• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مانجهي مڻيادار ...انا هزاري

نثارابڙو

نائب منتظم
انا هزاري
هڪ سورهيه، ڏاهو ۽ جاکوڙي شخص، جنهن قومي جاڳرتا سان انقلاب جو نعرو هنيو آهي ....
ڪرپشن مرده آباد

anna380_pti1.jpg


ملڪ ڀارت جو هڪ سورهيه انسان جنهن ڀارت ۾ ڪرپشن جي خلاف جهاد جو اعلان ڪيو آهي ... ڏسندي ڏسندي ئي ڀارت جي نوجوانن سان گڏ سڀ فرقي جا ماڻهون سندس پوئلڳ ٿيندا وڃن ٿا ... سندس قومي پوئواريءَ سبب هي ڏاهو انسان هڪ جوڌي جيئان هڪ فوجي جنرل جيئان اٿي کڙو ٿيو ۽ ڀارت ۾ ڪرپشن ۽ مٿئين طبقي جي ظلمن جي خلاف سگهارو آواز ٿي اڀريو آهي ... اڄ کيس گرفتار ڪري ڀارت سرڪار پاڻ ڦاسي وئي آهي ...
کيس ايلاز منٿون ڪري آزاد ڪرڻ جو چيو وڃي ٿو پر هن آزادي به پنهنجي مرضيءَ سان حاصل ڪرڻ تي زور ڀريو آهي ...
انکي چوندا آهن قوم ۽ قوم جا هيرو اڳواڻ



 
جواب: مانجهي مڻيادار ...انا هزاري

سائين اهي سڄي ڳالهه سچائي جي

جيڪو پاڻ سان ۽پنهنجي قوم سان سچو ٿيو ته منزل آسان آهي
 
جواب: مانجهي مڻيادار ...انا هزاري

ڪالهه ٽي وي تي مظاهرا ڏٺم ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر هتي ڪير شروعات ڪندو ۔۔۔۔۔۔۔۔

هتي ته سڀ ماڻهو ڪرپشن جو حصو ٿيندا پيا وڃن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دعا آهي ته ڪا اهڙي تحريڪ ڪامياب ٿئي۔
 
Back
Top