سنڌ جو لاڙ مدد لاءِ واجهائي ٿو؛

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏16 آگسٽ 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ

    [​IMG]

    آءُ سنڌ جي سڀني دردمندن، سنڌ جي سڄڻن کي سنڌ جي قومپرست پارٽين کي ۽ سنڌ جي سرندي وارن کي هٿ ادب جا ٻڌي گذارش ڪندس ته خدارا سنڌ جي لاڙ جا رهواسي جن ۾ بدين، ٽنڊو محمد خان، ٿرپارڪر، عمر ڪوٽ ۽ انجي ڀرپاسي جا ماڻهون تازو آيل بارشن سبب قدرتي آفت ۾ آهن، کاڌي جي کوٽ ٿي وئي اهي، بيمارين منهن ڪڍيو آهي، ٻار، ٻڍا، عورتون ۽ جوان سڀ اوهانجي راهه نهارين ٿا ... انهن جي مدد لاءِ اڳتي وڌو ، اي سنڌي قوم جا سڄڻو هي وقت آهي، هڪٻئي جي مدد ڪرڻ جو، اڄ اسانجي سنڌ جو لاڙ مصيبت ۾ آهي، اتان جا ماڻهون الله ۽ اوهانجي آسري تي آهن ... حب الوطنيءَ يا انسانيت يا مذهبي جذبي سان سندن مدد ڪريو ..سنڌ پڪاري ٿي مدد لاءِ ....

    زڪوات هجي، خئير هجي يا فطرانو هجي يا ڪهڙي به قسم جي مدد، سندن تائين پهتي ڪريو ...

    مدد ڪريو، قومپرستيءَ جو ثبوت ڏيو
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ جو لاڙ مدد لاءِ واجهائي ٿو؛

    ڏکئي وقت ۾ مسلمان ڀاء کي گهرجي ته پنهنجي مسلمان ڀاء جي هر ممڪن مدد ڪري اسان به سڀني سرندي وارن دوستن کي عرض ٿا ڪريون ته پنهنجي ڀائرن جي مدد ڪري سندن همدردي جو ثبوت پيش ڪن.
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جو لاڙ مدد لاءِ واجهائي ٿو؛

    جنهن ڏينهن سنڌ ۾ هڙتال جي ڪال ڏنل هئي ان ڏينهن سنڌ جي لاڙ خاص ڪري، بدين، ٺٽو، ميرپور خاص، ٿرپارڪر جي ڪجهه حصن ۽ ٽنڊي محمد خان ضلعن ۾ برسات سبب وڏي تباهي آئي هئي۔ ان ڏينهن مان سنڌ سلامت تي لکيو هو ته هن هڙتال سبب ماڻهن جي ڪا خاص مدد نه ٿي سگهندي۔ سنڌ حڪومت هڙتال کي ناڪام ڪرائڻ ۽ قومپرست ڌريون ۽ سنڌي عوام هڙتال کي ڪامياب ڪرائڻ ۾ رڌل هئا۔ پر هوڏانهن ماڻهو ٻڏي رهيا هئا ۽ بي يارومددگار هئا۔

    اڄ ان ڏينهن کي پنج ڏينهن گذري ويا آهن پر ماڻهو دربدر آهن، فصل تباهه ٿي چڪا آهن ۽ جهڳيون به تباهه ٿي چڪيون آهن۔ سنڌي ماڻهو وري سنڌ ڏانهن ڏسي رهيا آهن، ڪراچي ۾ گهمان ٿو ته ڪابه ڪيمپ ناهي۔ اهي تنظيمون جيڪي ڪشمير جي زلزلي يا گلگت جي بارش زدهه ماڻهن لاء ته چندا گڏ ڪنديون آهن پر سنڌ جي ماڻهن لاء مدد ڪرڻ ته پري سوچڻ به گوارا نه ٿا ڪن۔ ساڳي صورتحال حڪومت ۽ اردو ميڊيا جي به آهي۔

    دوستن کي گذارش ته اڳتي اچن ۽ پنهنجي ڀائرن جي مدد ڪن۔
     
  4. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    جواب: سنڌ جو لاڙ مدد لاءِ واجهائي ٿو؛

    ادا واقعي اسان کي هنن غريب ماروئڙن جي مدد ڪرڻ گهرجي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو