شمشير الحيدري جو انٽرويو۔

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عمران درويش سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏15 آگسٽ 2011۔

  1. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    سنڌ جي يگاني شاعر شمشير الحيدري جو هڪ تفصيلي انٽرويو۔





    دوستو هي ويڊيو ونڊ ڪرڻ وقت شمشير جي زندگيءَ تي لکڻ جا لفظ نه مليا ان ڪري ادا سليمان وساڻ جو موضوع گڏ اقتباس ڪيو اٿم۔

    (هن وڊيو کي ڊائونلوڊ ڪرڻ جي لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو)

    انٽريو ٻن قسطن تي مشتمل آهي پر ٻنهي کي ملائي هڪ وڊيو ٺاهي آهي جنهن جو عرصو ٻه ڪلاڪ ڇٽيهه منٽ آهي۔ وڊيو ڪوالٽي بهتر موجود نه هئڻ جي ڪري ان جي سائيز ننڍي رکي آهي ته جيئن وڊيو پگزليٽ نه ٿئي۔۔۔۔




    [​IMG]


    ڪانگل خط کڻي وڃي
    شمشير ڪٿي آهي؟
    حفيظ ڪنڀر

    تون به ڪراچي ۾ هئين، آئون به ڪراچي ۾ هئس، شمشير سان ملڻ جو ڪئين ڀيرا پروگرام ٺاهيوسون، پر پاڻ ٻئي شمشير سان نه ملي سگهياسون ۽ شمشير اسي سالن جي عمر ۾ ڪراچي ڇڏي اسلام آباد جي، G-11/3 (جي-يارهن-ٿري) منتقل ٿي ويو. ان رات فون تي ڳالهايم، کيس چيم ته تنهنجي اسلام آباد وڃڻ تي مون کي ڊاڪٽر تنوير عباسي جي سنڌ مان روانگي پئي ياد اچي، تون موٽي اچ. هتي حيدرآباد جي دوستن سان ملون، هتي رهون، پوءِ ڪجهه ڏينهن بدين گهمڻ هلون. چرچا گهٻا ڪياسون، کلياسون، طبيعت جو حال ٻڌائيندي چيائين ته نظر وهي رهي آهي، لکڻ پڙهڻ کان وهي رهيو آهيان. گهڙي کن لاءِ هن جي بي نور اکين جو سوچي آئون چپ ٿي ويس. وري کيس کلائڻ لاءِ چيم ته ”شمشير سائين! آئون هن هفتي فوزيه سان گڏجي اکين سميت پنهنجا عضوا اديب رضوي جي وارڊ ۾ Donate پيو ڪريان، ڀلا تون منهنجيون اکيون وٺ“. چيائين، ”يار! هونءَ به منهنجيون اکيون ته اوهان ئي رهيا آهيو، اوهان پيا سنڌ ڏسجو، مون کي پيا ٻڌائجو. منهنجي اکين سنڌ جا ڪئين خوبصورت منظر ڏسي ڇڏيا آهن. ٻه اڍائي مهينا سليم وٽ رهندس، علاج ڪرائيندس، اکيون ٺيڪ ٿي وينديون، پوءِ پيا سنڌ جا سهڻا منظر گڏجي ڏسنداسون...مون سوچيو هن جهوني بڙ ۾ اميدن جي ڇانوَ واقعي اڃا به گهاٽي آهي. ريما! مون کي ان گهڙي شمشير جي اها حسن بانو به ياد آئي، جيڪا حسن بانو شمشير پنهنجي ڪچڙي وهيءَ ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪولهين جا راسوڙا، ڀڄن، ست سنگ ۽ سِکن جا ڌرمي گيت ٻڌندي ٻڌندي پنهنجي تصور ۾ جوڙي رکي هئي ۽ شمشير پنهنجي خيالي ڪل جي گهوڙي تي چڙهي سمنڊن تان اڏامندو، ان رنگن ڀريءَ، انڊلٺيءَ حسن بانو وٽ ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڀيرا وڃي پهچندو هو، جنهن حسن بانو لاءِ شمشير لکيو.

    مدتن کانپوءِ ڪڏهن اوچتو
    شورشن ۽ حادثن جي سلطنت جي شاهزادي
    زندگي جي حسن بانو
    وقت جي اڻٿڪ اميدن جي گلابن ۾ ٿئي ٿي جلوه گر

    ترقي پسند ادب جي بنيادي سرواڻ ٽيم جي تخليقي حصي جو شمشير شايد آخري کاهوڙي آهي، جنهن جي اميد اڃا ناهي ٿڪي ۽ هن جي بي نور اکين کي سنڌ تي اڃان ڪنهن صبح جو انتظار آهي!

    ڏيئي جي لاٽ ته هر حال ۾ رهي قائم
    اهو ئي منهنجي مقدر جو فيصلو آهي
    پهاڙ جهڙا ارادا رکان ٿو سيني ۾
    هوا جي زور کان زياده ئي حوصلو آهي (شمشير)

    شمشير ۽ گهڻ رخو شمشير، سنڌ جي تخليقي توڙي تحقيقي محاذ تي بيٺل اهو ليکڪ رهيو آهي، جنهن سورن ورتل سنڌ اڳيان هڪ روايتي اديب طور نه پنهنجي حساسيت جو پڙهو ڏنو، نه ڪڏهن پنهنجي پڙهندڙن تي ڏات جو رعب وجهڻ جي ڪوشش ڪئي. هن بار بار خود کي قلمي ڪارڪن قرار ڏنو ۽ ڏانءَ جي ڳالهه تي زور ڏنو ۽ ان سڌي ڳالهه ڪرڻ باوجود سنڌ کي شمشير جي تخليقڪار هجڻ تي هڪ گهڙي به شڪ نه پيو. هو ذهين ليکڪ آهي. هن به هر ذهين ليکڪ وانگر پنهنجي ڪم کي گهڻو نه سهيڙيو، جيئن شمشير خود کي معاشي طور سهيڙي ٺاهي نه سگهيو. (۽ ان ڳالهه تي اسان کي فخر آهي) شمشير وٽ ادب تخليق جو نالو ئي رهيو، هن وٽ ادب مئنجمينٽ سائنس جو سبجيڪٽ نه هو، نه ته سنڌ ۾ ڪيترا ئي اهڙا اديب شاعر آهن، جن کي ادب طرف هجڻ ئي نه گهربو هو. انهن ادب کي تخليق ۽ ذميواري بجاءِ Management سمجهيو. اهي اديب گهٽ، ادبي Managers وڌيڪ آهن. اهي Managers هڙان وڙان خرچ ڪن ٿا، ساڳي Quality جا هجڻ ڪري هڪ ٻئي کي سهارو ڏيڻ لاءِ نيٽ ورڪس ۾ رهن ٿا. ادبي مئگزينن سان سهڪار ڪري انهن تي ٽائيٽل فوٽا ڇپرائن ٿا، راڳين جي مالي ساهتا ڪندي اهي پنهنجي شاعري ڳارائڻ ۾ ڪاميابيون ماڻين ٿا. ڪيترائي ڪشٽ ڪشالا ڪڍي ادبي وفدن ۾ شامل ٿي ادب ۽ فن جي نمائندگي به ڪن ٿا. هاڻ ته سوشل ميڊيا جي فيس بوڪ واري حصي وڏي سهولت ڪري ڏني آهي. اديب، پوءِ رهنما اديب، ڪي قومي اديب ته ڪي استاد اديب، پر شمشير ان ادب جي خود ساخته جهان جي حصي کان پري ڪارڪن طور ادب جي ميدان تي رهيو ۽ هن گهٽ ۾ گهٽ ڄمار جا سٺ سال ادب کي ارپيا. شمشير ادب جي جهان ۾ ڪارڪن ٿي رهڻ شايد ان ڪري چاهيو هجي جو کيس هڪ ذميوار تخليقڪار جيان اهو احساس هو ته ادب مقابلي بازي ۽ رهنما ٿيڻ جي ڊوڙ نه پر لکڻ ۽ لکڻ، لکڻ جي مشق ذريعي سٺي کان سٺي لکڻ طرف وڃڻ جو نالو آهي. لڳي ٿو ته شمشير اها حقيقت آڳاٽو سمجهي ويو هو ته ڪڏهن ڪڏهن رهنمائي خود کي ۽ پويان ايندڙ قافلي کي به اوجهڙ ۾ اڇلي سگهي ٿي. ريما! توکي شمشير جي شاعري ۾ رهنمائن کان هوشيار رهڻ جي بار بار صدا ٻڌڻ ۾ ايندي.

    سنڌ جي نئين نسل کي اسان جي سينئر نسل پڪ سان اهو ڪو نه ٻڌايو هوندو ته شمشير سنڌي شاعري ۾ آزاد نظم جي بچاءَ جو شروعاتي وڪيل هو. جڏهن آزاد نظم بابت سنڌي ادبي ميدان تي بحث ڇڙي پيا هئا، روايتي ۽ تقليدي ليکڪن شاعري جي ان صنف کي به ڪفر يا ڪافراڻي صنف جو ٺپو هڻي ڇڏيو هو ته شمشير 1964ع ۾ ”سنڌي آزاد نظم ۽ ان جو مستقبل“ لکي انهن اديبن کي دونڌاڙيو هو ۽ اهو ساڳيو مواد ڊگهي عرصي کانپوءِ ”سنڌي آزاد نظم جي اوسر“ جي عنوان هيٺ ڪتابي شڪل ۾ ماڻهن جي هٿن تائين پهتو هو. هي مختصر ڪتاب آئون چوان ٿو ته سنڌ ۾، هر ادب جي هر شاگرد کي وري وري پڙهڻ گهرجي. ريما! توکي خبر آهي ته اسان ٻارڙن لاءِ نه لکي ڄڻ وڏا اديب ٿا ٿي وڃون، ٻارن لاءِ لکڻ کي اسان پنهنجي ادبي انا جو مسئلو بنايو هجي يا نه، پر نه لکڻ لاءِ اسان ڪيتريون ئي تشريحون ۽ تاويلون ٿا پيش ڪريون. اسان ٻارن لاءِ لکڻ کي ٻارن جو ڪم ئي ٿا سمجهون، ٻارن کي اسان ٻاراڻو ادب پڙهڻ ڪٿي ٿا ڏيون؟ نه کين ٻاراڻو ادب پڙهڻ ٿا ڏيون، نه انهن لاءِ لکون ٿا. پر پنهنجي شمشير سائين ٻاراڻي ادب ۾ گهڻو Contribute ڪيو. شايد ڪيترن کي خبر نه هجي ته شمشير سنڌ جي ٻارڙن کي سونل ٻائي، مائي ملوڪان مٽڪي واري، ڦيٿي جو گيت جهڙيون منظوم ڪهاڻيون ڏنيون. نه فقط اهو، پر ٻارن کي تاريخي ۽ سائنسي معلومات پڻ ڏنائين.

    شمشير جو ڪيترو ئي ادبي ڪم آهي، جيڪو سهيڙجڻ کان رهجي ويو آهي. ريما! جڏهن پاڻ هنن خطن ذريعي ادبي بورڊ طرفان وڏي خرچ واري لوڪ ادب جي پروجيڪٽ تحت سهيڙيل، ڇپيل ڪتابن جي اکيل ڪئي ته سرڪاري، ڪامورائي اديبن ٻيگهي مچائي ڏني هئي. (اڃان به ڪجهه ڪتاب هٿ ڪيا آهن، سي توکي موڪلي ٿو ڏيان). اصل ۾ ڦٿڪي ۾ ورتل، ادب تي انڪروچمينٽ ڪري ويٺل انهن صاحبن کي خبر نه هئي ته پاڻ ڪا به نئين ڳالهه نه ڪئي هئي، لوڪ ادب جي قصن جي نالي ۾ ڇا ڪيو ويو آهي!؟ جيڪي ڪجهه ڪيو ويو آهي، ان کي ته شمشير صاحب به ”لُڙ“ ٿو چوي. شمشير کي جيڪا مزاح ۽ طنز جي ونڊ مليل آهي، اها ورڇ سنڌ ۾ تمام ٿورن ليکڪن کي نصيب ٿي آهي. هن جي ڪالمن جا عنوان ئي چهري تي هلڪي هلڪي مرڪ آڻي وجهندا هئا. مثال، ”ڦلترو جو ڪالم“ ۽ شمشير جون مشهور پيروڊيز ڪامياب پيروڊيز ٿينديون ئي مشهور ڪلام يا شعر جون آهن. ”ڀت وڏو ڏهاري آ“ يا ”مان ڏوئي هان، مان ڏوئي هان!، مون ڪيئي ڀت رڌا آهن.“ اياز جي شعرن تي اهي مرڪائيندڙ، خوبصورت پيروڊيز ڪنهن کي ياد ناهن!؟ شمشير جي شاعرانه طنزيه ڪاٽ ڪمال جي رهي آهي. سدائين پياڪن جي پاسي رهندڙ شمشير جڏهن مئڪدي ۾ پنهنجي فڪري رقيب تي چوٽ ڪري ٿو توبهن ڪرايو ڇڏي. شمشير جي گذريل زندگي ۽ زندگي جو هي حصو پنهنجي نئين نسل لاءِ وڏي Inspiration ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن هن جو ڇپيل ڪم تسلسل سان هڪ هنڌ اچي ۽ نئين نسل کي ٻڌايو وڃي ته سنڌ ۾ شمشير جهڙا ٿورائي اديب آهن، جن جو مڻڪو ٽُٽِي ته سگهي ٿو، پر ڪنڌ جهڪي نٿو سگهي ۽ اهي ادبي ڪردار رحمت ماڃوٺي جي ڪهاڻي ”مڻڪو“ جي ڪردار وانگر جيڪي ادب جي ٿيئٽر ۾ بلڪل ڇيڙي جا ڪردار ٿا لڳن. شمشير بظاهر فقيري رنگ ۾ پاڻ کي ائين رکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو سنڌي ادب جي ٿيئٽر جو مک کان مک ڪردار آهي. هن جي ڪنڌ جيان هن جو قلم ڪٿي به جهڪيو ناهي.

    دنيا تنهن کي نيچ نوائي، جيڪو خود ئي ڪنڌ جهڪائي
    ان جي داسي دنيا آهي، جيڪو حڪم هلائي
    تون ڀي حڪم هلاءِ نادان، دنيا تنهنجي آهي (شمشير)

    ضيائي خوني مارشل لا، جنهن جي بربريت کي سنڌي ادب ذري گهٽ آزاد ڪري ڇڏيو هو، سنڌ جا ڪيترائي وڏا ناليرا اديب ڀٽي دشمني ۾ ضياءَ کي آمر لکڻ لاءِ نه تڏهن تيار هئا، نه اڄ تيار آهن، انهيءَ ضيائي دور ۾ شمشير اخباري ايڊيٽوريلن ذريعي ظلم جي رات کي رات چوندو رهيو. ان ئي دور ۾ شمشير جي هٿن مان جوئي صاحب جي سرپرستي هيٺ هفتيوار ”هدايت“ جهڙو شاندار مئگزين نڪتو، جن ڪيترن ئي سائنسي، سماجي ۽ ترقي پسند ذهنن جي اڃ اجهائي پئي. شمشير جنهن اڻ ٿڪائي ۽ اورچائي ۽ فقيراڻي مزاج سان ادب سان خود کي سلهاڙي رکيو، تنهن سدائين پنهنجي قلم ذريعي نئون چارڻ ٿيڻ گهريو.

    پيئڻ جا بهانا، پيارڻ جون ڳالهيون، جيئن شال، ڪر ڪي جيارڻ جون ڳالهيون
    ڪٿي آهي شمشير جو چنگ چوري، زمانو ته ڀلجي ويو چارڻ جون ڳالهيون


    جڏهن شمشير مون کي ٻڌايو ته نظر هلي وئي آهي ته مون کي سندس ئي سٽون ياد آيون. گهڙي کن لاءِ هانءُ کي جهٻو آيو، جيءُ جهريو، پوءِ بي نور شمشير جي پراعتماد ذات تي رشڪ به آيو. هن جي اندر اڃان ڪي روشنيون آهن.

