مون کي هميشه پنهنجي سنڌي اڳواڻن ۽ ليکڪن کان شڪايت رهندي آهي ته اسان سنڌين جو موقف يا سنڌيت بابت اظهار غير سنڌين سان درست طريقي سان واضح طور ڪري نه سگهندا آهن۔۔ ان جو سبب اڙدو زبان جو گهٽ اچڻ هجي يا وري اسان سنڌين جو فطرتي طور ڌارين کي پاڻ کان وڌيڪ عقلمند سمجهڻ هجي پر ان سلسلي ۾ هڪ عام سنڌي کي مون وانگر ساڳي شڪايت رهندي آهي۔۔۔
منهنجي آفيس ۾ انگريزي اخبار سان گڏ روزانو امت اڙدو اخبار به ايندي آهي۔۔۔ جنهن جي خصوصيتن ۾ هڪ ڀلي خاصيت اها لڳندي آهي ته ڪراچي جي هر واقعي کي ڪنهن کان ڊڄڻ کان بغير درست طريقي سان فوڪس ڪندي آهي۔۔ هن اخبار جي آرٽيڪلس ۾ محترم الطاف شيخ ۽ محترم اعجاز منگي جو آرٽيڪل پڙهڻ نه وساريندو آهيان۔۔۔
سنڌين طرفان گذريل ٻن هڙتالن جو اثر اهڙو رهيو جو اهو ڌاريو جيڪو اسان سنڌين کي خاموش ۽ دنيا مافيها کان بيخبر سمجهندو هو اسان کي حيرت سان ڏسي رهيو آهي۔۔۔ هو حيران آهي ته اهڙي قوم جيڪا هڪ ئي ڏينهن ۾ پنهنجي جذبن سان ڪنهن جابر کي معافي وٺڻ تي مجبور به ڪري ٿي ته مطلب پرست حڪومت کي پنهنجي فيصلن ۾ تڪڙو ترميم ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي سا پنهنجا حق وٺڻ لاءِ ڪنهن به وقت طوفان مچائي سگهي ٿي۔۔۔
اڄوڪي امت اخبار ۾ محترم اعجاز منگي ۔۔۔۔ ان خاموش ۽ امن سان رهندڙ سنڌ جو ذڪر ڪيو ۽ ذڪر به اهڙو ڪيو جو ڌارين کي پنهنجي مقصد ۽ سنڌيت جي پرچارڪ جو درس به ڏئي ڇڏيو ۔۔ ۔ سندس امت اخبار ۾ لکيل هي آرٽيڪل اڙدو هجڻ باوجود ان ڪري ونڊ ڪجي ٿو ته متان توهان جي آسي پاسي ڪو غير سنڌي هجي جنهن اڳيان توهان کي به نڊر ۽ بهادر سنڌي پنهنجي سنڌ ڪارڊ سميت ثابت ڪرڻو پوي۔۔۔
حاضر آهي محترم اعجاز منگي جو ڪالم ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ ڪارڊ