• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڀٽائي جو عاشق ڀٽائي کي رُوپا ماڙيء تي ڏسندي

عرفان ديشي

سينيئر رڪن
رات ڏٺـو هـوم گھـوٽ ڀـــٽائــــــي
گھُــــمـنـدي روُپــــــا مـــــاڙيء تــــــــــي
اجــــرڪ جو هوس جھنڊو هٿ ۾
11wg6jb.jpg

رت لـــڳل هـــــوس ڏاڙهــــيء تــــــــــــي
 
جواب: ڀٽائي جو عاشق ڀٽائي کي رُوپا ماڙيء تي ڏسندي

شاعر پنهنجي خيالن جي بهترين نموني سان ترجماني ڪئي آهي

جاري رکجو


سدائين گڏ
 
جواب: ڀٽائي جو عاشق ڀٽائي کي رُوپا ماڙيء تي ڏسندي

جنهن ملڪ لا لطيف سڳورو دعائون گهرندو هو پر اڄ انجي حالت اهڙي ته ڏکوئيندڙ آهي جو شاعر کي لطيف سڳوري جي ڏاڙهي به رت سان رنڱيل ٿي نظر اچي ۔۔۔ ههڙا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾

لک ٿورا عرفان ديشي ۔۔۔
 
جواب: ڀٽائي جو عاشق ڀٽائي کي رُوپا ماڙيء تي ڏسندي

سنڌي ماڻهن جي احساسن کي سهڻن لفظن جو روپ ڏنل آهي۔

پوء به سنڌ لاء دعا آهي ته لطيف کي خوش ٿيندين ڏسون ۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: ڀٽائي جو عاشق ڀٽائي کي رُوپا ماڙيء تي ڏسندي

مان توهان سڀني دوستن جو وڌ ۾ وڌ شڪر گُذار آھيان دوستو جو توهان منهنجي حوصلا افزائي ڪئي مان تمام گھڻو سڪر گُذار آهيان۔۔۔۔۔۔۔ مهربانيون انشاء الله اڳتي به اهڙيون شيون ونڊ ڪندو رهندس
 
جواب: ڀٽائي جو عاشق ڀٽائي کي رُوپا ماڙيء تي ڏسندي

شعر پڙهندي تصور ڪافي ڏکوئيندڙ ۽ ڀيانڪ ٿو اڀري۔۔۔
رڳو سنڌ نه پر سموري عالم لاءِ امن جي آشا رکندڙ ڀٽ جو ڀٽائي دنيا جي موجوده صورتحال تي رت جا ڳوڙها ڳاڙيندڙ لڳو۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: ڀٽائي جو عاشق ڀٽائي کي رُوپا ماڙيء تي ڏسندي

ڀٽائيء جي دعا سڀني لاء آهي۔۔۔۔۔۔
تمام بهترين شيئرنگ
 
Back
Top