نثارابڙو
نائب منتظم

آءُ سنڌ جي سڀني دردمندن، سنڌ جي سڄڻن کي سنڌ جي قومپرست پارٽين کي ۽ سنڌ جي سرندي وارن کي هٿ ادب جا ٻڌي گذارش ڪندس ته خدارا سنڌ جي لاڙ جا رهواسي جن ۾ بدين، ٽنڊو محمد خان، ٿرپارڪر، عمر ڪوٽ ۽ انجي ڀرپاسي جا ماڻهون تازو آيل بارشن سبب قدرتي آفت ۾ آهن، کاڌي جي کوٽ ٿي وئي اهي، بيمارين منهن ڪڍيو آهي، ٻار، ٻڍا، عورتون ۽ جوان سڀ اوهانجي راهه نهارين ٿا ... انهن جي مدد لاءِ اڳتي وڌو ، اي سنڌي قوم جا سڄڻو هي وقت آهي، هڪٻئي جي مدد ڪرڻ جو، اڄ اسانجي سنڌ جو لاڙ مصيبت ۾ آهي، اتان جا ماڻهون الله ۽ اوهانجي آسري تي آهن ... حب الوطنيءَ يا انسانيت يا مذهبي جذبي سان سندن مدد ڪريو ..سنڌ پڪاري ٿي مدد لاءِ ....
زڪوات هجي، خئير هجي يا فطرانو هجي يا ڪهڙي به قسم جي مدد، سندن تائين پهتي ڪريو ...
مدد ڪريو، قومپرستيءَ جو ثبوت ڏيو