ڪاش ! ڪو انا هزاري هتي به پيدا ٿي پوي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 آگسٽ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ڪاش! ڪو انا هزاري هتي به پيدا ٿي پوي


    [JUSTIFY]هن جي عمر 74 سال آهي، هو سادو لباس پائيندو آهي. توڙي جو پوڙهو آهي، پر سندس همت ۽ حوصلو ڪنهن هماليه کان گهٽ نه آهي. اها حقيقت آهي ته انا هزاري جي جوان جذبن ڀارتي حڪمرانن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي. انا هزاري 15 جنوري 1937 تي ڀارت جي هڪ انتهائي غريب خاندان ۾ جنم ورتو. 1963ع ۾ ڀارتي فوج جو سپاهي بڻيو. 1965واري جنگ ۾ معجزاڻي طور بچي وڃڻ بعد هن انسانيت جي خدمت ڪرڻ جو وچن ڪيو ۽ فوج مان رٽائرمينٽ بعد مهاراشٽر رياست ۾ پنهنجي ڳوٺ راليگان مان هارين جي حقن جي لاءِ آواز اٿاري سماج جي سيوا شروع ڪئي ۽ پوءِ نه صرف سندس سادگي ۽ سچائيءَ سبب کيس جديد دور جي ”گانڌيءَ“ جو لقب ڏنو ويو پر وڏي انگ ۾ ماڻهو به سندس مداح بڻجي ويا.

    تازو هو بزرگ سماجي ڪارڪن هزارين ماڻهن سان گڏ ڀارت ۾ بدعنوانين خلاف روڊن تي نڪري آيو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال جو اعلان ڪيو، جنهن تي پوليس کيس سوين ڪارڪنن سميت احتجاجي تحريڪ دوران شرط نه قبولڻ تان گرفتار ڪري ورتو. هڪ شخص، جنهن ملڪ ۾ ٿيندڙ ڪرپشن خلاف پرامن احتجاجي تحريڪ جو سڏ ڏنو، جنهن کي گرفتار ڪرڻ تي عالمي توڙي ڀارتي ميڊيا پاران من موهن سنگهه حڪومت کي شديد تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. ملڪ ۾ ڪينسر جيان تيزيءَ سان پکڙجندڙ ڪرپشن خلاف تحريڪ هلائيندڙ انا هزاري جو چوڻ آهي ته موجوده حڪومت ڪرپشن جو خاتمو ته نه آڻي سگهي پر ان تي ڪنهن حد تائين ضابطو آڻڻ ۾ به ناڪام وئي آهي، پر اهڙي تحريڪ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي انا هزاري کي گرفتار ڪرڻ تي سڄي ڀارت ۾ شهري توڙي سول سوسائٽي جا نمائندا روڊن تي نڪري آيا. انا هزاري ان تحريڪ کي آزادي واري ٻئي جنگ سڏيو. ان احتجاجي تحريڪ جي حق ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان احتجاجي جلوس نڪرڻ شروع ٿي ويا آهن ۽ هزارين ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ملڪ ۾ شديد ڇڪتاڻ تي ڀارتي حڪمران ٿرٿلي ۾ اچي ويا آهن. عالمي ميڊيا پاران اهڙي ڇڪتاڻ کي سول سوسائٽي/عوام ۽ حڪومت وچ ۾ سڌو ٽڪراءُ قرار ڏنو پيو وڃي، جنهن تي ڀارتي حڪمرانن جا حوصلا خطا ٿي ويا آهن.

    ڏٺو وڃي ته اڄ جڏهن ڀارت کي دنيا هڪ اڀرندڙ اقتصادي طاقت طور تسليم ڪري ٿي، ان وقت اتي ڪرپشن ترقي جي راهه ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي. تنهن هوندي به ڀارت ڪرپشن جي ميدان ۾ پاڪستان کي پوئتي ڇڏڻ ۾ ناڪام ويو آهي، ڇو ته اسان جو ملڪ انهن چند ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو، جتي و0يون بدعنوانيون ٿين ٿيون. جيئن ته پاڪستان ۽ ڀارت هڪ ئي وقت آزاد ٿيا آهن ۽ ڪنهن دور ۾ هڪڙين حد بندين ۾ ئي آباد هئا، تنهنڪري ٻنهي ملڪن جا مسئلا به اڪثر ساڳيا ئي آهن، پر ڀارت پنهنجي اڪثر مسئلن جي حل ۾ وڏي حد تائين ڪامياب ويو پر اسان وٽ صورتحال ان جي ابتڙ رهي. ڊڪٽيٽرن جي ڊگهين حڪومتن هتي حالتن کي گهڻو خراب ڪيو. اهڙي صورت ۾ ٻين براين سان گڏ بدعنوانيون به چوٽ چڙهي ويون ۽ افسوس جو ڇهن ڏهاڪن ۾ اسان وٽ هڪ به انا هزاري پيدا نه ٿي سگهيو آهي.

    هاڻ ته اسان جي معاشري ۾ ڪرپشن جو اثر ايڏو وڌي ويو آهي جو اسان جي ذهنن ان کي قبولي ورتي آهي. اڃا به حيرت جي ڳالهه اها آهي جو اسان وٽ ان کي برائي سمجهيو ئي نٿو وڃي! غير سرڪاري ادارن جي انگن اکرن مطابق ملڪ جي ترقياتي بجيٽ جو 25 سيڪڙو رقم جو غلط استعمال ۽ زيان ٿئي ٿو، پر سنڌ جا ته قصا ئي ٻيا آهن. پاڪستان ۾ ڪرپشن جون ڪيتريون ئي شڪليون موجود آهن، جهڙوڪ؛ پبلڪ فنڊن ۾ گهوٻيون، پنهنجا نوازي، غريبن کي نظرانداز ڪرڻ، نا انصافي، ذاتي مفادن کي ترجيح ڏيڻ، عوام جي مسئلن ڏانهن عدم توجهه، اختيارن جو غلط استعمال وغيره. ننڍي سطح جي عملدار کان وٺي وڏن ڪامورن تائين، بيورو ڪريسي کان سياست تائين هر شخص ڪرپشن ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح ملوث نظر اچي ٿو. دراصل اهو سڀ طاقت ۽ ذميوارين جو پاڻ ۾ لاڳاپو نه هجڻ ۽ احتساب نه ٿيڻ سبب آهي. جيڪڏهن حڪمران ۽ ملڪي ادارا سچي نيت سان ڪم ڪن ته ڪرپشن کي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو، پر ڇا هتي، جتي اينٽي ڪرپشن جي اداري تي به ڪرپشن جا الزام هجن، اهو ممڪن آهي؟

    مختيار جمالي/ڪراچي

    روزانه ڪاوش هائيڊ پارڪ تان ورتل[/JUSTIFY]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪاش ! ڪو انا هزاري هتي به پيدا ٿي پوي

    اڙي ادا سليمان، جهڙي قوم تهڙا حڪمران ۔۔۔ اسانکي قومي طور پنهنجو پاڻ ۾ تبديلي آڻڻي پوندي ۔۔۔ نه ته ائين ئي چورن جون سڀ آڱرون گهه ۾ هونديون ۔۔۔ الامان ۔۔۔ هاڻ ته سنڌ ملڪ ۾ انصاف ٿيڻ جي توقع ڪرڻ ائين آهي ڄڻ ديو مالائي قصو ۔۔۔۔ دنيا جون قومون مٿي جي طرف ته سنڌي قوم کڏ جي تري جي طرف رخ ڪيو آهي ۔۔۔ ڇا ٿيندو؟ الله کي خبر، في الحال ته نه ڪو اهڙو اڳواڻ نظر ٿو اچي نه ئي ڪا اهڙي تنظيم يا ادارو ۔۔۔۔

    مايوسي ڪفر آهي پر هاڻ ته دماغ به سيٽيون ٿو هڻين بلڪ پريشر ڪڪر جيئان ۔۔۔

    وري به هٿ مٿي آهن ۔۔۔ چوندا آهن جنهنجو ڪوئي ناهي تنهنجو الله آهي۔
     
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ڪاش ! ڪو انا هزاري هتي به پيدا ٿي پوي

    سائين اسان ته ملڪ جو حال ڏسي ڪري بلڪل ائين خاموش ٿي ويا آهيون جيئين ٽائر مان هوا نڪري وڃي سائين بابا اسان جا حڪمران سٺا تڏنهن ٿيندا جڏنهن عوام اهو چاهيندي ۽ عملي طور تي انهن ۾ بيداري ايندي حڪمرانن جو ڪو ڏوه ناهي اسان پاڻ اهڙا حڪمران چونڊيندا سي ته پوء انهن مٿان لعن و طعن ڪرڻ اجائي آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    .....................................

    سائين اسان ته ملڪ جو حال ڏسي ڪري بلڪل ائين خاموش ٿي ويا آهيون جيئين ٽائر مان هوا نڪري وڃي سائين بابا اسان جا حڪمران سٺا تڏنهن ٿيندا جڏنهن عوام اهو چاهيندي ۽ عملي طور تي انهن ۾ بيداري ايندي حڪمرانن جو ڪو ڏوه ناهي اسان پاڻ اهڙا حڪمران چونڊيندا سي ته پوء انهن مٿان لعن و طعن ڪرڻ اجائي آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪاش ! ڪو انا هزاري هتي به پيدا ٿي پوي

    ڪڏهن ڪڏهن علي وڏو فلاسافر لڳندو آهي ۽ سندس ڳالهين ۾ سچائي هوندي آهي۔ جڏهن کان پاڪستان ۾ آيل آهي تڏهن کان هتي حقيقتون ڏٺيون اٿس۔ اسان پاڻ جيستائين تبديلي لاء ڪونه اٿنداسون، تيستائين ڪنهن بهتري جي اميد ڪونه ٿي لڳي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو