جي ايم سيد جنھن کي اسان رھبر چوندي دير ئي نه ڪندا آھيون، پر ڇا ان جي ڪيل ھر ڳالھ تي اسان عمل ڪندا آھيو.؟ نه بلڪل به نه...ڇوته اسان اڃان جي ايم سيد کي سھي نموني پڙھيو ۽ سمجھيو ئي نه آھي اسان وٽ ٽائيم ڪٿي آ.؟ اسان اڄ ڪل جي قوم پرستن جي پوٺيان ڊُڪي ڊُڪي ٿڪجي ٿا پئون......۽ انھن جي پرچار ۾ مصروف آھيون....ھر قوم پرست جي تصوير سان گڏ جي ايم سيد جي تصوير لڳل آھي....انھن کان پُڇو ته سھين........ته اوھان جي ايم سيد جي فڪر تي ھلندي سنڌ جي آزاديءَ واري جھدوجھد کي ڪيترو مضبوط ڪيو آ.......پڪ ڄاڻو ته ھي سڀ ڊراما آھن سنڌي قوم کي بيوقوف بنائڻ جا......جي ايم جي فڪر جو اُبتڙ استعمال ڇا اوھان جي ضمير کي ملامت نه ٿو ڪري....اگر نه ٿو ڪري ته اوھان به ڊرامي باز آھيون...جيڪڏھن ڪري ٿو ته ملي ڪري آواز اُٿاريون. مون ۾ لکڻ جي سگھ ته گھڻي آھي، پر لفظ ساٿ ئي نه ٿا ڏين ته ڇا لکان.؟ جيڪڏھن اوھان پنھنجن پنھنجن پنھنجن قوم پرست ليڊرن کي پڏائڻ ئي ايمان جو جُز ٿا سمجھو ته اسان کي ڪوبه اعتراز نه آھي.....گھٽ ۾ گھٽ سيد جو ڪجھ خيال ڪريو.
جواب: جي ايم سيد جنھن کي اسان رھبر چوندي دير ئي نه ڪندا آھيون ان قوم جي تباهي يقيني آهي جنهن جا نوجوان قومپرست نه پر شخصيت پرست ٿي وڃن ٿا .... شخصيتون هميشه سبب هونديون آهن، اصل ناهن هونديون آهن ... شخصيتون وقتي هونديون آهن پر مقصد هميشه قائم رهندو آهي ... اچو ته جي ايم سيد سميت سڀني ڏاهن جي مقصد کي سمجهون، سوچون ۽ قوم کي شخصيت پرستيءَ کان ڪڍي قومپرستيءَ جي راهه تي گامزن ڪريون ... جي ايم سيد هڪ هنڌ لکيو آهي ته هُنَ ڪا نئين شئي ايجاد ناهي ڪئي بلڪ دنيا ۾ موجود حقيقتون گڏ ڪيون آهن ۽ قوم کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ... سنڏ جو هر هڪ انسان قيمتي آهي ...ڇاڪاڻ هر ڪو ماڻهون موتيءَ داڻو ...هر ڪا دل هيرن کاڻ
جواب: جي ايم سيد جنھن کي اسان رھبر چوندي دير ئي نه ڪندا آھيون سائين ھتي ھر ٻيو ماڻھون شخصيت پرست آھي۔۔۔۔ھتي قوم پرستي جو نالو وٺي پارٽي ٺاھيندڙ مختلفن نمونن سان پنھنجي ئي سنڌ ۽ سنڌين کي لوٽي رھيا آھن۔
جواب: جي ايم سيد جنھن کي اسان رھبر چوندي دير ئي نه ڪندا آھيون سائين جي ايم سيد فرمائي ٿو انهي سال جي آخري تاريخ ۾ 30 ڊسمبر 1923 تي شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي درگاھ وڃي دعا گهري خدا جا پيارا بزرگ ،درگاھ خداوندي مان پنهنجي هيٺين مقاصد جي حصول لا دعا گهر 1۔دنيا جي ظاهري جدا جدا مذهبن ۾ بنيادي طرح وحدت سمايل آهي۔جنهن جو مقصد انسانذات ۾ محبت،اتحاد سک،سلامتي آڻڻ آهي۔انهي حقيقت سبق کي وساري ماڻهو فرقه بندي ۾ ورهائجي ويا اهن جنهن ڪري دنيا ۾ نفاق ۽ فساد پکڙجي ويو آهي۔تو ڪثرت پويان وحدت ڏسي ان جو پرچار ڪيو آهي۔مون کي توفيق ڏيارا ته انهي راھ تي هلي محبت ۽ امن جو آواز ڪڍندو رهان۔ 2۔دنيا جي مغربي ملڪن جون قومون استعمال غرضي خاطر مشرق جي ڪمزور قومن کي غلام رکيون ويٺيون آهن مساوات ۽ آزادي هر فرد قوم جي جنم جو حق آهي۔تو مارئي جي عمر جي قيد مان آزاد ٿيڻ جون دعائون گهريون آهن۔هي ڪوڙوها ماڻهو ڏاڍا ۽ ظلم جي چيني ۾ گرفتار آهن تن جي آزادي ظلم خلاف لڙندو رهان۔ 3۔دنيا عقل هزارها سالن مسلسل ڳولا (کوجنا) جي باوجود ڪائنات جي اونهن اسرارن،حقيقي رازن ۽ صحيح حقيقت کي پوري طرح معلوم نه ڪري سگهيو آهي اڃا منڊي ماڪوڙي وانگر کوھ مان اڀ پيو ڪڇي ۔آئون راھ حقيقت جو ڳولائو آهيان۔مون کي حقيقي مال مان ماسو هٿ ڪرڻ ۾ مدد ڪر 4۔دنيا امن جي عيوضي مختلف ملڪن ۽ قومن جي باهمي اختلاف جو اکاڙو بنيل آهي۔تو سڀ عالم آباد ٿيڻ سنگهارن جي سرهي رهڻ لا دعائون گهريون آهن۔مون کي توفيق عطا ڪرا ته دنيا جي اتحادي،امن ۽ سک لا پاڻ پتوڙيندو رهان۔ جئين۔ماڻهو هڪ نظام ۾ شريڪ ٿي صحيح بين الاقوامي ادارو قائم ڪن۔ 5۔دعا گهر ته آئون مٿي ذڪر ڪيل مقصد جي حصول لا جتي وڃان آواز اٿاريندو رهان،جيستائين جئيرو هجان انهن اصولن تي قائم رهان ۔تو "سنڌ" جي سرسبز ٿيڻ لا دعا گهري آهي اها ڪافي نه آهي هر هڪ سنڌي کي مذڪوره بالامقصدن تي هلڻ لا دعا گهر" اهڙي طرح نمازون ،ورد ۔وظائف چله ڪشي هڪ طرف ڪندو رهيس ته ملڪ ۽ ماڻهو جي حتي الوسع خدمت ٻي طرف ڪندو رهيس۔ضلع لوڪل بورد ڪراچي جو پريزيڊنٽ چونڊجڻ بعد مون ڳوٺ سڌار هلچل جو بنياد وجهي ڪراچي ضلعي جي ڳوٺاڻي سوري ڪرڻ ۽ سڌاري لا تجربو تيار ڪرڻ واسطي پهرين اپريل 1929 تي ڪراچي ضلعي جو گشت شروع ڪيم ۔25 اپريل 1929 تي شاھ عنايت صوفي عليه رحمته الله جي زيارت ڪيم۔ان کان اڳ به زيارت ڪري چڪو هوس۔پر هن زيارت کان پو مون هيٺون خواب ڏٺو ته "هڪ مسجد نما محل ۾ داخل ٿيو آهيان۔جتي سوها ماڻهو ويٺل هئا۔ان جا ۾ وڏي مسجد جي محراب وانگر ڪيترائي محراب هئا۔جن مان هر هڪ جي سامهون ڪيترائي ماڻهو ويٺل هئا۔جن جدا نموني عبادتون پئي ڪيون ۽ باهمي گفتگو ۾ مشغول هئا۔آ جدا محرابن کي ڏسندو پئي گهميس ۽ اتي هڪ ماڻهوکان پڇا ڪيم هي ڪهڙي جا هئي،جنهن جواب ڏنو ته هي دنيا جي مذاهب جو مزڪز هوجتي سڀڪو مذهب وارو سندس محراب جي سامهون ويهي عبادت ڪري رهيو هو بهتر آهي ته رلڻ جي عيوض تون به هڪ محراب جي سامهون ويهي رھ، جنهن تي مون کي جواب ۾ آيو اهي سڀ محراب منهنجا هيا ۔آ هڪ جا تي ويهڻ جي عيوض سڀني جاين جو سير ڪري معلومات وڌائيندس" ان تي ڪن ويٺل ماڻهن مون تي نقطه چيني ڪئي جنهن مون کي مغموم ڪري ڇڏيو عين ان وقت هڪ هاتفي آواز ٻڌڻ ۾ آيم ته "فڪر نه ڪر ،تو صحيح رستو ورتو آهي،خدا توکي ان جي راھ تي استقامت بخشيندو" آهستي ڪري مون مٿي ٻڌايل جملي درگاهن جو زيارتون ڪيون ۽ راھ هدايت لا دعا گهرندو رهيس ان کانپو 18 کان 21 جون 1932 تي سيد ميران محمد شاھ ڀٽ شاھ جي ميلي تي ڪيتريون ڪانفرنسون سڏايون۔مون نه ان ۾ سندس مدد ڪئي انهي موقعي تي مون رات جو هيٺيون خواب ڏٺو جنهن ۾ "شاھ عبدالطيف رحمته الله عليه کي پري کان بيٺل ڏٺم آهستي ٿي اها تصوير منهنجي نزديڪ آئي ۔ ان تي مون کي عرض ڪيو ته مهرباني ڪري مونکي خداشناسي جي راھ ڏسيو جنهن تي پاڻ فرمايائين ته ان راھ ۾ توکي جذبه حب الوطني مذهبي رواداري، سماجي ڀلائي جا ڪم گهڻو ڪري مدد ڏيئي سگهندا" "پهرين سنڌ جي محبت ۾ مستغرق ٿيڻو پوند پو ساري عالم جي اتحاد ۔ امن ۽ سک لا پاڻ پٽوڙڻو اٿئي مون کيس عرض ڪيو ته ڪيترا دفعا ملاقات لا واجهايو هوم ۔ نمازون ۽ ورد پڙهي ديدار لا ڪوشش ڪئي هئي پر اها نصيب نه ٿي هئي هاڻ اتفاق سان اوچتو ملاقات ٿي آهي وري ملاقات لا ڪو رستو ڏسيو ان تي پاڻ هڪ اسم ڪليدي ٻڌايائون جنهن پڙهڻ بعد ننڊ ۾ ملاقات ٿيڻي هئي بعد ۾ اهو اسم ڪيترائي دفعا پڙهي ملاقات لا ڪوشش ڪيم پر ڪانه ٿي 1934 جي اپريل کان آ عجيب ۽ نفسياتي ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي ويس هڪ طرف آزاد سنڌ اندر سنڌي سياست کي شخصي اقتداري پرستي جي دائري کان ڪڍي ڪن اصولن جي بنياد تي پروگرم تيار ڪري پارٽي ٺاهي نئين سنڌ جي ترقي ۽ تعمير لا ڪم ڪرڻو جو سودا سمايل هو ٻئي طرف سياسي اختلافن ۽ دشمنين مالي مشڪلاتن جنگ اقتدار جي مهاڄار تنگ ٿي سياست کي ترڪ ڪري جذباتي ۽ ثقافتي زندگي گذارڻ لا سوچي رهيو هوس پوئين قسم جي خيالن کي مضمونن جي صورت ۾ قلمبند ڪندو ويس جن جا سرا تاريخ وارا هيٺ ڏيان ٿو۔