• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اجهي ڄاڻ اڀريا هي هر سُو سويرا (غزل) نثاراحمدناز

نثارناز

سينيئر رڪن
جڏهن ڌرتي تي ڌنڌ جا ڪارا ڪڪر ڇانيل هُجن، جڏهن پنهنجا غدار ٿي سنڌ ڌرتي جا سودا ڪندا وتن اتي پريشان ٿيڻ اسان سڀني جو فطري آهي، پر ان هوندي به اسان کي پنهنجا حوصلا بلندا رکڻ گهرجن، اسان کي متحد ٿي ڌارين ۽ پنهنجن جي ويس ۾ ڌارين جا گهيرا تنگ ڪرڻا آهن اهڙي ڪنهن پس منظر ۾ ڪافي ڏينهن کان پو هڪڙو غزل سرجيو آهي اميد ته پسند ايندو۔توهان جي واڌو ڪاٽو راين جو شدت سان منتظر رهندس۔

اجهي ڄاڻ اُڀريا هي هر سُو سويرا (غزل)

317627_10150296974233216_794048215_7833291_3970682_n.jpg
 
جواب: اجهي ڄاڻ اڀريا هي هر سُو سويرا (غزل) نثاراحمدناز

نثار ناز جي آسرن ۽ اميدن واري شاعري ۔۔۔ سهڻا، سادا ۽ عوامي ٻوليءَ سان سينگاريل ٻول، باقي سنڌي سياستدانن، جيالن، ميرن پيرن ۽ ڪامورن ته رڻ ٻاري ڏنو آهي، مٿان وري قومي حالتون اهڙيون جو حساس ماڻهون اصل ٻڏي مرڻ جهڙو ٿيو آهي ... پر اوهان دوستن جي شاعري پڙهي ڪجهه حيانوَ تي ڇنڊو پوي ٿو ...

لک لائق

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: اجهي ڄاڻ اڀريا هي هر سُو سويرا (غزل) نثاراحمدناز

ادا اسان به منتظر آهيون اميد اسان جي به آهي انشااء الله ڪميابي ٿيندي۔
وسلام
 
جواب: اجهي ڄاڻ اڀريا هي هر سُو سويرا (غزل) نثاراحمدناز

سنڌ جي قومپرست شاعر نثار ناز کي سلام

نثار ناز جي شاعري ۾ اميد آسرا به آهن ته هن معاشري جي ڪردارن کي سڏي ۽ سنڌ سان ويساهه گهاتيون ڪندڙن لاء اٿي بيهڻ جو چيو آهي۔ سندس اميد افزا شاعري اسان سميت سمورن لاء هڪ آثت ته ضرور آهي پر حالتن کي تبديل ڪرڻ لاء اسان کي هڪ ٿيڻو پوندو۔

سٺي شاعري
 
جواب: اجهي ڄاڻ اڀريا هي هر سُو سويرا (غزل) نثاراحمدناز

جڏهن ڌرتي تي ڌنڌ جا ڪارا ڪڪر ڇانيل هُجن، جڏهن پنهنجا غدار ٿي سنڌ ڌرتي جا سودا ڪندا وتن اتي پريشان ٿيڻ اسان سڀني جو فطري آهي، پر ان هوندي به اسان کي پنهنجا حوصلا بلندا رکڻ گهرجن، اسان کي متحد ٿي ڌارين ۽ پنهنجن جي ويس ۾ ڌارين جا گهيرا تنگ ڪرڻا آهن اهڙي ڪنهن پس منظر ۾ ڪافي ڏينهن کان پو هڪڙو غزل سرجيو آهي اميد ته پسند ايندو۔توهان جي واڌو ڪاٽو راين جو شدت سان منتظر رهندس۔

اجهي ڄاڻ اُڀريا هي هر سُو سويرا (غزل)

317627_10150296974233216_794048215_7833291_3970682_n.jpg


قسم ناز سنڌ جي حفاظت جو کائي
ڪبا سنڌ جي ويرين سندا خوب گهيرا


ماشآء خوبصورت شاعري خوبصورت چتر ڪاري تمام بهترين تخيل الله تعالى توهان کي توهان جي جذبن کي سلامت رکي توهان جا جذبا انشآء الله دعائن جي صورت ۾ ضرور اگهامندا ۔
 
Back
Top