[JUSTIFY][JUSTIFY]انسان پنهنجي سفر جي سهل ۽ جلدي پهچڻ لاء هميشهه شارٽ ڪٽ ۽ جلدي پهچڻ وارن رستن جي لاء ڪوششون ڪندو رهيو آهي پوء اهي کڻي ڪيترا به ڏکيا ڇو نه هجن۔ انکانسواء دنيا ۾ هر هنڌ پهچڻ لاء هن ڏکين ۽ اڻانگهن پيچرن کي به استعمال ڪيو آهي۔ دنيا جي اهڙن خطرناڪ رستن مان اتر ينگاس روڊ پڻ آهي جيڪو موت جي روڊ سان مشهور آهي۔ هي روڊ بوليويا جي لا پاز ۽ ڪوراشيو شهرن کي ملائي ٿو۔ اڻانگهو پيچرو يا روڊ 61 ڪلوميٽرن ڊگهو آهي جيڪو جبلن ۽ اتاهين چاڙهين سان گڏ هلندو رهي ٿو ۽ ڊرائيور جي ٿوري به غفلت سبب زندگيء تان هٿ کڻڻو پوي ٿو۔ هر سال 200 کان 300 ماڻهو هن روڊ ويندي اجل جو شڪار ٿين ٿا۔ [/JUSTIFY][/JUSTIFY]
جواب: دنيا جو سڀ کان خطرناڪ روڊ : اتر ينگاس روڊ بوليويا جيڪو موت جو رستو سڏجي ٿو جي ها ادا انتهائي خطرناڪ روڊ آهي
جواب: دنيا جو سڀ کان خطرناڪ روڊ : اتر ينگاس روڊ بوليويا جيڪو موت جو رستو سڏجي ٿو يار سليمان! پان کان گاڏي سڌي روڊ تي هلڻ مشڪل آهي، پر هت ته اصل ڪمال لڳو پيو آهي ۔۔۔ هيٺ ڏسڻ سان ئي مٿو ڦرندو هوندو ۔۔۔ بس ڙي يار انسان به عجيب آهي، جهڙو ملڪ ۽ ماحول اهڙا ئي ماڻهون هجن ٿا ۔۔۔ درياهي ماڻهون ڪچا، سنهڙا ۽ نازڪ ٿين ته جابلو ماڻهون سخت جان، ڳرا ۽ مضبوط ٿين ٿا ۔۔۔ رب جا ڪرشما آهن ۔۔۔ ڪالهه هڪ خبر ملي ته هڪ مائي ڪوريا جي زبان سکڻ ٿي چاهي پر ڳالهائي نه ٿي سگهي، ماهرن کيس ٻڌايو ته ڪورين زبان ڳالهائڻ لاءِ سندس زبان ننڍڙي آهي، ٿوري زبان ڊگهي هجڻ سان ڪوريا جي ٻولي ڳالهائي سگهجي ٿي ۔۔۔ ڪيو اندازو رب جي ڪرشمن جو، هر قوم کي اها ئي ٻولي ڏي ٿو جيڪا سندس ماحول ۽ قد بت مطابق ٺهڪي ٿي ۔۔۔ سبحان الله
جواب: دنيا جو سڀ کان خطرناڪ روڊ : اتر ينگاس روڊ بوليويا جيڪو موت جو رستو سڏجي ٿو سائين نثار مهرباني هي روڊ دنيا جي تمام خطرناڪ روڊن مان هڪ آهي۔ پر پوء به زندگي رڪجي ڪانه ٿي۔ انساني وڻج واپار ۽ اچڻ وڃڻ جاري آهي۔ رب پاران قائم ڪيل سرشتا، ريتون، رسمون، قدر جاري ۽ ساري آهن ۽ قيامت تائين جاري رهندا۔
جواب: دنيا جو سڀ کان خطرناڪ روڊ : اتر ينگاس روڊ بوليويا جيڪو موت جو رستو سڏجي ٿو سائين سليمان واقعي تمام خطرناڪ روڊ۔۔۔پاڻ کي ته ڏسندي ئي ڊپ ٿو ٿئي۔
جواب: دنيا جو سڀ کان خطرناڪ روڊ : اتر ينگاس روڊ بوليويا جيڪو موت جو رستو سڏجي ٿو نه صرف ور وڪڙ اٿس پر ان سان گڏ هن خطرناڪ روڊ تي جڏهن ٻه گاڏيون آمهون سامهون ڪراس ٿين ٿيون ته وڌيڪ خطرناڪ صورتحال پيدا ٿئي ٿي۔