مالهي جي اڳواڻي ۾ جلوس ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو، ٻئي طرف عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ريلي ڪڍي ڪشمير چوڪ وٽ بابر اعواڻ جو علامتي جنازو ڪڍي باهه ڏئي ساڙيو ويو، ٽنڊي محمد خان ۾ به مڪمل طور شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال رهي، جڏهن ته مختلف تنظيمن پاران زاهد جسڪاڻي، رضا خاصخيلي، مشتاق شورو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌار ڌار مظاهرا ڪيا ويا، چمبڙ ۾ مڪمل شٽربند هڙتال رهي، جڏهن ته احمد مڱڻهار، حسين رستماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مارچ ڪري مظاهرو ڪيو ويو، نصرپور ۾ شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته عوامي تحريڪ پاران مير پرويز دائودپوٽو ۽ علي شير خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مهراڻ چوڪ تي پتلي کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، بلڙي شاهه ڪريم ۽ ڀرپاسي ۾ شٽربند هڙتال رهي، جڏهن ته جسقم ۽ ايس ٽي پي پاران عزيز رند ۽ سليم ميمڻ جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري پرس ڪلب آڏو روڊ بلاڪ ڪري ٽائر ساڙيا ويا، نيو سعيد آباد، هالا، ڀٽ شاهه، کنڊو، کيبر، اڏيرو لال، سيکاٽ ۽ ڀرپاسي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ مڪمل طور شٽربند هڙتال ڪري باءِ پاس تي 11 ٽرڪن ۽ ٻن ٽرالرن جا پٿر هڻي شيشا ٽوڙيا ويا، جڏهن ته جسقم، ايس ٽي پي ۽ ٻين تنظيمن پاران امين سنگراسي، غلام مصطفيٰ رند، رافع قريشي ۽ ٻين ڌار ڌار ڌرڻا هنيا، جڏهن ته قومپرست ڪارڪنن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مزار تي حاضري ڀري سنڌ جي سلامتي لاءِ دعائون گهريون، مٽياري ۾ شٽربند هڙتال ڪري ڄام شوڪت ابڙو، محمد عرس خاصخيلي ۽ ٻين قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏنيون، ٽنڊو الهيار، عثمان شاهه هڙي، پيارو لنڊ ۽ جهنڊو مري شهر به ڪالهه بند رهيا، ٽنڊي الهيار ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران سنڌو مڱڻهار، اڪبر ۽ ٻين احتجاج ڪيو، پوليس ايس ٽي پي جي عبدالله، پپو، سرفراز ۽ لياقت کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ عبدالحڪيم لغاري زخمي ٿي پيو، ٽنڊي ڄام ۾ مڪمل شٽربند هڙتال رهي، بدين ۾ مڪمل طور ڪاروبار بند رهيو، قومپرست ڪارڪنن مختلف چوڪن تي ٽائر ساڙي ڌرڻا هنيا، سنڌياڻي تحريڪ پاران ماروي بلوچ، ڊاڪٽر پرهه مڱڻهار ۽ ثمرين زنئور جي اڳواڻي ۾ بابر اعواڻ جو علامتي جنازو کڻي شهر جو گشت ڪرڻ بعد ان کي ايوان صحافت آڏو باهه ڏئي ساڙيو ويو، تلهار، گولاڙچي، کورواهه، ماتلي، ٽنڊو باگو ۽ ٻين شهرن ۾ شٽر ڊائون رهيو، ڪارڪنن ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا، جڏهن ته ٺٽي ۾ مڪمل شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال سان گڏ سڄو ڏينهن مظاهرن جو سلسلو جاري رهيو، سنڌياڻي تحريڪ، ايس ٽي پي، ايس يو پي، جسقم ۽ عوامي تحريڪ پاران شاهه گوهر گنج درگاهه کان نيشنل هاءِ وي تائين فاطمه هاليپوٽو، سلميٰ لاشاري، مٺا خان لاشاري، اشرف پليجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرا ڪيا ويا ۽ بابر اعواڻ جي علامتي جنازي نماز پڙهي سندس پتلي کي باهه ڏني وئي، مڪلي باءِ پاس تي مڇريل نوجوانن ڪجهه گاڏين تي پٿراءُ ڪري انهن جا شيشا ڀڃي ڇڏيا، ٻئي طرف نامعلوم ماڻهن ڌاٻيجي غريب آباد مارڪيٽ ۾ شيخ عبدالمجيد ڪالوني ۽ بلاول نگر ڌاٻيجي ۾ متحده جي ٻن آفيسن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جهمپير، غلام الله، ميرپور بٺورو، دڙو، ٻنون، سجاول، چوهڙ جمالي، جاتي، گجو، گهارو ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ هڙتال ڪري ڪاروبار بند رکيو ويو ۽ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا ڪري سخت نعريبازي ڪئي، شڪارپور، ڳڙهي ياسين، مديجي، ڊکڻ ۽ خانپور ۾ به مڪمل هڙتال ٿي، جڏهن ته مختلف تنظيمن سنڌي ادبي سنگت، فرنٽ، جسقم، جسم، جي يو آءِ، ايف پي پي، عوامي تحريڪ، ايس ٽي پي، ايس يو پي، جيئي سنڌ تحريڪ، جنيد سومرو يادگار ڪاميٽي ۽ ٻين پارٽين پاران مظاهرا ڪري ڌرڻا به هنيا ويا، احتجاج جي اڳواڻي سميع بلالي، زبير سومرو، حسن محمود شاهه امروٽي، عابد حيدري، حليم مهر، عبدالفتاح مهر، ظفر چنو، فهيم سومرو، وزير ابڙو، نصير منگي، سلطان سومرو، بشير ڪاڪيپوٽو، نعيم منگي، ارشد جوکيو، اظهر خان ڪماريو، نياز بروهي، حامد پنهور، بشير جوابپوري، ابو اڪرم، علي مراد سيٺار، صفيع الله، بدرالدين ابڙو، زاهد سنڌو، طارق نون، عاشق مڱڻهار، امان الله پهوڙ، مصطفيٰ ابڙو، حاجي خان سومرو، قاسم پٺاڻ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، لکي غلام شاهه، چڪ ۽ رستم ۾ هڙتال ٿي، هارون چني، قادر مهر ۽ امر سنڌي جي اڳواڻي ۾ ريليون به ڪڍيون ويون، 10 کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتاري بعد آزاد ڪيا ويا، ٻئي طرف سانگهڙ شهر مڪمل طور کليل رهيو، ان سلسلي ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ صالح جوڻيجي، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نزاڪت، سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ پروفيسر امر لغاري، سپلا اڳواڻ پروفيسر صديق انڙ ۽ ٻين سانگهڙ جي واپارين پاران سنڌ جي اجتماعي مسئلي تي هڙتال نه ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، شهر ۾ هوائي فائرنگ ڪئي وئي، ڪنڊياري ۽ پيرونمل ۾ شٽر بند هڙتال ڪري ايس ٽي پي اڳواڻ آفتاب مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جهول، مياڻ، چوٽياريون، ٽنڊو مٺا خان، لٽڪو موري، هيڊ جمڙائو، هٿونگو ۽ ٻين علائقن ۾ شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال رهي، ٽنڊو آدم ۾ شٽر بند هڙتال ۽ گاڏيون بند رهيون، جٽيا پاڙي وٽ هٿياربندن قومپرست ڪارڪنن تي فائرنگ ڪئي پر هو معجراڻي طور محفوظ رهيا، قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن غلام مصطفيٰ مري، ڪامريڊ محمد خان پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، پوليس جسم سانگهڙ جي صدر هيمون ڪالاڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ڄام نواز علي، ٻيراڻي ۽ نئون آباد ۾ مڪمل شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتا رهي، کپري ۾ شٽر بند هڙتال ۽ ٽرانسپورٽ بند رهي، جسقم اڳواڻ اڪبر مري ۽ شوڪت بڙدي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، سنجهورو، رڪن ٻرڙا ۽ لانڍي بند رهيا، ٽرئفڪ به غائب رهي، ايس ٽي پي اڳواڻن ممتاز لغاري، ممتاز ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، کڏڙو ۾ شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال رهي، ايس ٽي پي ڪارڪنن لکانو خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ مين چوڪ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، شهدادپور شهر بند رهيو، عوامي تحريڪ، ايس ٽي پي ۽ جسقم پاران علي مردان کوسو، رفيق جلالاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، شاهپور چاڪر ۾ شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال رهي، قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن کي مظاهري کان روڪڻ لاءِ مين ناڪي واري علائقي کي پوليس گهيري ورتو، جنهن دوران پوليس ۽ اڳواڻن وچ ۾ تلخ ڪلامي ٿي ۽ ڪارڪنن گهيرو ٽوڙي دلمراد ڏاهاڻي، راڻو خان ڪنڊاڻي، طالب عمراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، مقصودي رند ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، فنڪشنل ليگ ۽ پ پ (ش ڀ) پاران به حمايت ڪئي وئي، ڊاڪٽر عبدالرحمان رند، محمد ابراهيم رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ميڙاڪو ٿيو، سرهاڙي ۾ شٽر بند هڙتال ۽ جسقم ۽ ايس ٽي پي اڳواڻن وسيم ڏاهري ۽ جڙيو مگسي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي پتلو ساڙيو ويو، لنڊو، ٻرهون ۽ چودڳي ۾ ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ بند رهي، خيرپور ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ۽ ڦيٿو جام رهيو، قومپرست پارٽين سميت ڊسٽرڪٽ بار، مسلم ليگ (ن)، فنڪشنل لايرس فورم، مزدور اتحاد ۽ سول سوسائٽي جي ڪارڪنن به امجد مهيسر، شبير جمالي، بچل شاهه بخاري، الهورايو سومرو، شفقت مهيسر، ارشاد ڌاريجو، شهباز ڦلپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، شهر جي مختلف علائقن ۾ ڌماڪا ڪيا ويا، پوليس ۽ رينجرز جو گشت جاري رهيو، ٺيڙهي شهر ۾ احتجاج دوران پوليس ۽ رينجرز جي تشدد ۾ جسقم جا 5 ڪارڪن عرفان مهيسر، فرحان مهيسر، سميع الله ، نويد مهيسر ۽ نعيم انصاري زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال خيرپور ۾ داخل ڪيو ويو، پيرڳوٺ ۾ شٽر بند هڙتال ۽ ڦيٿو جام رهيو، جسقم، جساف ۽ فرنٽ ڪارڪنن هاشم راهوجو، ابو بڪر شاهه، عبدالله شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو، پريالوءِ ۽ ڳاڙهي موري ۾ شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي، پريالوءِ ۾ جسقم، جيئي سنڌ تحريڪ، پ پ (ش ڀ) ۽ فنڪشنل ليگ اڳواڻن سيد اشفاق شاهه، رحمت الله ڪنڌر، آصف بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، راڻيپور ۾ ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ بند رهي، گڏيجي مان راجا ڀيلار ۽ ميان بخش شاهاڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ۽ راڻيپور ۾ حفيظ ميمڻ ۽ سرمد نثار ڀٽي جي اڳواڻي ۾ جلوس ڪڍي ڌرڻو هڻي قومي شاهراهه کي بند ڪيو ويو، بوزدار وڏا ۽ آسپاس ۾ شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال رهي، مير حسن بوزدار، شفيق پنهيار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي خان واهه پل تي ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو ويو، گمبٽ، کهڙا، ڊرٻ ميهر شاهه، اڳڙا، راضيديرو، رپڙي ۽ ٻيا ننڍا وڏا شهر بند رهيا، ٽرانسپورٽ به رستن تان غائب رهي، تعليمي ادارا به نه کليا، قومپرست پارٽين سميت جي يو آءِ، سنڌ ساگر پارٽي ۽ ٻين مختلف تنظيمن پاران اعجاز ڦلپوٽو، سڪندر چانڊيو، قاري گل محمد مري، عبدالوحيد کهڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا ويا، قومي شاهراهه تي مڇريل ڪارڪنن ٽائر ساڙي پٿراءُ ڪري ڪيترين ئي گاڏين جا شيشا ڀڃي ڇڏيا، گمبٽ ۾ وڪيلن به عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي جلوس ڪڍيو، سوڀوديرو ۾ شٽر بند هڙتال ۽ ٽرئفڪ بند رهي، جسقم پاران ڪرم علي سامٽيو ۽ حاڪم