سونهن ۽ سينگار جهڙي ڇوڪري۔ ڪنهن نشيلي پيار جهڙي ڇوڪري۔ ڪيڏي چنچل شوخ دلڪش، عشق جي اظهار جهڙي ڇوڪري۔ لات ۾ سر تال ڪيئي ڇيڙي پئي، ڪنهن سريلي ساز جهڙي ڇوڪري۔ ذلف جي پنهنجا وکيري هوء هلي، سانوڻي وسڪار جهڙي ڇوڪري۔ پري ۾ ساحر کي وئي پنهنجو ڪري، مرڪندڙ مهڪار جهڙي ڇوڪري۔
جواب: سونهن ۽ سينگار جهڙي ڇوڪري۔ جنيد جا سهڻا لفظ ۽ عاشق جي من موهيندڙ چترڪاري ۔۔۔ سهڻي ڇوڪري ۽ انجي حسن جي ساراهه تمام پيرائتي انداز ۾ ڪيل آهي ۔۔۔ غزل جو ترنم اهڙو جو دل ڳائڻ جو پئي ڪري ۔۔۔ واه واه ذلف جي پنهنجا وکيري هوء هلي، سانوڻي وسڪار جهڙي ڇوڪري۔ هن بند ۾ لفظ ” ذلف “ ۔۔۔۔ ”زلف“ ڪري لکندا، آخري بند ۾ پري لفظ ڪهڙي معني ۾ استعمال ٿيل آهي؟ پري ۾ ساحر کي وئي پنهنجو ڪري، مرڪندڙ مهڪار جهڙي ڇوڪري۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سونهن ۽ سينگار جهڙي ڇوڪري۔ سونهن ۽ سينگار جهڙي ڇوڪري۔ ڪنهن نشيلي پيار جهڙي ڇوڪري۔ بهترين شاعري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تمام سهڻا خيال آهن ۔۔۔۔ عاشق جي سهڻي ڊزائن ۔۔۔۔ ڪجهه لفظن جي تصحيح ڪري ڊزائن ٻيهر لڳايو ۔۔۔۔۔۔۔۔ تصوير جي لاجواب سليڪشن آهي۔ رمضان جي مهيني ۾ عيد ويجهي آهي ۽ اهڙي شاعري اصل قهر ڪري ٿي وجهي۔
جواب: سونهن ۽ سينگار جهڙي ڇوڪري۔ تمام گهڻيون مهربانيون ادا عاشق ، سائين سليمان ، ادا ڦلپوٽو فقير، ۽ سائين نثار ابڙو جون ۔ سائين اهو پري لفظ ٽائيپنگ جي غلطي جي ڪري اچي ويو آهي اتي ،پريت، لفظ آهي
جواب: سونهن ۽ سينگار جهڙي ڇوڪري۔ اوهان جي ڳالهه بلڪل صحيح آهي۔ پر عاشق کي چئو ته ڪريڪشن ڪري ۽ موضوع جي ترميم ذريعي ان کي هتي اپڊيٽ ڪيو۔
جواب: سونهن ۽ سينگار جهڙي ڇوڪري۔ جنيد يار اوھان به الائي ڪيئن ٿا شاعري ڪيو۔ خبر ته پوي ئي نه ٿي مان اوھان کي ڪيترا دفعا چيو آھي ته شاعري سھي لکي ڏيندا ڪريو۔؟
جواب: سونهن ۽ سينگار جهڙي ڇوڪري۔ خير آهي ۔۔۔۔۔۔۔ ٽائيپنگ جون غلطيون اسان کان به ٿينديون آهن، پر ترميم ڪري ان کي ٻيهر صحيح ڪري لڳائيندا آهيون۔ اوهان وٽ جيڪڏهن ساڳي ڊزائن سيو ٿيل آهي ته ان ۾ ضروري ترميمون ڪري ٻيهر لڳايو۔