توسان نينهن جو ناتو لائي ويٺاسين۔۔۔۔۔۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Moazam Ali
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Moazam Ali

سينيئر رڪن
”غزل“

توسان نينهن جو ناتو لائي ويٺاسين
نطر پوءِ هر دم جهڪائي ويٺاسين

ڏسي تنهنجي نيڻن جو اوناهون ساگر
توڪل جي ٻيڙي تاري ويٺاسين

رهي دل کي دلبر رڳي ديد تنهنجي
تصور جي تصوير ٺاهي ويٺاسين

سڄي آهي محفل تو لئي ” وفا “ جي
شيراز چئي چراغن کي ٻاري ويٺاسين


”وفا” شيراز نظاماڻي
 
جواب: توسان نينهن جو ناتو لائي ويٺاسين۔۔۔۔۔۔۔

توسان نينهن جو ناتو لائي ويٺاسين
نطر پوءِ هر دم جهڪائي ويٺاسين


بهترين شاعري ۔۔۔۔۔۔

تمام سٺا خيال آهن ۔۔۔۔۔
 
Back
Top