منگي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ڪنب شهر ۾ ڪاروبار بند ڪرايو ويو، مختلف پارٽين ۽ تنظيمن پاران ڊاڪٽر مشتاق ڦل، ڪرم حسين وساڻ، حيدر چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ٺري ميرواهه، هنڊياري، سوئي گئس ۽ پير وسڻ ۾ شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي، ميرواهه ۾ علي نواز شر، اڪبر ٻانڀڻ، امير بخش منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، جسقم لائرس فورم پاران وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري الطاف شر جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، سيٺارجا ۾ شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ٿي، عبدالرزاق ڪٻر، بشير لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريليون ڪڍي ٽائر ساڙيا ويا، هڱورجا، رسول آباد، سمي ۽ گڏيجي ۾ شٽر بند هڙتال رهي، ڦيٿو جام رهيو، هڱورجا ۾ جسقم ۽ ايس يو پي پاران علي عثمان ميمڻ، فياض سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن احتجاجي مارچ ڪري ڌرڻو هڻي قومي شاهراهه کي بند ڪري ڇڏيو، پڪا چانگ، اڪري چودڳي، ڀنگو بهڻ ۽ ڪوٽ لالو ۾ شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال رهي، نوشهري فيروز، ڪنڊياري، درٻيلو، هالاڻي، ڀرياسٽي، ڀريا روڊ، خانواهڻ، محبت ديرو، نوان جتوئي، مٺياڻي، محرابپور، ڦل ۽ موري ۾ مڪمل طور تي شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ٿي، مظاهرا ڪري ڌرڻا به هنيا ويا، ڪنڊياري ۾ پٿراءُ سبب 10 کان وڌيڪ ٽرڪن ۽ ٽرالرن جا شيشا ڀڄي پيا، وڪيلن به عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو، ڪوٽڙي ڪبير ۾ هڙتال دوران گاڏين تي پٿراءُ به ڪيو ويو، جنهن سبب ڪيترن ئي گاڏين جا شيشا ڀڄي پيا، سڪندر ڪلهوڙو، نور راڄپر، خادم سيال، اظهر وسطڙو، اسلم سيال، رفيق پيرزادو، محبوب ابڙو، قاري گهانگهرو، ڊاڪٽر ممتاز کوسو، شاهد سولنگي، غلام قادر بڙدي، الهه وڌايو سيال، ذوالفقار، وڪيل منور پيرزادو، ضمير سهتو، غلام شبير ميراڻي ۽ ٻين اڳواڻي ڪئي، ٺارو شاهه، ڪوٽڙي ڪبير ۾ به هڙتال ٿي، دريا خان مري ۾ پڻ هڙتال ٿي، پڊ عيدن ۾ به هڙتال ٿي، گهوٽڪي شهر ۾ مڪمل طور هڙتال رهي، ڪارڪنن نصرالله ڪلادي، خالد لاکو، دلبر مهر، بشير مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان احتجاجي جلوس ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي، سرحد ۾ شٽر بند هڙتال ڪري نذير شيخ ۽ ظفر اوڳاهي جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، ڏهرڪي شهر بند رهيو، قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن سيد لعل شاهه، حاتن خان شر، ڊاڪٽر ظفر ڀٽو، ايڊووڪيٽ عبدالفتاح سميجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا ويا، اوٻاوڙي ۾ شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال رهي، وڪيلن پاران عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، تعليمي ادارا پڻ بند رهيا، ڪارڪنن احتجاج ڪندي شهر جو گشت ڪيو، ان دوران پوليس مجيد سنڌي، لالا شمن، زوهيب دايو ۽ شبير فاروقي سميت 5 ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن بعد ڪارڪنن شديد احتجاج ڪيو ته پوليس گرفتار ڪارڪنن کي ڇڏي ڏنو، ميرپور ماٿيلو ۽ آسپاس جي شهرن جروار، حيات پتافي ۽ داد لغاري ۾ مڪمل طور هڙتال رهي، ماٿيلو ۾ سوين ڪارڪنن فقير رمضان ڪلوڙ، شبير شر، نواز جلباڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، قادرپور، عادلپور، ماٿيلو، مومل جي ماڙي ۽ عمر ڊهو ۾ به هڙتال رهي، جيڪب آباد ۾ شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال رهي، ڪارڪنن ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻا هنيا ۽ گاڏين تي پٿراءُ پڻ ڪيو، مظاهري جي اڳواڻي سردار خالد حسين جهلڻ، علي محمد لاشاري، عبدالغفار مهر، مولا بخش کوسو، ذوالفقار سولنگي ۽ ٻين ڪئي، ڪنڌڪوٽ شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا، ڪارڪنن سجاد بروهي، عبدالصمد بجاراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جلوس ڪڍي ڌرڻو هنيو، تنگواڻي ۾ به شٽر بند هڙتال ڪري مظاهرو ڪيو ويو، خانپور مهر ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪري قومپرست پارٽين سميت جي يو آءِ، سنڌي ادبي سنگت ۽ شهرين طرفان جان محمد مهر ۽ دودو مهر جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ڳڙهي خيرو شهر بند رهيو ۽ ٽرانسپورٽ پڻ بند رهي، سوين ڪارڪنن بهرام خان لهر، ديدار حسين عمراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي جلوس ڪڍي ڌرڻو هنيو، ٺل ۾ به تاريخي هڙتال رهي، ٽرئفڪ روڊن تان غائب هئي ۽ ڪارڪن جوش ٻرڙو، جاويد، انور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رهبر چوڪ تي ٽائر ساڙي ڌرڻا هنيا، گڊو، ڪشمور، بخشاپور ۽ بڊاڻي ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، گڊو ۾ ڪارڪنن ڏاڏو جکراڻي، خادم بوهڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائر ساڙي مظاهرا ڪيا ويا، ٻئي طرف بينظير آباد ضلعي جا ننڍا وڏا شهر مڪمل طور بند رهيا، نوابشاهه شهر بند رهيو، ٽرئفڪ روڊن تان غائب رهي، وڪيلن طرفان عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، ڪارڪنن سرفراز، علي رضا خاصخيلي، هاشم لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻا هنيا، ان دوران پوليس سان چڪريون پڻ ٿيون، پوليس جي شيلنگ ۽ لٺبازي سبب مختلف پارٽين جي رياض کوکر سميت 5 ڪارڪن زخمي ٿي پيا، جڏهن ته جي يو آءِ، سچوا، شيعا علماءُ ڪائونسل، (ن) ليگ ۽ سنڌي ادبي سنگت طرفان به مظاهرا ڪيا ويا، سڪرنڊ شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪري سوين ڪارڪنن مجيد ڪيريو ۽ ماڙي جلباڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا، جڏهن ته ٽرئفڪ مڪمل طور بند رهي، ٻئي طرف سيد زين شاهه جي اڳواڻي ۾ موٽرسائيڪلن جي ريلي ڪڍي قومي شاهراهه تي چار ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو ويو، مڇريل ڪارڪنن پتلن کي باهيون پڻ ڏنيون، ڄام صاحب ۾ شٽر بند هڙتال ڪري مصطفيٰ جمالي، نظير سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، شاهپور جهانيان ۾ شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال رهي، نثار احمد سيٺر ۽ انتظار لغاري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، دوڙ شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، قاضي احمد ۾ شٽر بند هڙتال ڪري ڏاڏو مهر، ڪريم بخش گهلو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پوليس ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو ويو، دولتپور صفن شهر مڪمل طور بند رهيو، شهر جي مختلف هنڌن تان فائرنگ ٿيندي رهي، ڪارڪنن الاهي بخش انڙ، وفا جوکيو ۽ خادم انڙ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو، گپچاڻي، لاکا روڊ، ٻانڌي ۽ ضلعي جي ٻين شهرن ۾ به هڙتال ڪئي وئي.

روزاني ڪاوش اخبار جي ٿورن سان
 
Back
Top