    انڌيرن ۾ پلجي پئي روشنائي، وڏي ڳالهه آهي
    اڃان وقت کي پئي ڳولي سچائي، وڏي ڳالهه آهي​
     
  2. سيد بشارت حسين

    سيد بشارت حسين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2011
    تحريرون:
    53
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: شمشير الحيدري جو انٽرويو۔

    ادا تمام بهترين ونڊ آهي۔
    سائين شمشير الحيدري لاءِ اسان وٽ واقعي ڪي به لفظ ناهن جو بيان ڪجن۔ اهڙيون شخصيتون دنيا ۾ صدين کان پوءِ پيدا ٿينديون آهن۔
    حيدري صاحب جن جو تفصيلي انٽرويو سليمان وساڻ صاحب به سنڌ سلامت تي پيش ڪري چڪا آهن۔ اوهان وڊيو جي صورت ۾ اضافو ڪري ان کي اڃان به خوبصورت بنائي ڇڏيو آهي۔ ان لاءِ ڪي۔ٽي۔اين نيوز وارن جون ڪوششون به ساراه جوڳيون آهن۔
    سٺي ونڊ ڪرڻ جون مهربانيون۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شمشير الحيدري جو انٽرويو۔

    شمشير سنڌ جي انهن شاعرن مان هڪ آهي جيڪا يگانا شاعر آهن۔ شمشير اها شخصيت آهي جنهن سنڌ ۽ سنڌي ٻوليء جي جهول ڀري آهي ڀر سندس جهول خالي آهي۔ شمشير جنهن کي ڪنهن کان به ڪا شڪايت ناهي۔ شمشير جيڪو سنڌ جو دلير ايڊيٽر هجڻ سان گڏ بهترين شاعر پڻ آهي۔ شمشير جيڪو پاڻ ٿو چوي، جنهن لاء دوست ٿا چون ته

    ’شمشير‘ کي سڏ ڪريو، ’ شمشير‘ ڪٿي آهي؟
    محفل کي مچائيندو، ان جو ئي سخن شايد

    شمشير سنڌي شاعري، ٽي ويء تي سنڌي نشريات ۽ مختلف ادارن جي جوڙجڪ ڪئي آهي انهن مان سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پڻ آهي۔ شمشير تي ڇا لکجي سنڌ جو هڪ خوبصورت ڪردار جنهن تي سنڌ کي ناز آهي۔ شمشير سنڌ جو درد رکي ٿو شمشير چوي پيو

    هرڪو پيش امام ،
    ناهي نمازي ڳوٺ ۾ يارو

    ڏيڍ سرون جوڙيائون مسيتون
    پنهنجي پنهنجي نانء

    پنهنجا خطبا پنهنجون ٻانگون
    ٻئي جي ٻڌڻ حرام

    پنهنجي هٽڙي ، پنهنجو هوڪو
    پنهنجو پنهنجو دام

    هرڪنهن ويڪوء رکيو آهي
    خود جو خود نيلام

    هرڪو ليڊر هر ڪو ورڪر
    ڪوئي ناهي عوام

    هڙئي سچا، هڙئي ڪوڙا
    واجب ڪل قتلام

    سائين خير ڪرئي سنڌڙي
    جيئي شال عوام



    شمشير الحيدري جو هي پروگرام جڏهن ڪي ٽي اين تي هليو ته گهڻن دوستن فون ڪري مونکان اهو پڇيو ته ڇا شمشير گذاري ويو آهي۔ مون کين چيو ته نه ۔ کو ته ڪي ٽي اين تي جڏهن سندس شاعريء جا هيٺيان ٻول هليا ته سڀ پريشان ٿي ويا۔

    هڪڙو شمشير هو زماني ۾
    سو به دنيا مان اڄ گذاري ويو۔


    هن پروگرام جو هڪ حصو مان به ڪونه ڏسي سگهيو هوس پر درويش سان رابطو ڪري کيس عرض ڪيم ته شمشير جو پروگرام ريڪارڊ ڪجان۔ درويش جا لک ٿورا جنهن پروگرام کي ريڪارڊ ڪري اسان سان ونڊ ڪيو آهي

    شمشير الحيدريء جي زندگيء تي مان به هڪ ننڍڙو مضمون سنڌ سلامت تي لکيو هو جيڪو هت ڪلڪ ڪري پڙهي سهجي ٿو۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: شمشير الحيدري جو انٽرويو۔

    آ ٿورا مڃيان ته ڪيئن مڃيان ۔۔۔!!! پنهنجي اندر جي خوشي ۽ ڏکارين احساسن جو اظهار ڪريان ته ڪيئن ڪريان ۔۔۔!!!، مون تمام گهڻي ڪوشش ڪئي هئي ته اهو انٽرويو ڏسي سگهان پر مون وٽ هت ڪي ٽي اين آهي ڪون ۽ نيٽ تي ڪي ٽي اين 5 منٽ هلي ٿي ته 10 منٽ بند ٿي وڃي ٿي ۔۔۔ ڏاڍي اڻ تڻ هئي ۔۔۔ مون جڏهن ان اڻ تڻ جو اظهار دوست سليمان سان ڪئي ته هن آٿت ڏني ته سنڌ سلامت جي پياري دوست درويش اهو انٽرويو رڪارڊ ڪري ورتو آهي ۔۔۔ بس پو دلجا ٿي ته دير ئي سهي پر اهو انٽرويو ڏسڻ لا ضرور ملندو ۔۔۔ سو اڄ اها دلي خواهش دوستن پوري ڪر لک لائق ڪيا آهن ۽ ٿورائتو ڪري ڇڏيو آهي ۔۔۔

    بابا شمشير لا آ ڇا چوان دوستن منهنجي زبان جا لفظ اڳ ئي چئي ڇڏيا آهن ۔۔۔ حقيقت ۾ بابا شمشير کان متاثر ٿي مون به سنڌي ادب کي پڙهڻ ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت ۾ ڪجهه ڪرڻ لا پاڻ پتوڙيندو رهيو آهيان ۔۔۔ محترمه نسيم حيدري سان شادي ڪرڻ کانپو ۽ ڪجهه اڳ مون شمشير کي ويجهي کان ڏٺو، حيرانگي جي حد نه رهي ته هن دنيا ۾ اهڙا صوفي ۽ درويش منش انسان به رهنٿا ۽ اڃان جيئرا آهن ۔۔۔

    ” مولا تي ننگ آ“ چوڻ وارو هي سهڻو انسان تمام سادو، پائڻ جو، کائڻ جو ۽ وهنوار ۾ پڻ تمام سادو انسان آهي ۔۔۔ نه غرور، نه لالچ ۽ لوڀ ۽ نه وري ڪنهنجي خلاف دل ۾ نفرت جو ڪو ڪڻون ۔۔۔ محبتي ماڻهون آهي، کل ۽ مشڪ سندس منهن تي مڙيان جيئان هوندي آهي ۔۔۔

    سنڌ سان عشق اٿس، سچ چوڻ ۽ سچ لکڻ ۾ مشهور آهي، پنهنجي ڪنهن به ليک يا ڪتاب تي کيس ڪو فخر ناهي هوندو ۔۔۔۔

    دوستو! ڪي ماڻهون پنهنجي ذات ۾ ادارا هوندا آهن، ۽ شمشير الحيدري پڻ هڪ ادارو آهي جتان ڪئي شاگرد پنهنجي پياس اجهائي چڪا آهن ۔۔۔

    رب العالمين کيس وڏي ۽ صحتمند ڄمار عطا ڪري ۔۔۔ آمين
     
  5. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: شمشير الحيدري جو انٽرويو۔

    ادا تمام بهترين ۔۔۔۔۔۔ مون اهو انٽرويو ٽي وي تي به ڏٺو هيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تمام بهترين
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: شمشير الحيدري جو انٽرويو۔

    دوستو! سچ پڇو ته هي انٽرويو ڏسندي مونکي ائين لڳو ته شمشير الحيدري سنڌ جو هڪ جوڌو جوان رهيو آهي، جنهن ون يونٽ جي قهري ڪوٽ کي ڪيرائڻ لاءِ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ ۾ هر قسم جي جنگ وڙهي آهي ۔۔۔ هو هميشه پنهنجي ذات جي مفادن کي پاسيرو ڪري سنڌ ۽ سنڌيت جي مان کي وڌائيندو رهيو آهي ۔۔۔

    ڄام صادق جي طرفان ڪروڙن روپين جي آڇ کي ٺڪرائڻ وارو هي انسان اڄ کيسي خالي آهي پر پوءِ به ايمان ايترو مضبوط اٿس جو هو هاڻ تازو جڏهن اسلام آباد ٿي ويو ته کائنس اسان پاران پڇڻ تي ته کيس ڪنهن شئي جي ضرورت آهي ته ٻڌائي ۔۔۔ جواب ڏنائين ته چيائين ته، رب جا گنج آهن ۽ مولا تي ننگ آهي، کيس ڪنهن شئي جي ضرورت ناهي، پر جڏهن خبر ڪئي سون ته حيرت ٿي ته، کيسا خالي هيس ۔۔۔

    آهي ڪو اهڙو انسان به هن دنيا جي ٽڪڙي تي ۔۔۔

    دوستو! اسانکي سندس ڪردار مان پرائڻ گهرجي ۽ ايمان جي سگهه کي وڌائڻ گهرجي؟

    سلام سنڌ جي ڏاهن، جوڌن ۽ سچن انسانن کي ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  7. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: شمشير الحيدري جو انٽرويو۔

    ادا بشارت وڏي مهرباني۔۔
     
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: شمشير الحيدري جو انٽرويو۔

    سائين شمشير الحق حيدري جي عظمت کي سلام

    الله کيس حياتي صحت عطا ڪري

    ۽ ٿورا ڪي ٽي اين جا ۔ عمران درويش جا جن جي صدقي اسان سائين جو انٽريو

    ڏٺو سندن لک ٿورا

    سدائين گڏ
     
  9. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: شمشير الحيدري جو انٽرويو۔


    شمشير تي ڇا لکجي سنڌ جو هڪ خوبصورت ڪردار جنهن تي سنڌ کي ناز آهي۔ بلڪل ادا سليمان مان اوهان جي متفق آهيان۔۔۔ پر اوهان شمشير جي شخصيت کي خوبصورت لفظن جي مالا ۾ پيش ڪرڻ جي لاجواب ڪوشش ڪئي آهي۔۔۔

    لک لائق اوهان جا۔۔۔۔۔



    دعا ۾ ياد
     
  10. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: شمشير الحيدري جو انٽرويو۔

    ادا عمران تمام پيارو ونڊ ڪيو اٿو۔۔۔ ڪجهه ڏينهن پهريان مون پاڻ به ڪي ٽي اين تي سائين محترم جي انٽرويو جو ٻيون حصو ڏٺو هئو۔۔ ادا رشيد سمون جن پڻ مونکي انهي ويڊيو جي باري ۾ چيو هئو۔۔۔ مون پاڻ وٽ ته انهي ويڊو کي محفوظ رکيو آهي پر وقت نه هئڻ جي ڪري سنڌ سلامت تي چاڙهي نه سگهيس۔۔۔۔
     
  11. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: شمشير الحيدري جو انٽرويو۔

    سائين نثار ابڙو صاحب اهي اوهان وڏڙڻ جا قرب ۽ صحبتون آهن جو اهڙي فارورڊ دور ۾ به اسان نوجوان انٽرنيٽ تي ويهي ڪري ٻين تمام دلچسپين کي هڪ پاسي رکي پنهنجي ٻولي سان لاڙو قائم رکي ويٺا آهيون۔ اوهان خوشنصيب آهيو جو اوهان جو شمشير الحيدري جهڙي لازوال شخصيت سان سڳي رشتن جي ڏور سان جُڙيل آهيو۔ ۽ اسان خوشنصيب آهيون جو اسان اوهان جهڙن وڏڙن جي ادب ۽ سکيا ڀري صحبت ۾ شامل آهيون۔۔۔


    جيڪڏهن شمشير جي شخصيت تي اوهان کي به لفظ نه ملن ته اسان جي ڪهڙي حيثيت جو اسان انهن جي زندگي کي لفظن ۾ سهيڙڻ جي ناڪام ڪوشش ڪريون۔۔


    دعا ۾ ياد۔




    .....................................

    ادا عرس اوهان جي مهرباني۔۔۔




    دعا ۾ ياد

    .....................................


    سائين فقير صاحب اوهان دوستن جا قرب آهن۔

    لک لائق۔۔




    دعا ۾ ياد۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو