دعا آهي ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۽ عالم جو امن قائم ۽ دائم رهي آمين۔
[/img]
دلين تي چڙهندا مير وڃن ٿا
وڌندا هر دم وير وڃن ٿا
وقت ويو ۽ مطلب نڪتو
پنهنجا ڀي ٿي غير وڃن ٿا
لُٽجون فٽجون يا ٿا ڪُسجون
ساڳي ڏِس ڏي پير وڃن ٿا
همت هُجي ته هيڻن آڏو ڀي
دُشمن ٿي سڀ زير وڃن ٿا
لاش مٿان ٻيو لاش اچي ٿو
هڪدم ٿي ست خير وڃن ٿا
جوڌن جي پُٺي تي وار ڪري
ٻِرن ۾ لڪي الئي ڪير وڃن ٿا