فلسفو بدلجڻ گهُرجِي [JUSTIFY]پيارا سنڌ سلامت ۽ فيس بُڪ جا ساٿيو، السلام عليڪم ، نمستي ۽ جيئي سنڌ ، دوستو مهان شاعر ايوب کوسو، سنڌ ڌرتيءَ جو وهائو تارو، جنهن کي ڪنول جو گُل چوان يا گُلاب جو گُل، جنهن پنهنجي نهايت ئي دلڪش شاعري ذريعي سنڌي ماڻهن جي من کي پنهنجي رچنائُن ذريعي پنهنجي ڪويتائن ذريعي اهي سونهن ڀريون سرهاڻيون بخشيون آهن جنهن جو هن جديد دور ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي، مان ذاتي طور تي کيس جديد دور جي سنڌي ش...اعريءَ جو امام سمجهندو آهيان، مان جڏهن به ايوب کوسي جي شاعريءَ کي پڙهندو آهيان ته سندس شاعري جِي خوشبوءَ سان واسجِي ويندو آهيان، سندس ڪافي سارا ڪتاب منهنجي مختصر لائبريري جي زينت آهن ، جن ۾ گُلابن جو ڪفن، اڪيلائي جو آسمان ، جيل جِي ڊائري، ڪنارن جا سڏ ۽ ڪتاب درد جُون مسافريون اهم ترين آهن ، دوستو، ايوب کوسو سنڌ جو اهو واحد شاعر آهي جنهن جو جيڪو ڪتاب ڇپجي سنڌ جي بُڪ اسٽالن تي ايندو آهي ته هٿو هٿ وڪامجي ويندو آهي ، ايتري قدر جو چند مهينن ۾ ايوب کوسي جو ڪتاب بُڪ اسٽالن تان ملڻ مشڪل ڇا پر ناممڪن هوندو آهي، مونکان هڪڙو دوست ايوب کوسي جا ٻه ڪتاب ”گُلابن جو ڪفن ۽ اڪيلائِيءَ جو آسمان پڙهڻ لاءِ وٺي ويو، تقريبن پنجن مهينن کانپوءِ مونکي يادگيري آئي ، دوست کي ميار ڏيندي چيم ته يار تو مونکان منهنجي محبوب شاعر ايوب کوسي جا ٻه ڪتاب ورتا هُئا سي براءِ مهرباني واپس ڪر، همراهه بجاءِ اهي ڪتاب ڏيڻ جي چوڻ لڳو ته ميان ڪو آئون تنهنجا ڪتاب کائي ڪونه ٿو وڃان ، مون چيومانس دوست تو مونکان ڪتاب پڙهڻ لاءِ ورتا هُئا پنج مهينا ٿي ويا آهن پليز اهي ڪتاب واپس ڏي دوست چيو ته مونکان اهي ڪتاب گُم ٿِي ويا آهن مونکي تمام گهڻو ڏُک ٿيو، تقريبن روئڻهارڪو ٿيندي چيومانس ته تو ظلم ڪري ڇڏيو آهي مون تي توکي خبر آهي ته ايوب کوسي جا اهي ٻئي ڪتاب ناياب آهن ، چوڻ لڳو ته ميان آئون توکي ڪتابن جا پيسا ٿو ڀري ڏيان مون چيومانس ته دوست ڳالهه اصول جِي اها آهي ته تو مونکان اهي ڪتاب پڙهڻ واسطي امانت طور ورتا هُئا ائين چئي مُنهن ڦِلو ڪري سندس گهر تان موٽي آيس، ٻي ڏينهن ڪجهه پيسا کڻي حيدرآباد شهر جي هر بُڪ اسٽال تي انهن ڪتابن کي ڳولهيم پر ڪونه مليا ايتري قدر جو ايوب کوسي جي جملي ڪتابن کي ڇپائڻ واري اداري ” گُلشن پبليڪيشن “ وارن کان به انهن ڪتابن جي باري ۾ پُڇا ڪيم کين انهن ڪتابن جي ڊبل قيمت به آڇيم پر انهن چيو ته انهن ڪتابن جو پهريون ڇاپو ختم ٿي چُڪو آهي ناياب ڪتاب آهن ان ڪري تيستائين انتظار ڪر جيستائين انهن ڪتابن جو ٻيون ڇاپو نه اچي، توهان دوستن کي سُڌ ڏيندو هلان ته گُلشن پبليڪيشن حيدرآباد وارن جو حيدرآباد شهر ۾ ڪو به پنهنجو بُڪ اسٽال ڪتاب گهر جي صورت ۾ موجود ناهي، توهان حيدرآباد شهر جي حيدر بخش جتوئي چوڪ گاڏي کاتي ۾ چائنيز ريسٽورينٽ جي ڪُنڊ واري پاسي سامهون بيٺل ٻن ريڙهي وارن کي ڪتابن سان ڀريل ڪتاب وڪڻندي ڏٺو هوندو ، اهي ريڙهي وارا ئي ” گُلشن پبليڪيشن “ جا سرواڻ ۽ هلائيندڙ آهن. خير مطلوبه ڪتابَ گُلابن جو ڪفن ۽ اڪيلائِي جو آسمان ڪيئن حاصل ڪيم اهو به هڪ اهم ۽ الڳ داستان آهي، وري ڪنهن ٻي موقعي ته توهان سڀني ساٿين کي ٻُڌائيندس. هينئر هي ايوب کوسي جو نظم جنهن جو عنوان آهي ”فلسفو بدلجڻ گُهرجي“ جي غريباڻي ڊزائن بنائي اٿم، توهان سان شيئر پيو ڪريان، هي نظم ايوب کوسي جي نثري ڪتاب ” درد جُون مسافريون“ جي پيج نمبر 89 تان ورتو اٿم، گريٽ شاعر ايوب کوسي جو ڪتاب درد جُون مسافريون گُلشن پبليڪيشن حيدرآباد وارن مارچ 2007 ع ۾ شايع ڪرايو هو ، تمام پيارو ۽ پڙهڻ جي لائق ڪتاب آهي، اُن وقت به هن نهايت ئي دلڪش ڪتاب جي قيمت 180 روپيه هُئي.[/JUSTIFY]
جواب: فلسفو بدلجڻ گُهرجي(نثري نظم) ايوب کوسو اسانجون نيڪ خواهشون مانواري شاعر ايوب کوسي صاحب سان آهن، بيشڪ سندس شاعريءَ ۾ نت نوان خيال ۽ لاڙا سمايل هجن ٿا ۔۔۔ شاعر قومن جو سرمايو ۽ نشانيون هونديون آهن، ماضي، حال ۽ مستقبل جون ۔۔۔ سندن شاعريءَ ۾ قومي جاڳرتا جي بي ملهه هيرا هجن ٿا، جنکي سمجهڻ ۽ عمل ڪرڻ سان ڪيتريون ئي مشڪلون آسان ٿي سگهن ٿيون ۔۔۔ مٿئين نثري نظم ۾ سمايل فلسفو جيتوڻيڪ ٻي دنيا جون قومون اپنائي چڪيون اهن ۽ ان تي عمل به ڪري رهيون آهن، شاعر سميت اسانکي ڳڻتي آهي ته سنڌي قوم جي جنهن جا وسيلا، انسان ۽ بهارون ڌارين جي رحم و ڪرم تي آهن ۽ ڪجهه پنهنجا به سنڌ ڀيلڻ ۾ شامل ٿيل آهن ۔۔۔ هاڻ ڏسڻو آهي ته قوم ڪڏهن ٿي ان ڳالهه کي سمجهي عمل ڪري ۔۔۔ سهڻي ناز جو ونڊ به نازن جهڙو ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: فلسفو بدلجڻ گُهرجي(نثري نظم) ايوب کوسو پيارا سائين نثارا ابڙا محترم شاعر ايوب کوسي جي هن فلسفي کي جلدي سمجهي وئين ۽ مدي خارج فلسفي جي بدلجڻ واري ڳالهه کي به ڀلي ريت سمجهي وئين۔ باقي دوست واقعي ڌرتِي جي ڌُوتن اسان جي سنڌ سان جيڪي مڪارين ، غدارين، ويساهه گهاتين ۽ بي حيائين جا ڪلور ڪيا آهن ان تي نه صرف تنهنجي نه صرف مُنهنجي پر هر محبتي سنڌي جي دل رت جا ڳوڙها هاري رهي آهي ، مونکي محترم ايوب کوسي جو هڪڙو نظم ياد پيو اچي ته : پاڻ ته رانڌيڪن جيئن آهيون روز رهون ٿا رڻ پٽ وانگي، چُر ۾ ڦاٿل پوپٽ وانگي، جيئن ڪي قبرون، ها، تيئن آهيون ! پاڻ ته رانڌيڪن جيئن آهيون۔۔۔۔۔۔! پنهنجي لا ڪجهه ڀِي ناهي ، سڀڪِي آهي هٿ هنن جي ، جيئن ٿا چاهين تيئن ٿا ڊاهين ، نڪَ ۾ ناهي نٿ هُنن جي ! پاڻ اسيرن وانگي آهيون، پنهنجا پاڇا قيدي آهن ، پنهنجي رت سان گوليون کيڏن ! پنهنجا جيون گروي آهن۔۔۔۔۔۔ ! ڄاڻون ٿا سڀ ڄاتل آهن ، ظاهر آهن باطل آهن ، ڦُورو رهزن وحشي ساڳيا، پنهنجي رت جا قاتل آهن، پو به هنن جو راڄ هلي ٿو، ڏيهه جو ٿيندو کاڄ هلي ٿو، حُڪم هنن جو وقت هنن جو، ٺاهه ٺڳي جو بخت هنن جو، پنهنجو پل پل ذلت جهڙو، هر پل آهي تخت هنن جو، پاڻ عذابن وچ ۾ آهيون، پنهنجا هينئان مچ ۾ آهن، پنهنجون شامون نوحن جهڙيون، ڪنڊا پنهنجي سچ ۾ آهن، سوچيو سوچيو گڏجي سوچيو، ڪيسين پاڻ ائين رهنداسين، ڪيسين وهٽن جيئن وهنداسين، ويٺي واٽون ملڻيون ناهن، ڪيسين صدما پيا سهنداسين؟ جاڳڻ جو هِي ٽاڻو آهي ، ڇا ٿيو وقت جي گهاڻو آهي، دل جي ٿورِي همت گهرجي، ڇا ٿيو روڳ پُراڻو آهي، مقتل ڊاهڻ ممڪن آهي، ڀُون بچائڻ ممڪن آهي، ديپ جلائڻ ممڪن آهي، پاڻ ملهائڻ ممڪن آهي، ممڪن آهي ممڪن آهي ڪوشش سان سڀ ممڪن آهي ممڪن آهي ممڪن آهي۔۔۔۔۔۔ ! ! ! (ايوب کوسو)