ذيابيطس ۽ رمضان المبارڪ حڪيم نذير احمد شيخ [JUSTIFY] ذيابيطس يعني شگر جي بيماري تيزي سان وڌندي پئي وڃي، هن بيماري متعلق وقت به وقت ڪالم لکندو رهندو آهيان ۽ جيڪا به نئين معلومات ريسرچ ۽ ڪا بهتر ڳالهه نظر مان گذرندي آهي ته ڪالم پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪندو آهيان، شگر جي مريض کي وقت گذرڻ سان پنهنجي وڌيل گهٽيل شگر ليول جي خبر معلوم ۽ محسوس ٿيندي رهندي آهي. نارمل شگر ليول جي حالت ۾ طبعيت بحال ۽ خوش رهندي آهي. شگر جا اهي مريض جيڪي پند پرهيز دوات، واڪ،واچ يعني کاڌي جي پرهيز باقائدي پند ۽ پرهيز ڪن ٿا ۽ وقت مقرر تي پنهنجي معالج جي دوا استعمال ڪن ٿا ته ائين سمجهڻ گهرجي ته انهن شگر جي بيماري کي شڪست ڏني، بلڊ پريشر ۽ شگر اهي ٻئي وفادار بيماريون آهن جن کي صحيح ۽ بروقت علاج جي لغام سان صرف ڪنٽرول ۾ رکي سگهجي ٿو، زباني ٽوٽڪا ۽ نسخا سڀني شگر جي مريضن کي هڪ جهڙو هر ڪنهن کي فائدو ۽ فيض نٿا ڏين، هر ماڻهو جي طبعيت ۽ قوت مدافعت مزاج الڳ آهي، عيسي ڪنهن کي ٽوٽڪي مان فائدو ٿيو ته ضروري نه آهي ته موسي کي به ساڳيو فائدو ٿئي.. ان ڪري ڪنهن به شرطيه علاج ڪندڙ معالج ۽ وڏي دعويٰ ڪري دوا وڪڻندڙ جي ور نه چڙهجي، شگر هڪ اهڙي بيماري آهن، جنهن جا بذات خود ۽ ان لاءِ انگريزي دوائن جا وري الڳ سائيڊ افڪيٽ يعني منفي اثرات انسان جي جسم تي ٿين ٿا، يعني ٻنهي حوالن ۽ طرفن کان جسم تي اثر ٿئي ٿو، جنهن لاءِ بچاءُ ڪرڻ ضروري آهي. رمضان شريف بابرڪت ۽ مهمان مهينو آهي، هن برڪت واري مهيني ۾ هر مسلمان چاهيندو آهي ته رب پاڪ جي فضل ڪرم ۽ بخشش عطا ۽ عنايت جي سمنڊ مان فيضياب ٿيان، جيترو انسان جو عقيدو ۽ ايمان پڪو ۽ پختو هوندو اوترو هن جي دل ۾ روزي رکڻ ۽ ثواب ڪمائڻ جي طلب ۽ تڙپ وڌيڪ هوندي، ٻئي صورت ۾ ڪمزور ايمان وارو رمضان پاڪ کي پاڻ تي بار مهينو سمجهندو آهي، بلڪه ڇهه مهينا اڳ ٿيل بخار کي به جواز بنائي پاڻ کي مريض سمجهي روزو نه رکندو، اسلام دين فطرت آهي، جنهن ۾ ڪو جبر ۽ زور زبردستي هر گرز نه آهي. قرآن پاڪ ۽ حديث پاڪ ۾ هر مسئلي ۽ مرحلي لاءِ واضح ۽ چٽو رستو سهلجهايل ۽ ڏيکاريل آهي، روزو بيشڪ هر بالغ مسلمان مرد ۽ عورت تي فرض آهي ليڪن بيماري ۽ شرعي عذر جي صورت ۾ روزو نه رکڻ جي حالت ۾ گناهه نه آهي، بلڪه گنجائش مليل آهي. بيماري ڪهڙي به هجي انسان کي پنهنجي جسماني قوت، طبعيت ۽ ڪيفيت پاڻ معلوم هوندي آهي ته ڪيتري برداشت ۽ سهپ مان آهي. پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي رسڪ کڻڻ جي ضرورت کان وڌيڪ تڪليف برداشت ڪري هرو ڀرو روزو رکڻ جو ڏک افسوس ڪرڻ دل ۾ آرزو رکڻ ته انشاءَ الله صحت کان بعد روزو رکندس پڻ ايمان جي نشاني آهي. هن ڪالم جي تمهيد وڏي ٿي وئي آهي، رمضان المبارڪ اهڙو مختلف با برڪت مهنيو آهي، جنهن ۾ کاڌي پيتي، سمهڻ، جاڳڻ ۽ ڪم ڪار جا وقت تبديل ٿي ويندا آهن، ڪجهه روايتي شيون کاڌي لاءِ افطار سحري تي ملنديون آهن، جنهن ۾ ڪڙيون مٺيون ۽ ڪجهه چٽ پٽيون هر ماڻهو جي دستر خوان تي حسب توفيق تيار ٿينديون آهن، گهر ۾ هڪ ٻه ذيابطيس يعني شگر جا مريض آهن ته اهي ساڳئي دستر خوان تي گهر جي ٻين ڀاتين سان گڏو ويهي موجود کاڌن مان کائندا آهن، دستر خوان تي هر قسم جا کاڌا موجود هجن ته شگر جي مريض لاءِ آزمائش ۽ قرباني ڏيڻ جو امتحان شروع ٿئي ٿو، پنهنجي صحت کي اهميت ٿو ڏي يا کاڌي جي پرهيز ٿو ڪري، شيطان ذهن ۾ دوکو هن طرح ڏيندو آهي ته ٺيڪ آهي في الحال مٺاڻ کائي هڪ گولي وڌيڪ کائي ڇڏجي جنهن جي نتيجي ۾ جسماني قوت مدافعت متاثر ٿيڻ جو امڪان رهندو آهي، رمضان شريف ۾ شگر جي مريضن جي طريقي علاج کي ٽن گروپن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پاور، وزن ۽ گروپ سان آهي، پهرئين پرهيز ۽ احتياط سان شگر ڪنٽرول ڪن ٿا، ٻئي نمبر گروپ ۾ اهي مريض اچن ٿا، جيڪي عذائي پرهيز سان گڏ ان ۾ کنڊ جي وڌيل مقدار جي ليول کي ڪنٽرول ڪن ٿا، ان ٻي نمبر گروپ ۾ وري ٽي الڳ ننڍا گروپ آهن، اهي شگر جا مريض صرف هڪ گولي صبح جو وٺن ٿا. ٻي نمبر تي اهي شگر جا مريض جيڪي صبح شام گوريون کائڻ وارا اهڙي طرح ٽي گروپ ۾ ٽي دفعا روز گوريون کائڻ وارا شگر جا مريض اچي وڃن ٿا، آخري ۽ ٽيون گروپ انهن شگر جي مريضن جو آهي، جيڪي عذائي پرهيز سان گڏ انسولين لڳرائي شگر ڪنٽرول ڪن ٿا، روزي رکڻ کان پهريائين اهو طئي ڪرڻو آهي ته ذيابطيس جي ڪهڙي گروپ ۾ مريض آهي. جيڪڏهن شگر جو مريض مٿي ذڪر ڪيل پهرئين گروپ ۾ آهي ته روزو رکي سگهي ٿو، بشرط غذائي يعني کاڌي خوراڪ جي پرهيز تي سختي سان پابندي هجي، خاص طور تي اهڙا شگر جا مريض جيڪي وزن ۾ ڳرا يعني ٿلها آهن، روزي رکڻ سبب وزن گهٽائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي، مٿي ذڪر ڪيل گروپ ٻي جي شگر جي مريضن لاءِ مشورو آهي ته ٻه دفعا گوريون کائڻ جي افطاري بعد هڪ گوري ۽ سحري ڪرڻ وقت ٻي گوريون کائن، معالج سان رابطي ۾ رهڻ ۽ مشورو ڪرڻ ضروري آهي. رمضان شريف شروع ٿيڻ کان اڳ رات جون تازيون رپورٽون ڪڍرائڻ ضروري آهي، اهي شگر جا مريض جيڪي ٻه ٻه گوريون عام حالتن ۾ کائندا آهن انهن کي مشورو آهي ته افطاري بعد ٻه گوريون کائين ليڪن سحري ڪرڻ بعد هڪ گوري کائن، ان کان مٿي وزن کائيندڙ شگر جي مريضن کي پنهنجي معالج جي مشوري سان روزو رکڻ يا منع هوندي نه رکڻ گهرجي، انسولين لڳائيندڙ شگر جا مريض روزي رکڻ جي سلسلي ۾ پنهنجي جسماني قوت کي ڏسڻ اعصابي ڪمزوري جي صورت ۾ روزي رکڻ جي صورت ۾ ڪنهن به روزي جي حالت ۾ نقصان ٿي سگهي ٿو. ثواب ڪمائڻ جي شوق ۾ طبعيت مٿان روز ۽ جبر ڪري رسڪ کڻي روزو رکڻ جنهن ۾ وقت به ڪو منفي رد عمل ٿيڻ جي امڪان هجي، ڪنهن به حوالي سان طبي ۽ شرعي لحاظ سان مناسب آهي، شگر جي مريض ۾ ان بيماري ۽ دوائن جي منفي اثرات سبب مادو توليد گهٽ ٿيڻ جي نتيجي ۾ جنسي خواهش جوان هوندي آهي، عملي طرح ڪجهه به نه هوندو آهي، جنهن لاءِ شگر فري علاج جي ٽيڪ ۽ سپورٽ وٺي جسماني اعصابي ڪمزوري دور ڪري سگهجي ٿي، شگر جو مريض ڪنهن به سبب روزانه رکي سگهي ته فڪر ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، فرض نماز ۽ زڪوات جي ادائيگي ڪري نفل ۽ تلاوت ڪري صدقو خيرات زيادته کان زياده ڪري هن مهيني جي برڪتن مان فيضاب ٿي سگهي ٿو۔[/JUSTIFY] روزانه عبرت تان ورتل
جواب: ذيابيطس ۽ رمضان المبارڪ اها ئي ته انهي جي وڏي خوبصورتي آهي۔ هي مضمون س سڀني کي پڙهڻ کپي ۽ پنهنجن دوستن عزيزن سان به هي معلومات ونڊ ڪرن کپي جيڪي هن موذي مرض ۾ مبتلا آهن ۽ روزو رکڻ چاهين ٿا۔
جواب: ذيابيطس ۽ رمضان المبارڪ ماشآء الله تمام پيارو مضمون آهي بيمار تي اسلامي احڪامن ۾ آساني آهي ليڪن بيمار کي ڪنهن حاذق حڪيم جي مشوري سان عمل ڪرڻ گهرجي باقي پنهنجي گمان تي ڀروسو نه ڪرڻ گهرجي جيئن مٿي مضمون ۾ آهي ته ڪي اهڙا به دوست هوندا آهن جو هلڪي ڦلڪي بيماري کي عذر ڄاڻائي پاڻ کي بيمارن جي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن حالانڪ اها سندن تڪليف حڪيمن يا ڊاڪٽرن جي مشوري مطابق روزي نه رکڻ جو سبب نه ٿي بنجي سگهي يا وري ڪي اهڙا به دوست هوندا آهن جيڪي ڊاڪٽرن جي منع باوجود روزو رکڻ کي ترجيح ڏيندا آهن حالانڪه اهڙي نوبت هجي ته شريعت انهن کي اجازت ڏئي ٿي پاڻ تندرست ٿيڻ بعد روزو رکن اگر تندرستي ٿيڻ جي توقع نه هجي ته فديو ادا ڪن بهرحال لا اکراه في الدين دين ۾ زبردستي نه آهي ۔ اهڙي بهترين مضمون شيئر ڪرڻ تي سائين سليمان جن جي مهرباني جن موقعي مناسبت سان بهترين مضمون شيئرڪيو۔ الله تعالى کين اجر عطا فرمائيندو۔
جواب: ذيابيطس ۽ رمضان المبارڪ سائين سليمان وساڻ صاحب حڪيم نذير احمد صاحب جو اهڙو بهترين موضوع ونڊ ڪرڻ تي توهان کي جس هجي انتهائي ڪارآمد معلوماتي ٿريڊ آهي انهي ٿريڊ سان ڪافي دوستن کي فائدو ٿيندو سدائين گڏ