عالمي دنيا جي اڪابر عالمن ۽ محققن جي اولين صف ۾ شمار ٿيندڙ عظيم عالم، محقق، اديب، دانشور ۽ ماهر تعليم، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جن جي ڏکائتي وڇوڙي بعد، سندس مهربانن طرفان لکيل تعزيتي تاثرات تي مشتمل ڪتاب ڇپجي چڪو آهي،جنهن کي سندس ڏوهٽي محمد ارشد بلوچ صاحب جن ايڊٽ ڪيو آهي، مُرتب محمد يوسف ڀنڀرو صاحب آهي ۽ ڇپائيندڙ ’سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم‘ آهي. جڏهن ته ان ڪتاب جي ڪمپوزنگ هن حقير طرفان ٿيل آهي. ڊائون لوڊ ڪريو http://www.4shared.com/file/TSMYGLjn/Dr_Baloch.html
جواب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (تعزيتي تاثرات) سائين ابو واصف اوهان جي مهرباني جو سنڌ جي نامور محقق ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن جي متعلق ڪتاب توهان اسان سان شيئر ڪيو ڊاڪٽر صاحب تمام خليق انسان هيو ڪافي دفعا ساڻن ملاقات جو شرف حاصل ٿيو بيحد با اخلاق سهڻي سيرت جا صاحب هئا الله تعالى کين جوار رحمت ۾ جايون عطا فرمائي۔
جواب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (تعزيتي تاثرات) ادا ابو واصف اوهان جا لک لائق جو اوهان اهڙي قيمتي ڪتاب کي اسان لاءِ مهيا ڪيو، ڌڻي اوهان کي سلامت رکي، مرحوم ڊاڪٽر صاحب جن جي مغفرت فرمائي، جنت الفردوس نصيب ڪري، هن ڀلاري مهيني ۾، هن ڀلاري جمعي جي ڏينهن، ۽ هن ڀلاري گهڙي ۾ توهان اسان جي مغفرت ڪري ۽ دعائون قبول ڪري، آمين۔ ڪتاب جي پي ڊي ايف فائيل فائنل 3 ۾ پيج نمبر 19 تي سائين رشيد سمون صاحب جن جا تاثرات پڙهي دلي خوشي محسوس ٿئي پئي جو پاڻ ڊاڪٽر صاحب جن جي وڇوڙي تي پوري سنڌ سلامت سٿ طرفان دلي ڏک جو اظهار ڪيو اٿن ۽ مرحوم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جن جي علمي پورهيي جو سرسري طور ذڪر به ڪيو اٿن، سائين رشيد سمون صاحب جن هن تاريخي ڪتاب لاءِ پنهنجي عظيم تاثرات ۾ سنڌ سلامت جي سڀني ساٿين کي شامل ڪري احسان ڪري ڇڏيا آهن، سندن جا لک ٿورا۔۔۔
ادا لنڪ ڪم ڪانه ٿي ڪري۔ مهرباني ڪري صحيح لنڪ ڏيو يا ڪتاب اي ميل ۾ سليمان وساڻ کي موڪليو۔ ته جيئن هن سيڪشن جي هلندڙ اپ ڊيٽ ۾ ڪا رڪاوٽ نه ٿئي ۽ اهو ڪم وقت سر ٿي وڃي۔
ادا ان وقت هي لنڪ ڪم ڪري پئي، پر اڄ واقعي لنڪ ڪم نه ٿي ڪري، ادا ابو واصف جن کي آ ذاتي طور عرض ڪندس۔۔۔
ادا طاهر سنڌي صاحب توهان جنهن ڪتاب جو ذڪر ڪيو آهي ڇا اهو ڪتاب اسان کي ملي سگهي ٿو، ڪتاب جي حاصلات لاء مدد ڪندا ته نوازش ۽ قرب ٿيندا۔ مهرباني۔