چون ٿا ڏاڏل سودائي

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
چون ٿا ڏاڏل سودائي

شروع سفرِ تنهائي
تو ڪئي جا جدائي

ائين لڳي ٿو ڄڻ
ناراض آهي خدائي

نه ٿو هٿ وٺي ڪو
تو رهبري تو رهنمائي

سڙي ويو وجود سارو
لڳل باھ نه وسائي

هر ڪو کلي پيو بعد
شهر سارو تماشائي

ڇا ٻڌايان توکي معلوم
بعد تو جا ٿي رسوائي

ڪوڙا نڪتا سڀ خيال
وفادار نڪتو هرجائي

هر ڪنهن ڌوڪو ڏنو
هر دل ۾ هئي ٻيائي

اقرار واقعي غلطي
جا لائي سا نڀائي

نيڻ ٿيا هن نيسارا
غلط ڪائي ڪمائي

دگرگون رستي تي
مليو نه ڪو حال ڀائي

جي ڪا ڳالھ ڪيان ٿو
چون ٿا ڏاڏل سودائي
 
جواب: چون ٿا ڏاڏل سودائي

جي ڪا ڳالھ ڪيان ٿو
چون ٿا ڏاڏل سودائي

واه ادا ڏاڏل سودائي واه تمام بهترين ادا
 
جواب: چون ٿا ڏاڏل سودائي

پٽڙو ڄائو سڀني چيو
چو نه پهتي اڃان مٺائي

پوليس پڪڙيو چورن کي
سڄي رات ٿي تِن جي بٽائي
 
جواب: چون ٿا ڏاڏل سودائي

جي ڪا ڳالھ ڪيان ٿو
چون ٿا ڏاڏل سودائي


اسان ڏاڏل کي سودائي ڪونه ٿا چئون ۔۔۔۔۔۔ باقي زماني کي ڇا ڪجي ۔۔۔۔۔۔۔۔ زمانو ئي ته ظالم آ
 
جواب: چون ٿا ڏاڏل سودائي

ادا ڏاڏل جي شڪايت جائز آهي۔۔۔۔
بلڪل پنهنجا سور سليندڙن کي
ماڻهون سودائي چون ٿا۔۔۔۔۔۔۔



دعا ۾ ياد۔






۔
 
Back
Top