اهي خيال منهنجي عشق مجازي مان حاصل ڪيل تجربن جا نتيجا هئا 1۔ دوست سان ٻه ٽي ڳالهيون 1 مئي 1934 ع 2۔ فراق جو گهڙيون 5 مئي 1934 ع 3۔ تنهنجي غلامي جا ڏينهن 7 مئي 1934 ع 4۔ قريب جو قرب 9 مئي 1934 ع 5۔محبون جو مڪتب 10 مئي 1934 ع 6۔برھ جو بحر 31 مئي 1934 ع 7 ۔دوست کان دور 1 جون 1934 ع 8۔پرين جي پلاند ۾ 4 جون 1934 ع 9۔پير کان پير تائين 20 جون 4193 ع 10۔عشق جي راھ ۾ 2 آڪٽوبر 1934 11۔مجاز جو نقشو 14 جنوري 1934 سياست ۽ مجازي ٻنهي کي ڇڏي نه سگهيس ۽ هلندو آيس۔درويش جي هدايت موجب خداشناسي جي حصول لا سماجي ۽ سياسي معاملن ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي ۔هيم پر ان راھ ۾ مشڪلاتون ڏسي ان کان جند ڇڏائي مجازي جو مزو وٺڻ گهريم ٿي ۔ٻئي ڳالهيون هلڻ مشڪل مسئلو نظر ٿي آيم۔ تنهنڪري هڪ کي ڇڏي ٻئي کي وٺڻ لا دل پئي گهريو پر جنهن صورت ۾ ٻئي ڳالهيون گڏ هلائڻ قمست ۾ لکيل هو۔ان حالت ۾ ٻنهي سان ٽوڙيندو آيس مجازي جي عين هڪ خواب 1933 ڌاري ڏٺم ”جنهن ۾ پري کان چوڏهين جو چنڊ سندس آسمان حسن ڪمال سان آسمان منجهه ڏسڻ ۾ آيو،ان ۾ چتائي ڏسڻ بعد اهو بدلجي هڪ خوبصورت عورت (سبهان الله) جي شڪل اختيار ڪري ويو۔جنهن آهستي آهستي ٿي منهنجي ويجھو اچي چپن تي چمي ڏني( سبهان الله) ان بوسي ايڏو سرور پيدا ڪيو جو مان ننڊ مان سجاگ ٿي پيس وهاڻو خوشيءِ جي ڳوڙهن سان ڀريل نظر آيم،خواجه حافظ جو هيٺيون بيت زبان پڙهي سرور خوشيءِ ۾ روئندو رهيس ”در ازل داده ست مارا ساقي لعل لبت جرعه جامي که من سرگرم آن جا مم هنوز” اهو بيت ايترو ته سر تي سوار ٿي ويو جو ذري گهٽ جنون جي حالت ۾ تي اتي وڃي پهتس پوءَ نماز پڙهي ان حالت مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ دعا گهري حافظ مان فال ورتم ته هن بيت تي نظر پئي ساقيا يک جرعه ده زان آب آتش گون که من درميان پختخان عشق تو خام هنوز معنيٰ ۔۔۔اي ساقي انهي آتشين نشي مان اڃان به وڌيڪ ڍڪ پيار، جو تنهنجي عشق ۾ اڃا تائين آئون ڪچو آهيان ان کان پوءَ سرور جو نشو گهٽيو ۽ اهو راز معلوم ٿيو ته اها سرور جي ابتدا هئي پخته ٿيڻ لاءِ اهڙا ڪيئي پيالا وقت به وقت پيئڻ جي ضرورت هئي خوابن جي دنيا ۽ درويش جي صحبت مان پرايل علم جي بيان ڪرڻ بعد غور ۽ فڪر ذريعي حاصل ڪيل احوال پنهنجي ڪتاب”پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني”مان ڏيان ٿو پورو ٿيو دعائن ۾ ياد