[JUSTIFY]قوم پرست سياست ۽ سنڌ جي بقا جو سوال: لجپت راءِ مظلوم ليکڪ انڊس هيرالڊ جي ٿورن سان؛ ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سياست وڏي سگهه رکي ٿي پر ان ڳالهه ۽ حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو ته سياست جو محور عوام ئي آهي ۽ سماج اندر سياست ڪنهن به رياست ۾ عوام جي چوڌاري گهمي ٿي سياست جو ڳانڍاپو سنئون سڌو عوام سان ئي هوندو آهي. سياست جهڙو سٿرو لفظ هن جديد دور ۾ عالمي سطح تي به چالبازين، سوديبازين ۽ ڍونگ جي ور چڙهي ويو آهي تنهنڪري موجوده دور ۾ ڍونگي سياست واري لاڙي ۾ سنڌ جي بقا کي برقرار رکڻ هڪ وڏو چئلينج بڻيل آهي. سنڌ، سنڌي عوام توڙي قومپرست سياستدانن کان گهڻو ڪجهه گهري ٿي، ان لاءِ قومپرست سياستدانن مستقبل ۾ سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن توڙي ڌرتي جا اهنج گهٽائڻ لاءِ ڪهڙي رٿابندي ٿيل آهي اها ڳالهه وستار ڪرڻ جهڙي آهي ڇو ته هن وقت قومپرست سياست جو جيڪو ٽرينڊ آهي ڇا ان ۾ سنڌ جي سنوار ۽ سنوت لاءِ قومپرستن وٽ ڪو پروگرام آهي؟ ماضي ۾ سنڌ ڌرتيءَ سان ڪهڙا ويڌن ۽ ڪلور ٿيا، اهو سڀ ڪجهه اسان جي اکين جي اڳيان آهي ۽ اهو به اسان ڏسون پيا ته حال ۾ سنڌ سان ڇا پيو ٿئي. سنڌ امڙ توڙي سنڌ جا ماروئڙا هن وقت ڪهڙي ڪرب ۾ آهن. مستقبل ۾ سنڌ ڪٿي هوندي؟ اهو پنهنجي جاءِ تي هڪ وڏو ۽ جواب جو گهرجائو سوال آهي. ماضي ۽ حال جي حالتن کي سامهون رکي مستقبل ۾ سنڌ بابت ضرور ڪٿ ڪري سگهجي ٿي ته جيڪڏهن هن وقت سنڌ سان جيڪا ويڌن ۽ جيڪي زيادتيون ٿي رهيون آهن ته مستقبل ۾ اهي رنجهه ۽ ڏولها ويتر وڌي ضرور سگهن ٿا، ڇو ته ڏينهون ڏينهن خوشحالي سنڌ جي ماڻهن کان ڪوهين ڏور ٿيندي پئي وڃي. سنڌ جا ماڻهو هن وقت جيتري تڪليف ۽ اهنجن ۾ آهن جنهن جو اندازو ڪرڻ انتهائي مشڪل آهي ڇو ته ماضي سنڌي عوام تمام شاندار ۽ شانائتي نموني گذاريو آهي توڻي جو ماضيءَ ۾ سنڌ ڌارين جي يلغار ڦرلٽ ۽ وڏي عذاب جهڙي عتاب ۾ رهي پوءِ به خوشحالي سنڌ جي ماڻهن جي محبوب بڻيل رهي جڏهن ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ حال ۾ سنڌ جو ماڻهو تمام تنگدست آهي ته پوءِ مستقبل ۾ هن ڌرتيءَ جا ماڻهو ڪهڙي پوزيشن ۾ هوندا ان لاءِ هتي ڪجهه اهم ڳالهين جي وضاحت ڪرڻ تمام ضروري آهي۔ سنڌ جي قومپرست سياست سنڌ ۾ هن وقت قومپرست سياست جو جيڪو لاڙو آهي ڇا ان ۾ سنڌي عوام جي سوڌ ۽ سنوار ٿي سگهي ٿي. اها ڳالهه واضح آهي ته سنڌ خلاف ٿيندڙ ڪنهن به سازش تي سنڌ جي عام ماڻهوءَ ۾ وڏي مزاحمت جي سگهه آهي ۽ هو ائين ڪري به سگهي ٿو. اهڙا مثال اسانجي سامهون آهن جهڙي نموني سنڌي ٽوپي تي تنقيد ٿي ته سنڌي عوام ڀرپور مزاحمت ڪئي. اردو ميڊيا سنڌ خلاف زهر اوڳاڇيو ته عوام ڀرپور آواز اٿاريو، ”سنڌوءَ جو ڏهاڙو“ ملهايو ويو. ڪالا باغ ڊيم هجي يا گريٽر ٿل ڪئنال جو اشو هجي عوام ڀرپور مزاحمت ڪئي آهي. هتي اسانجو اهو به چوڻ ناهي ته ان ۾ قومپرست سياستدانن جو ڪوبه رول ناهي پر قومپرست اشوز جي سياست کانسواءِ عوام ۾ پنهنجي لاءِ جڳهه ڇو نه ٺاهي سگهيا آهن، اهو هڪ پنهنجي جاءِ تي سوال آهي جنهن جو جواب قومپرست سياستدان ئي ڏئي سگهن ٿا. پر ايترو ضرور آهي ته سنڌ جي قومپرستن کي عوام جي دلين ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ ڪو جامع پروگرام ۽ حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. قومپرستن وٽ صرف ۽ صرف چند اشوز کانسواءِ ٻيو ڪو به اهڙو جامع پروگرام نه هجڻ سبب سنڌ ۾ قومپرست سياست کي وڏو ڌڪ رسيو آهي ۽ ان جو فائدو ٻيا کڻي ويا آهن. تنهنڪري اسين مڃون ٿا ته ڪالا باغ ڊيم، گريٽر ٿل ڪئنال، ڌارين جي يلغار سميت سنڌ جا ٻيا به اهم مسئلا آهن جن جي حل لاءِ قومپرستن کي لائحه عمل جوڙڻو پوندو. قومپرست اهو ڀليءَ ڀت ڄاڻن ٿا ته هن وقت سنڌ جو عوام کوکلن نعرن ۽ کڙتالي سياست ۾ يقين نه ٿو رکي. سياست منشور ۽ نظريي تي ٻڌل هوندي آهي ۽ ڪابه سياسي پارٽي منشور کان سواءِ اڳتي اسري ۽ وڌي نه ٿي سگهي. قومپرستن وٽ جيڪو منشور آهي اهو پهرين ته تضادن سان ڀريل آهي جنهن تي خود قومپرست پاڻ به متفق ناهن ۽ اهوئي وڏو ڪارڻ آهي جو قومپرست سياست ڌاڙا بندي جو شڪار ٿي وئي آهي ۽ اها سنڌ ۾ اهو مقام ماڻي نه سگهي آهي جيڪو کين هئڻ گهرجي قومپرستن جو پارلياماني سياست کان پري رهڻ سنڌ جي قومپرستن ايوانن کان پري رهي هميشه سنڌ جي اشوز جي سياست ته ڪئي پر انهن جي آواز وقتي طور ته ايوانن کي لوڏيو آهي پر قومپرست سياست پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي آهي. ان جو ڪارڻ صرف ۽ صرف اهوئي آهي ته قومپرست سياست به مفادپرستي ۽ ٽولي پرستي جي ور چڙهي سنڌ جي عوام کي نعري بازي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڏئي نه سگهي آهي. ڇا سائين جي ايم سيد پارلياماني سياست کان ڪناره ڪشي يعني ان جو بائيڪاٽ ڪري وڏي سياسي غلطي نه ڪئي؟ رڳو پاڪستان ۾ کڻي ڏسجي ته ”سرحدي گانڌيءَ“ جو خطاب رکندڙ ۽ ورهاڱي جي مخالفت ڪندڙ خان غفار خان عرف باچا خان جي پارٽي به خيبر پختونخواه ۾ وڏي قومپرست پارٽي آهي پر اها به هن وقت پارلياماني سياست ڪري رهي آهي ۽ ان صوبي ۾ اڄ ان جي حڪومت آهي ۽ وزير اعلي به ان ئي پارٽي جو آهي. بلوچستان جا قومپرست به پنهنجي اصولن سان ڪميٽيڊ ۽ اسان کان وڌيڪ مضبوط آهن ڇو ته اهي صوبي جي حقن لاءِ سچائي سان وڙهي رهيا آهن پر اسان وٽ ان جي ابتڙ آهي. ڇو ته اسانجا قومپرست گروهي مفادن جي ور چڙهي ڪميٽيڊ ناهن رهيا تنهنڪري عوام جو به انهن ڏانهن لاڙو گهٽ آهي دنيا ۾ به قومپرست سياست جا اهڙا کوڙ مثال آهن: فرانس جي انقلابين توڙي روس ۾ ڪميونسٽ پارٽي به ايوانن جي سياست ڪئي آهي. صاف ظاهر آهي ته ايوانن کان ٻاهر ۽ ايوانن جي اندر جي آواز ۾ فرق ضرور آهي. ڪنهن به عمل جي قانون سازي ايوانن ۾ ئي ٿيندي آهي ۽ ايوانن کان ٻاهر آواز وقتي طور ته جٽاءُ ڪري سگهي ٿو پر شطرنج کيڏندڙ حڪمرانن جي چالبازين کي مڪمل خور روڪي نه ٿو سگهي. تنهنڪري ڏهاڪن کان وٺي سنڌ جا قومپرست جيڪي پارلياماني سياست کان ڪناره ڪش رهيا آهن تن کي هاڻي گهٽ ۾ گهٽ پارلياماني سياست ۾ پير پائڻ گهرجي. جتي سنڌ جي خود مختياري يا آجپي جو سوال آهي ته اهو پارلياماني سياست ۾ ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو. پارلياماني سياست ۾ اچڻ لاءِ قومپرستن هن وقت شروعات ضرور ڪئي آهي پر ان لاءِ انهن کي عوام آڏو پنهنجو منشور رکڻو پوندو. هن وقت سنڌ ۾ قومپرستن جو سنڌ جي اشوز تي مقصد ته هڪڙو آهي پر هيڪاندين ديڳڙين هوندي عوام جي سگهه حاصل ڪرڻ ناممڪن آهي. سنڌ ۾ قومپرست هڪڙا اردو آبادي جي حمايت ڪندڙ آهن ته ٻيا اردو آبادي جي مخالفت ڪندڙ آهن. سنڌ ۾ اردو آبادي الڳ مسئلو آهي پهرين اسان کي پنهنجي اندر اتحاد جي ضرورت آهي پوءِ جامع پروگرام جوڙڻ ۽ عوام جي سگهه حاصل ڪرڻ آهي. سنڌ ۾ قومپرستن جا ڪيترائي اتحاد جڙيا پر اهي ڪارائتا ثابت نه ٿي سگهيا ڇو ته ان جو ڪارڻ واضح حڪمت عملي ۽ جامع پروگرام جو نه هجڻ ئي آهي. پارلياماني سياست ۾ پير پائڻ کانپوءِ قومپرستن آڏو وڏا چئلنج به سامهون ايندا۔ قومپرستن آڏو مستقبل جا چئلنج پاڪستان جي سياست ۾ ”ڦر ڦر سونٽو دٻلي ٿي ڇڻڪي“ وارو رحجان وڌيڪ آهي ۽ ان جو اثر شايد قومپرستن تي به پيو آهي تنهنڪري ئي اهي اڄ ڏينهن تائين متحد نه ٿي سگهيا آهن. پهرين ڳالهه ته ملڪي سياست جيڪا ڪرسي جي چوڌاري ته گهمي ٿي پر هتي آمريت جو راڄ وڌيڪ رهيو آهي. جمهوريت جي ٻيڙي پٺيان به سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت تمام گهڻي رهي آهي ۽ رهندي پئي اچي. اقتدار جي شطرنج ۾ ڇا قومپرست ايوانن تائين به پهچي سگهن ٿا ڇو ته قومپرستن کي هن وقت پارلياماني سياست ڪندڙ پارٽين اهي ئي مهڻا ڏنا آهن ته قومپرست ڪائونسلري جي سيٽ به کٽي نه ٿا سگهن؟ اهو قومپرستن تي وڏو وار آهي. پارلياماني سياست ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ پهرين قومپرستن کي منشور سامهون رکي هاڻي کان ئي عوام ڏي وڃڻو پوندو ۽ عوام جو اعتماد توڙي عوام جو ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ قومپرستن لاءِ ڊڪ ڊوڙ به وڏو چئلنج هوندو. ٻيو ته سياست ۾ جيڪا سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت آهي اها به قومپرستن لاءِ وڏو چئلنج هوندي. ان لاءِ مستقبل ۾ قومپرستن کي ڇا ڪرڻو پوندو، اهي موجوده سياست جي چالبازين کي سامهون رکي پروگرام جوڙي سگهن ٿا. هن وقت سنڌ اسيمبلي جي اها صورت حال آهي جو 100 سيٽون رکندڙ پارٽي 25 سيٽن واري پارٽي آڏو مجبور آهي، فرض ڪريو ايندڙ چونڊن ۾ قومپرست سنڌ ۾ عوام جي ووٽن سان ايوانن ۾ اچن ٿا ته ٻيو نه ته سنڌ خلاف غير قانوني قانون سازي کي ته روڪي سگهن ٿا. ان لاءِ سنڌ جي قومپرستن کي پنهنجي اصولن ۽ عوام سان ڪميٽينڊ رهڻو پوندو ۽ ان صورت ۾ مفاد پرستي قومپرست سياست کي وڏو ڌڪ رسائي سگهي ٿو ٻيو ته سنڌ ۾ پ پ جو ووٽ بئنڪ ٽوڙڻ به قومپرستن لاءِ وڏو چئلنج هوندو. هن وقت جتي سنڌ جي بقا جو سوال آهي ته ان لاءِ سنڌ جي قومپرستن کي هيڪانديون ديڳڙيون هڻي هنڌ ڪرڻيون پونديون. سنڌ ۾ گروهي سياست جو فائدو هميشه ڌارين جي لوڌ کي ئي ٿيو آهي. اسان جاشهر اسان لاءِ اوپرا ٿي ويا آهن. خوشحال سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ئي شهرن ۾ روزگار ڪري نٿا سگهن. سنڌ جو هاري ناري توڙي پورهيت طبقو جاگيرداري ۽ استحصالي طبقي جي عتاب هيٺ آهي. خاص طور تي سنڌ ۾ قبيلائي تڪرارن ۽ جاگيرداري نظام جي خاتمي لاءِ قومپرست سياستدانن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي آواز بلند ڪرڻو پوندو سنڌ ۾ عوام جي اڪثريت جاگيردارن ڀوتارن وڏيرن ۽ زميندارن جي ظلم ۾ پيڙهجڻ جي باوجود به هميشه ووٽ انهن کي ئي ڏيندو آهي ان لاءِ عوام جي جاگيردار طبقي ڏانهن لاڙي کي ختم ڪرڻ آهي. قومپرستن وٽ جدوجهد سان گڏو گڏ منشور جو هجڻ ئي اهميت وارو ۽ ڪارگر ثابت ٿي سگهي ٿو جتي دنيا جديد دور ۾ ”گلوبل وليج“ جي شڪل اختيار ڪندي پئي وڃي اتي اسان وٽ ليڊر شپ جو فقدان ٿيندو پيو وڃي. سنڌ جو ڪيس عالمي سطح تي وڙهڻ لاءِ سنڌ ۾ عالمي شهرت رکندڙ ڪوبه سياستدان ناهي. جيڪڏهن قوم پرست پارلياماني سياست ۾ هوندا ته گهٽ ۾ گهٽ ايوانن ۾ اٿيل آواز عالمي سطح تي ته پهچي سگهي ٿو. عالمي سطح تي گڏيل قومن جو ادارو انتهائي اهميت جو حامل آهي. سنڌ جو آواز گڏيل قومن ۾ پهچائڻ لاءِ اسان وٽ اهڙي سياست جي شروعات ڪرڻي پوندي جيڪا مستقبل ۾ سنڌ لاءِ لاڀائتي ثابت ٿي سگهي [/JUSTIFY]
جواب: قوم پرست سياست ۽ سنڌ جي بقا جو سوال ساڳيون ڳالهيون منهنجي به دل جو آواز آهن ته قومپرست سياست جي وارثن کي سنجيدگيء سان ويهي سوچڻو پوندو۔ نه ته ٻيء صورت ۾ سنڌ هڪ اهڙي موڙ تي وڃي پهچندي جتان واپس پنهنجي پراڻي حيثيت ۾ اچڻ گهڻو ڏکيو هوندو۔ قوم قومپرستن کي ان وقت به مايوس ڪونه ڪيو هو جڏهن ون يونٽ جي تحريڪ هلي هئي، سنڌي عوام 1988 ع ۾ سنڌ قومي اتحاد کي به گهڻي سٺي موٽ ڏني هئي، سنڌي ماڻهو ڪالاباغ ڊيم يا ٽوپيء واري اشوء تي به گڏ هيو ۽ هاڻوڪي حالتن تي ڪيل هڙتال تي به ڀرپور موٽ ڏني اٿس۔ پر هاڻي قومپرستن کي اهو ثابت ڪرڻو آهي ته هنن جي سياست آدرشن ۽ قومي اصولن تي آهي نه ڪي ذاتي مفادن تي۔