خميسي خان جي شاعري

Abdul Wahid Soomro

سينيئر رڪن
غزل
بخت جي امداد ڪئي آ ڪا گھڙي،
ٿور ڙو اي بادله پئه تون لڙي.

منھنجو من پياسو ۽ ويرانو ڏسي،
ڪارڙا وسي پئه، ڇڏ اڙي.

رڻ منجھان گلزار ٿئي تمنا گھڻي،
آشيان لئه ڄڻ ڪا ڪِويل آ رڙي.

سڀ گھٽائون آس وند محبوب جي،
ياد گيريون جيئن ڪڙي ۾ آ ڪڙي.

چاھتون بادِ صبا سان منتظر،
گلستان مان بس خزان آھي تڙي.

حسن جو مظھر "خميسا" من اندر،
ازل کان آابد جنھن سان جي جڙي.

خميسو خان خانوٺي.
 
Back
Top