مهنجي سنڌ سدا سونهاري آ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ حفظ الله ڪاڪا طرفان آندل موضوعَ ‏20 آگسٽ 2011۔

  1. حفظ الله ڪاڪا

    حفظ الله ڪاڪا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    54
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    358
    مهنجي سنڌ سدا سونهاري آ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ڪراچي جي ڪن ۾ سڙندڙ سنڌ واسين کي ڪنهن جي نظر لڳي آهي، اها ڪل ته شايد ان ”نظر“ کي به نه هوندي۔ جنهن جي لڳڻ سان شايد ڪا باهه ٻرندي هجي۔۔۔ ٻئي طرف برسات سنڌ کي ڪيترو ڏاريو آهي، اهو به ڪنهن کان ڳجهو نه آهي، بدين، ٿرپارڪر، مٺي، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٽنڊو الهيار ۽ ٽندو محمد خان شهرن توڙي ضلعن کي شايد پنهنجي ”پاڻي“ جي پاڇي ۾ آڻي ڇڏيو آهي۔۔۔ اتي انساني زندگين جو ڪيترو قدر آهي، اهو ميڊيا ذريعي پوري دنيا آڏو پڌرو ٿي چڪو آهي۔
    هڪ طرف اها سونهاري ”سنڌ“ جنهن جي سونهن لکڻ لا ڪو ڪاغذ يا قلم نه آهي جو ان قلم جي نوڪ سان اسان ڪاغذ جي پيٽ منهنجهه ان تي واکاڻ ڪري سگهون ته، ٻئي طرف شايد سنڌ ان ”نظر“ جي چوڪٽ ۾ آٽڪي پئي آهي، جنهن سبب حياتين جو سرعام سِرِ نيو پيو وڃي۔۔۔ هي سڀ ڪنهن جي اشاري تي پيو ٿئي۔۔۔؟ شايد هر متاثر واقف هئڻ جي باوجود به اڻ واقف آهي۔۔
    مهنجي سنڌ سونهاري آ۔۔۔ ان ۾ڪو شڪ نه آهي ۽ سنڌ واسي ڪڏهن به سنڌ جي سونهن تي سوديبازي ڪرڻ لا تيار نه آهن، پر پو به آخر ڪهڙي سبب هن سنڌ جي سونهن کي ڳجهه ذريعي اجاڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي۔۔۔؟
    پالڻهار ڌرتي خلقي انسانذات کي ان تي جيئڻ جي حق ڏياريو، پر هي ڌرتي اڄ انسانذات لا ٽامون بڻائي پئي وڃي ۽ ان کان جيئڻ جو حق واضع نموني کسيو پيو وڃي۔۔۔ جيڪڏهن سرڪاري رٽ جي ڳالهه ڪجي ٿي ته ان ۾ سرڪار جي سنوت ڪنهن به نموني پلئه به پئي پوي، ان جو اندازو ان مان ئي لڳائي سگهبو ته هڪ طرف ڪراچي توڙي برسات سٽيل علائقن جا رهواسي پنهنجي جيوت جيئڻ لا وس آهر واڪا ڪري رهيا آهن ته ٻئي سرڪار سپوت پاڻ کي سنوارڻ لا ميڊيا آڏو اچي ملزمن خلاف ڪاروائي جا اعلان ڪري رهيا آهن، اهي اعلان ڪڏهن عمل ۾ ايندا، (ڪا ڄاڻ نه آهي)۔۔۔
    هي سنڌ اڄ به پنهنجي سونهن جي اجڙڻ جو ڊپ ظاهر ڪري رهي آهي، جيڪڏهن سنڌ جي سونهن کي اجاڙڻ کان نه روڪيو ويو ۽ اهڙي ريت رائج رهي ته ائين نه ٿئي ته سنڌ ماضي جي قصن ۾ بدلجي وڃي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    حفظ الله ڪاڪا
    حيدرآباد
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مهنجي سنڌ سدا سونهاري آ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    سٺي لکڻي ۔۔۔۔۔۔۔

    سنڌ هن وقت سورن ۾ آهي۔ ڪٿان لاش پيا اچن ته ڪٿي قدرتي آفتن جي ور چڙهيل آهيون ته ڪٿي وري پنهنجو پاڻ ۾ وڙهي هڪ ٻئي کي ويٺا تباهه ڪيون۔ اهڙي موقعي تي بس دعا ئي ڪري سگهجي ٿي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو