ملڪ ۾ ڪيترو سيڪڙو عوام ووٽ جي حق کان محروم آھي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ گل حسن لاکو طرفان آندل موضوعَ ‏18 آگسٽ 2011۔

  1. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    (عوامي ڊائجسٽ جي ٿورن سان)
    غلام مصطفيٰ لاکو

    اوھان ڪڏهن ان نقطي تي سوچيو آھي؟ ڪيترن ماڻھن جي واتان اڪثر اھو چيو وڃي ٿو ته پ پ پ سنڌ جي پنج ڪروڙ سنڌين جي پارٽي آھي. ان دعويٰ ۾ ڪيتري سچائي آھي؟ ڇا سنڌ جا سڀ ووٽر پ پ پ حڪومت سان آھن؟ ان سوال جو جواب معلوم ڪرڻ لاءِ سڀ کان پھريائين سنڌي ووٽرن جي ڪل تعداد ذھن ۾ رکڻو پوندو. ٻئي نمبر تي ڏسڻو پوندو سنڌي ووٽرن جي ان تعداد کي جيڪو پنھنجو ووٽ ڏيڻ لاء پولنگ بوٿ تي ئي نه ويو، يعني ته ان ووٽر ڪنھن به پارٽي جي اميدوار کي ان قابل نه سمجھيو ته ان کي پنھنجو ووٽ ڏئي. ٽئين نمبر تي ڏسڻو پوندو سنڌي ووٽرن جي ان تعداد کي جيڪو پ پ پ جي حصي ۾ آيو. مثال طور، جي ھڪ قومي اسيمبلي جي تڪ ۾ ٻه لک (200000) ووٽر آھن، انھن مان جي سٺ ھزار (60000) ووٽر پنھنجو ووٽ ڏين ٿا، ۽ ھڪ لک چاليھ ھزار (140000) ووٽ ڏيڻ لاء پولنگ اسٽيشن تي نٿا وڃن ته چئبو ته ستر سيڪڙو ووٽرن پنھنجا ووٽ نه ڏنا، ۽ ٽيھ سيڪڙو ووٽرن پنھنجا ووٽ ڏنا. ٽيھ سيڪڙو ووٽرن جا ووٽ يا سٺ ھزار (60000) ووٽرن جا ووٽ، ان لاء ائين نه چئبو ته اھي سڀ پ پ پ جا ووٽ آھن. پر اھي ورھايل ووٽ آھن. فرض ڪيو جي ھڪ قومي اسيمبلي جي تڪ ۾ ٽي اميدوار آھن، جن مان ھڪ اميدوار کي ارڙھن (18000) ھزار ووٽ ملن ٿا، ٻئي اميدوار کي اڻويھ (19000) ھزار ووٽ ملن ٿا، ۽ ٽئين اميدوار، يعني پ پ پ جي اميدوار کي ٽيويھ (23000) ھزار ووٽ ملن ٿا ته پوء موجودھ اليڪشن جي قانون مطابق پ پ پ جي اميدوار کي ڪامياب اميدوار قرار ڏنو وڃي ٿو ڇوجو ان کي ٽيويھ (23000) ھزار ووٽ مليا. ائين نه چئبو ته تڪ جا ٻه لک (200000) ووٽر پ پ پ جا حمايتي آھن . حقيقت ھي آھي ته تڪ جا ھڪ لک ستھتر ھزار (177000) ووٽر پ پ پ جا حمايتي نه آھن. حقيقت ھي آھي ته ان تڪ جا رڳو ساڍا يارھن سيڪڙو (11.5) ووٽر يعني رڳو ٽيويھ (23000) ھزار پ پ پ جا حامي ووٽ آھن جڏھن ته تڪ جا ساڍا اٺاسي سيڪڙو (88.5) ووٽر، يعني ھڪ لک ستھتر ھزار (177000) ووٽر پ پ پ جا حمايتي نه آھن. چوڻ جو مطلب ھي آھي ته تڪ ۾ ستر (70) سيڪڙو ووٽر جيڪي پنھنجو ووٽ ڏيڻ لاء پولنگ اسٽيشن تي نه ويا سي عملي طور تي ووٽ ڏيڻ جي حق کان محروم آھن. ستر (70) سيڪڙو ووٽرن جي نظر ۾ ڪوبه اميدوار سندن ووٽ جو حقدار نه ھيو پر اھو چوڻ يا اھا راء ڏيڻ جي لاء بيلٽ باڪس ۾ ڪا گنجائش موجود نه ھئي، يا بيلٽ باڪس تي خانو موجود نه هيو انڪري ووٽ نه ڏنو ويو. اھا حالت نه رڳو سڄي سنڌ سان پر پوري پاڪستان لاڳو ٿئي ٿي. پياري وطن پاڪستان جا اٽڪل ستر (70) سيڪڙو ووٽر عملي طور تي ووٽ ڏيڻ جي حق کان محروم آھن. جنھن ووٽ جي حق کي وٺرائي ڏيڻ جي ضرورت آھي. پر ملڪ جي ڪنھن به سياسي پارٽي جو، چاھي اھا پارليامينٽ ۾ ويٺي ھجي يا ان کان ٻاھر ويٺي ھجي، ان اھم نقطي ڏانھن ڌيان نه ويو آھي. تنھن ڪري ڪا به سياسي پارٽي اليڪشني سڌارن جي، خاص ڪري، بيلٽ پيپر ۾ اھڙو خانو حاصل ڪرڻ جو مطالبو نٿي ڪري جيڪو خانو، گھر، يا باڪس جيڪڏھن بيلٽ پيپر تي موجود ھوندو ته اٽڪل ستر (70) سيڪڙو ووٽرن کي عملي طور تي ووٽ جو حق ملي ويندو، جنھن حق کي استعمال ڪري اھي چئي سگھندا ته قومي اسيمبلي جي تڪ ۾ بيٺل ٽيئي اميدوار چور يا ڌوڪيباز آھن تنهنڪري اسان کي نه کپن، ۽ ان تڪ ۾ ٻيھر نئين چونڊ ڪرائي وڃي. جي ملڪ جا اٽڪل ستر (70) سيڪڙو ووٽر عملي طور تي ووٽ جو حق وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ته اھي اليڪشن جو صحيح استعمال ڪرڻ به سکي ويندا، يعني ته اھي پنھنجي ووٽ جي حق کي ڇڄ جي طور تي استعمال ڪري سگھندا ته جيئن بُھَ کي ڪڻڪ جي داڻن کان ڌار ڪري سگھجي. ووٽ ڏيڻ جي حق کي يا راء ڏيڻ جي حق کي ووٽر فقط ۽ فقط ڇڄ ڪري استعمال ڪري سگھجي ٿو. سو وقت جي ضرورت آھي ته سڀ گڏجي ڀرپور ڪوشش ڪن ته ايندڙ عام چونڊن ۾ ملڪ جا اٽڪل ستر (70) سيڪڙو ووٽرن کي عملي طور تي ووٽ جو حق ملي وڃي.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ملڪ ۾ ڪيترو سيڪڙو عوام ووٽ جي حق کان محروم آھي؟

    معلوماتي انگ اکر آهن ۔۔۔ پر منهنجا عزيز ڀاءُ هي پاڪستان آهي ۔۔۔ ووٽ جو حق ڇا آهي، اها ته پري جي ڳالهه ماڻهونءَ کي پنهنجن بنيادي حقن جي ڄاڻ ناهي ۔۔۔ ۽ جي ڄاڻ هوندي به ته ڀلا حڪمران طبقو وري ڪهڙو حق ڏيڻ لاءِ ووٽ وٺندو آهي؟

    انڌي جهڙي پيڪين تهڙي ساهرين ۔۔۔۔؟

    اسانکي ته پاڪستان جي هن موجوده نظام مان اهڙي ته دل کٽي ٿي آهي جو وس پڄي ته پوري نظام کي تيلي ڏئي ڇڏجي ۔۔۔

    خئير مايوسي ڪفر آهي ۔۔۔ ممڪن ڪي مانجهي مڙس جاڳي پون ۽ ڦيرو اچي وڃي، جيئن هندستان ۾ اڄڪلهه انا هزاري سڄي هندستان کي هڪ ڪري ڇڏيو آهي ۔۔۔

    پاڻ ته اڄ تائين نه ووٽ ڏنو آهي ۽ شايد نه ڏينداسون ۔۔۔ ڏسجي وقت جو گاڏو ڪٿي ٿو وڃي بيهي۔
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ملڪ ۾ ڪيترو سيڪڙو عوام ووٽ جي حق کان محروم آھي؟

    بنيادي حقن جي ڄاڻ هوندي به حق نٿا وٺي سگهون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ووٽ جو حق رکڻ يان نه رکڻ جو ڪو فائدو ته آهي ڪون
     
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: ملڪ ۾ ڪيترو سيڪڙو عوام ووٽ جي حق کان محروم آھي؟

    ادا اهو خالي خانو هجي ته به ماڻهو نه ويندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔هتي وڏو مسئلو اهو به آهي ته اهي اميدوار جيڪي اسان کي نه ٿا وڻن انهن جي سامهون اسان جو دل گهريو بيهاريون يا وري پاڻ بيهي ته انهي کي هي غنڊا بيهڻ به نه ڏيندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڪجه نه پهتو ته مارائي به پنهنجو ميدان صاف ڪندا۔۔۔سو جڏنهن ڪو اميدوار اسان جي ڪم جو هجي ئي نه ته ڪنهن کي لاچار پئي آهي ته وڃي هن جهنجهٽ ۾ پئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    رهي ڳاله پي پي پي جي ته جيڪا اسان جي 33 سيڪڙو وؤٽر جر ذهني ائپروچ آهي انهي حساب سان هڪ ٻه اليڪشن کان پوءِ وري اها پي پي پي اهي ساڳيا ماڻهو ويٺا هوندا ايوانن ۾۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڇو ته پي پي جا گذريل ٻه دؤر به اهڙا ئي هئا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ماڻهن جي اها ئي راءِ هئي جيڪا اڄ آهي۔ پر اڄ وري حڪومتِ وقت پي پي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    اڃان ڪٿي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔اڃان ته بلاول ايندو۔۔۔۔۔۔۔ڪئي بهانا آهن ماڻهن کي وري ڀٽو ڀٽو ڪرڻ جا۔

    .....................................

    ادا اهو خالي خانو هجي ته به ماڻهو نه ويندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔هتي وڏو مسئلو اهو به آهي ته اهي اميدوار جيڪي اسان کي نه ٿا وڻن انهن جي سامهون اسان جو دل گهريو بيهاريون يا وري پاڻ بيهي ته انهي کي هي غنڊا بيهڻ به نه ڏيندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڪجه نه پهتو ته مارائي به پنهنجو ميدان صاف ڪندا۔۔۔سو جڏنهن ڪو اميدوار اسان جي ڪم جو هجي ئي نه ته ڪنهن کي لاچار پئي آهي ته وڃي هن جهنجهٽ ۾ پئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    رهي ڳاله پي پي پي جي ته جيڪا اسان جي 33 سيڪڙو وؤٽر جر ذهني ائپروچ آهي انهي حساب سان هڪ ٻه اليڪشن کان پوءِ وري اها پي پي پي اهي ساڳيا ماڻهو ويٺا هوندا ايوانن ۾۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڇو ته پي پي جا گذريل ٻه دؤر به اهڙا ئي هئا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ماڻهن جي اها ئي راءِ هئي جيڪا اڄ آهي۔ پر اڄ وري حڪومتِ وقت پي پي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    اڃان ڪٿي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔اڃان ته بلاول ايندو۔۔۔۔۔۔۔ڪئي بهانا آهن ماڻهن کي وري ڀٽو ڀٽو ڪرڻ جا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو