مزمل چانڊيو
سينيئر رڪن
غزل
پرين ڇو هليو وئين بيگانو ڪري
پنهنجي مست ادا ۾ مستانو ڪري
مليو ڇا هي توکي مون مسڪين جو
قبرستان جهڙو آستانو ڪري
ناهي ڪا ڪچهري متل شام ڌاري
اها ڳالھ روئي ميخانو ڪري
ڇڏيو جان منهنجي خدا کي مڃيو
ڏکن کي هي منٿون ديوانو ڪري
وڃان هاڻي ڪاڏي ناهي واٽ ڪائي
وئين سارو دشمن زمانو ڪري
ڀلا ڪئين کاوان ويهي طعام ڪوسا
اُهي طعام ڏيان ٿو نظرانو ڪري
مزمل چانڊيو