صبا حسين کجور غذائيت ۽ دوائن جي خاصيتن سان ڀرپور هڪ اهڙو ميوو آهي جيڪو صدين کان انساني خوراڪ جو حصو رهيو آهي، کجور نبين ۽ صالح ماڻهن جي پسنديده غذا رهي آهي، رسول پاڪ صه جن کجور جي ميوي کي تمام گهڻو پسند فرمائيندا هئا، اسان جي نبي حضرت محمد مصطفى صلي الله عليه وسلم جن کان اڳ عرب ۽ عجم ۾ کجور کي هڪ تجارتي جنس جو درجو حاصل هو، کجور جي پوکي ٿيندي هئي، کجور وانگر ان جي ککڙي ۾ به بيشمار غذائي ۽ طبي فائدا آهن. حضور پاڪ صه جن جي فرمان مطابق کجور جي ککڙي سان دل جو مرض ختم ڪري سگهجي ٿو، رمضان المبارڪ ۾ مسلمان انهيءَ مذهبي ذوق ۽ شوق سان افطاري کجور سان ڪندا آهن، جنهن سان انهن کي ثواب ۽ غذائي توانائي حاصل ٿيندي آهي. اسان وٽ کجور کي گرم غذا سمجهيو ويندو آهي، جهڙي طرح اسين گرمين ۾ ماکي جو استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪندا آهيون اهڙي طرح ئي کجور کي به استعمال نه ڪيو ويندو آهي، جيتوڻيڪ جديد طب انهن ٻنهي احتياطن کي فضول قرار ڏنو آهي ۽ ثابت ڪيو آهي ته ماکي، زيتون ۽ کجور جي غذائي افاديت موسمن جي لحاظ سان ناهي بدلجندي ۽ نه ئي گرمي ۾ انهن کي ڇڏي ڏيڻ گهرجي. * کجور هاضمي وارو ميوو آهي، هي بدن جي پرورش ۽ هاضمي جي نظام کي صحيح ڪندي آهي. * ٻارن کي کير ۾ کجور وجهي اوٻاري پوءِ پياريو وڃي ته ٻارن کي توانائي حاصل ٿيندي آهي. * رات جي وقت ڪجهه کجورون پاڻي ۾ پسائي رکو ۽ صبح سوير نيراني منهن انهيءَ پاڻي ۾ کجورن کي مسلي هفتي ۾ ٻه ڀيرا استعمال ڪريو ته اها دل جي توانائي لاءِ موثر ٽانڪ ثابت ٿيندي. *قبض کان ڇوٽڪاري لاءِ کجور استعمال ڪرڻ گهرجي. کجور آنڊن کي محترڪ ڪري اجابت کي آسان بڻائي ٿي، پيچيش جي صورت ۾ کجورن جي مٺ ڀري ڪنهن ٿانو ۾ پاڻي ۾ پسائي رکو ۽ ٻي صبح انهن جو شربت ٺاهي پيئڻ سان قبض ختم ٿي ويندو. *کجور جي استعمال سان آنڊن ۽ پيٽ جي ڪيڙن کان ڇوٽڪارو حاصل ٿي سگهي ٿي، کجور سان آنڊن جو انفيڪشن ختم ٿي ويندو آهي. * ننڍن ٻارن لاءِ کجور توانائي سان ڀرپور اهڙي غذا آهي جيڪا بازاري دٻن ۾ بند غذائن کان سئو ڀيرا فائديمند ۽ سستي آهي، ان لاءِ کجور کي کير ۾ پسائي نرم ڪيو وڃي ۽ ان کي ڪچلي حلوي وانگر بڻايو وڃي، ٿورو ٿورو ضرورت موجب ٻارن کي ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو کارايو وڃي فائديمند آهي. اهي ٻار جن جا ڏند نڪري رهيا هجن انهن کي کجور ۽ ماکي جو معجون ٺاهي ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا چٽايو وڃي ته ٻار پيچش کان محفوظ رهندو. واضح رهي ته کجور کي هميشه احتياط سان ڌوئي استعمال ڪرڻ گهرجي، کجور جي ليس دار سطح تي آلودگي ۽ زهريلا ماده چمبڙي ويندا آهن، کجور ڀلي دٻي ۾بند هجي پر کائڻ کان اڳ ان کي ڌوئڻ صحت لاءِ ضروري هوندو آهي، طاقت ۽ اولاد نه ٿيڻ جي علاج لاءِ جيڪڏهن کجور ۽ ماکي کي برابر ملائي کائو ته قوت ۾ اضافو ٿيندو. ڪمزوري لاءِ هڪ مني پيالي کجور تازي کير ۾ پسائي رات جو رکي ڇڏيو ۽ صبح جو استعمال ڪئي وڃي ته تمام گهڻي فائديمند آهي، * ڪمزور سنهي ماڻهن لاءِ کجور هڪ اڪسير آهي، اڌ ڪلو کير ۾ چار کجور روزانو اوٻاري کائو ته بدن ۾ طاقت محسوس ٿيندي. * زچگي دوران عورتن کي اضافي خوراڪ جي ضرورت هوندي آهي ۽ جيڪي عورتون گهڻي خوراڪ استعمال ناهن ڪنديون اهي روزانو اٺ ڏهه داڻا کجور هڪ گلاس کير ۾ وجهي کائين، کير کانسواءِ به کجورون کائڻ سان مناسب ۽ متوازن غذا جي منشا پوري ٿي ويندي آهي. ڪاوش جي ٿورن سان
جواب: کجور هڪ فائديمند ۽ صحت بخش غذا کارڪن بابت تمام سٺو ليک ۔۔۔۔۔۔۔ کارڪن سان روزو افطار ڪرڻ سنتن ۾ شامل آهي۔ کارڪون حفظان صحت لاء اهم ميوو آهن۔ کارڪون، فولاد، ڪاربوهائيڊريٽس ۽ وٽامنز سان ڀرپور هڪ صحت بخش ميوو آهي. جنهن کي مختلف روايتي طريقن سان کاڌن ۾ استعمال ڪيو ويندوآهي. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ کارڪون پيدا ڪرڻ وارن ملڪن ۾ پاڪستان پنجين نمبر تي آهي۔
جواب: کجور هڪ فائديمند ۽ صحت بخش غذا مطلب ته کارڪون هڻ پاڻ سان گڏ کڻي گهمجن ۔۔۔ ايترا اڳڻ ڳڻيا فائدا ٻڌائي اصل ڪم آسان ڪري وڌو اٿوَ ۔۔۔ هاڻ خبر پئي ته عاشق کي لوز موشن ڇو ٿيا آهن، ڪاوڙ ۾ کائي ويو هوندو گهڻيون کارڪون، ته بس پوءِ حاضمو گهڻو درست ٿي ويو هوندو ۔۔۔ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪتلون يا کارڪون انتهائي فائدي مند غذا آهي، نبي سڳوري پڻ ڪجهه هن طرح فرمايو آهي ته” جنهن گهر ۾ کارڪن جو وڻ هوندو ته اهو گهر بکيو نه سمهندو ۔۔۔ “ کاڌو نه ملي ته صرف کارڪون ئي جسم جي توانائي پوري ڪرڻ لاءِ ڪافي هونديون آهن ۔۔۔ واه سائين عاشق ۔۔۔ مون ته اصل کارڪن جو دٻو گهر ۾ ڀري رکيو آهي ۔۔۔ اصل کٽڻ ئي نه ڏيندو آهيان ۔۔۔
جواب: کجور هڪ فائديمند ۽ صحت بخش غذا مطلب ته کارڪون هڻ پاڻ سان گڏ کڻي گهمجن ۔۔۔ ايترا اڳڻ ڳڻيا فائدا ٻڌائي اصل ڪم آسان ڪري وڌو اٿوَ ۔۔۔ هاڻ خبر پئي ته عاشق کي لوز موشن ڇو ٿيا آهن، ڪاوڙ ۾ کائي ويو هوندو گهڻيون کارڪون، ته بس پوءِ حاضمو گهڻو درست ٿي ويو هوندو ۔۔۔ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪتلون يا کارڪون انتهائي فائدي مند غذا آهي، نبي سڳوري پڻ ڪجهه هن طرح فرمايو آهي ته” جنهن گهر ۾ کارڪن جو وڻ هوندو ته اهو گهر بکيو نه سمهندو ۔۔۔ “ کاڌو نه ملي ته صرف کارڪون ئي جسم جي توانائي پوري ڪرڻ لاءِ ڪافي هونديون آهن ۔۔۔ واه سائين عاشق ۔۔۔ مون ته اصل کارڪن جو دٻو گهر ۾ ڀري رکيو آهي ۔۔۔ اصل کٽڻ ئي نه ڏيندو آهيان ۔۔۔
جواب: کجور هڪ فائديمند ۽ صحت بخش غذا سچ ۾ سائين پڪوڙن منھن ڪارو ڪيو :bounce-grn::bounce-grn: باقي ويچارين کارڪن جو قصور ئي نه آھي۔:no::no:
جواب: کجور هڪ فائديمند ۽ صحت بخش غذا کارڪون جا تمام انيڪ فائدا آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سليمان وساڻ جي علائقي م ته جام ٿينديو آهن