دعا آهي ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۽ عالم جو امن قائم ۽ دائم رهي آمين۔ [/img] دلين تي چڙهندا مير وڃن ٿاوڌندا هر دم وير وڃن ٿا وقت ويو ۽ مطلب نڪتوپنهنجا ڀي ٿي غير وڃن ٿا لُٽجون فٽجون يا ٿا ڪُسجونساڳي ڏِس ڏي پير وڃن ٿا همت هُجي ته هيڻن آڏو ڀيدُشمن ٿي سڀ زير وڃن ٿا لاش مٿان ٻيو لاش اچي ٿوهڪدم ٿي ست خير وڃن ٿا جوڌن جي پُٺي تي وار ڪريٻِرن ۾ لڪي الئي ڪير وڃن ٿا
جواب: ڪراچي جي موجوڊه حالتن کي ڀيٽا! سائينا وهان اسان جي شهر ڪراچي جي توڙي بيضمير بادشاهن جي خوب ڳالھ ڪئي آهي ۔
جواب: ڪراچي جي موجوڊه حالتن کي ڀيٽا! ها ادا صحيح آهي ته اسان جي شهر ڪراچي جي بيضمير بادشاهن جي خوب خاطر توازن واري ڳالهه ڪئي آهي هن شاعري ۾ ادا توهان سٺي ونڊ ڪئي آهي۔
جواب: ڪراچي جي موجوڊه حالتن کي ڀيٽا! ڇاڪجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪراچي جون حالتون خراب ٿيندي وقت ئي نه ٿو لڳي۔ ڪراچي ۾ نه قتل ڪندڙ کي اها خبر آهي ته ڇو ٿو قتل ڪيان ۽ نه وري مقتول کي پنهنجي ڏوهه جي خبر آهي۔ دعا ئي ڪري سگهون ٿا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان جا ڪيئي دوست مون سميت روز روزگار لاء نڪرن ٿا ۔۔۔۔ سڀني لاء دعا آهي ته رب کين محفوظ رکي ۽ ڪراچيء ۾ امن بحال ٿئي۔