صلاح الدين تنيو : سنڌي ڊرامن جو بهترين اداڪار

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 آگسٽ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [JUSTIFY]نامياري اداڪار صلاح الدين جو پورو نالو صلاح الدين ولد محمد ابراهيم تنيو آهي. هن 28 فيبروري 1949ع تي ڳوٺ حاجي ڌڻي بخش تنيي تعلقي قمبر ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول سکر مان 1965ع ۾ ڪيائين. جڏهن ته بي. ايس. سي (آنرس) 1967ع ۾ ۽ ايم. ايس. سي سنڌ يونيورسٽي انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽريءَ مان پاس ڪيائين. سڀ کان اول ملازمت جو آغاز سال 1973ع ۾ لوڪل گورنمينٽ کاتي حيدرآباد کان ڪيائين، جتي حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن ۾ اسسٽنٽ ٽيڪسيشن آفيسر ٿي ڪم ڪيائين. ست سال نوڪري ڪرڻ بعد 1979ع ۾ ليڪچرر طور علامه اقبال ڪاليج ڪراچيءَ ۾ مقرر ٿيو. بعد ۾ پبلڪ سروس ڪميشن پاس ڪري 1981ع صحت کاتي ۾ ڊرگ انسپيڪٽر مقرر ٿيو، کيس سال 1991ع ۾ ترقي ملي ۽ بحيثيت ڊويزنل ڊرگ انسپيڪٽر لاڙڪاڻو 1994ع تائين ڪم ڪيائين. 1994ع ۾ سندس بدلي ڪراچيءَ ٿي، ترقي ڪندي ڊويزنل ڊرگ انسپيڪٽر ۽ پوءِ چيف ڊرگ انسپيڪٽر ٿي سال 2009ع ۾ رٽائر ڪيائين.

    صلاح الدين تنيو پوري پاڪستان ۾ ٽيليويزن جي ڊرامن وسيلي سڃاتو وڃي ٿو. هن شروع ۾ ريڊيو تي ڪم ڪيو، ان کان پوءِ پي ٽي وي ڊرامن جي سلسلي ”ناٽڪ سڀا“ ۾ پيش ٿيندڙ ڊرامي ”ناسور“ ۾ ڪردار ادا ڪيائين. اهو سندس پهريون ڊرامو هو. ان کان پوءِ هن کي ڪافي عرصو ننڍا ننڍا ڪردار ملندا رهيا، اڄ هو سنڌي ۽ اردو ڊرامن جي سينيئر اداڪارن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. شوڪت شوري جي لکيل ۽ فيض ٻگهيي جي پروڊيوس ڪيل سنڌي ڊرامي ”باک“ ۾ مولوءَ جي ڪردار ۾ گهڻو مشهور ٿيو. سندس سنڌي ڊراما تمام گهڻا آهن، پر هن کي مرزا قليچ بيگ جي ڪلاسڪ ناول ”انڪوائري آفيسر“، کان سواءِ ”ڄار“، ”ملڪيت“، ”مور اڏاڻا مور“، ”دنيا ديواني“، ”قربتون“، ”آس“ ڊرامن جي ڪري گهڻي پذيرائي ملي.

    کيس ڊرامي ”آس“۾ پي ٽي وي پاران 1999ع جو بهترين ريجنل اوارڊ مليو. تنيي صاحب 25 سالن ۾ ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو آهي. پروڊيوسر منظور مگسيءَ جي ڊرامي ”دراڙين“ ۾ نيشنل اوارڊ لاءِ منتخب ٿيو. صلاح الدين جو پهريون اردو ڊرامو، پروڊيوسر هارون رند جو پروڊيوس ڪيل ”ڇوٽي سي دنيا“ هو، جنهن جو ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو هو. ان کان پوءِ پروڊيوسر سيد علي رضويءَ پاران عبدالقادر جوڻيجي جو سال 1991ع ۾ پيش ٿيندڙ ڊرامو ”ڇوٽي بڙي لوگ“ شامل آهي، جنهن کي سنڌ ڪلچرل ايسوسيئيشن پاران اوارڊ به مليو. ان سال ئي ٻيو ڊرامو ”جنرل هوش محمد“ جيڪو پروڊيوسر فيض ٻگهيي پروڊيوس ڪيو. ان کان سواءِ ”آسمان تڪ ديوار“، ”جهنگل“ ۽ ”زرد پتون ڪا پن“ ۾ به هن ڪم ڪيو. هن 1997ع ۾ ڊرامي ”سب سي بڙا رپيا“ جي هدايتڪاري به ڪئي. ان کان سواءِ سندس ئي پيشڪش ۾ رحمت الله ماڃوٺيءَ جو ڊرامو ”ڪالي چادر“ ڪيترن ئي ٽي وي چينلن تي هلڻ کان سواءِ اين. ٽي. وي تي به هليو. صلاح الدين تنيي اٽڪل پنجن فلمن ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي. جن ۾ غفار تبسم جي سنڌي فلم ”برسات“، ايس. گل جي فلم ”سهڻا سائين“، محمود صديقيءَ جي فلم ”علي گوهر“ ۽ ”آخري گولي“ وغيره شامل آهن. هن جو چهرو اداڪار وحيد مراد سان ملندو آهي، ۽ جڏهن فلم ”هيرو“ جي فلمبنديءَ دوران وحيد مراد وفات ڪري ويو ته هدايتڪار اقبال يوسف ان فلم کي مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪندي، وحيد مراد سان ملندڙ چهرن جو انٽرويو ڪيو. جنهن ۾ صلاح الدين کي چونڊيو ويو، پر پوءِ کيس ان اردو فلم جو ڪم نه ڏنو ويو. پاڻ اسٽيج ڊرامن جو بهترين اداڪار ۽ پروگرام آرگنائيزر به آهي. هن ڪيترن ئي ضلعن ۾ شاندار ورائٽي پروگرام پڻ ڪيا آهن. هن وقت به صلاح الدين تنيو مختلف ٽي. وي چئنلن تي ڊرامن ۾ بهترين اداڪاري ڪري رهيو آهي. سندس ٻه پٽ به اداڪاريءَ طرف راغب ٿيا آهن. پاڻ هن وقت سنڌي پرائيويٽ ٽي. وي چينلن تي ڊراما ڊائريڪٽر جي حيثيت سان به ڪم ڪري ٿو.[/JUSTIFY]

    حوالو : انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانه
    ڪمپوزنگ : محمد سليمان وساڻ

    باک ڊرامي ۾ سندس ڪيل اداڪاري جو هڪ سين



    ڊرامه سيريل ڇوٽي سي دنيا ۾ سندس ڪيل يادگار ڪردار



     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: صلاح الدين تنيو : سنڌي ڊرامن جو بهترين اداڪار

    سنڌي فن جو هڪ وڏو ۽ سهڻو ڪردار ... هون ته هر قسم جا ڪردار نڀائي ڄاڻندو آهي پر خاص طور تي ولين (شودائپ) جا ڪردار ايترا ته پر اثر ڪندو هو ۽ ٻوليءَ جو لهجو ايترو ته زورائتي نموني ادا ڪندو هو جو لفظ دماغ ۾ گهر ڪري ويندا هئا ....

    تمام سهڻو ڪردار ...
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: صلاح الدين تنيو : سنڌي ڊرامن جو بهترين اداڪار

    سائين نثار مهرباني

    صلاح الدين تنيو هڪ بهترين اداڪار هجڻ سان گڏ هڪ نفيس انسان پڻ آهي۔
    سندس اداڪاري ۾ حقيقت جا رنگ ڀريل هوندا آهن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو