مزمل چانڊيو
سينيئر رڪن
غزل
پرين نيڻ پنهنجا الارڻ ڇڏي ڏي
عقابي نظر سان نهارڻ ڇڏي ڏي
ٿيندا خون ڪيئي اٿيا جي امر مان
امر مان انهن کي اٿارڻ ڇڏي ڏي
ڏسن توکي ماڻهو جيڪي واٽ ويندي
پرين تون انهن ڏي نهارڻ ڇڏي ڏي
گهڻو وقت ٿـيو آ اڪيلو ئي آهين
پرين وقت اڪيلو گذارڻ ڇڏي ڏي
ڇڏي وئين اڪيلو حياتي جي رڻ ۾
چوين ٿو ته تون ساه کڻڻ ئي ڇڏي ڏي
ملڻ جي ٿو چاهين هلي آءُ مون وٽ
اٿئي وقت ٿورو پڪارڻ ڇڏي ڏي
روئي حال اهڙا ڪري ڇو ڇڏيا ٿئي
پرين تون به مزمل کي سارڻ ڇڏي ڏي
مزمل چانڊيو