ٽئگور جو سنڌي ادب تي اثر راڌاڪشن چانڊواڻي [JUSTIFY]سنڌ ۾ اَنگريزن جي راڄ جي شروعات ٿيڻ ڪري ۽ اَنگريزي ادب جي اَڀياس ڪرڻ سان سنڌ واسين جو مغربي سڀيتا ۽ سنسڪرتيءَ سان وڌيڪ ويجهو ۽ گَهِرو سنٻنڌ ٿيو. هِن دؤر جي سنڌي ادب تي مُلڪي حالتن توڙي سياسي ويچارن جو تمام گهڻو اَثر ٿيو. ماڻهن کي نَون نوَن موضوعن جي ڄاڻ پوڻ لڳي. اِن جو نتيجو اِهو نڪتو جو سنڌي ادب پڙهندڙ ٻَهوُمکي بڻجڻ لڳو. اَوائلي ۽ وچ جي دؤر ۾ سنڌي ادب جي موضوعن جو دائرو محدود هئو، پر نئين دؤر ۾ گوناگون موضوعن تي سنڌيءَ ۾ ادب سِرجيو ويو آهي. مذهبي ۽ سماجي سُڌارن جي هلچل سنڌ ۾ گذريل اُڻويهين صديءَ جي وچ ڌاري ئي شروع ٿي چڪي هئي. پر ملڪي ڀاونا جي لهر ۽ اَنگريز سرڪار خلاف بيچينيءَ جو احساس سنڌين ۾ اُڻيهين صديءَ جي آخري عرصي ۾ شروع ٿيو. سياسي شعور سنڌ ۾ گهڻو زور 1905ع ۾ بنگال جي ورهاڱي ڪري پئدا ٿيل قومي سُجاڳيءَ جي اثر ڪري ئي ورتو. ويهين صديءَ ۾ ديس جي آزاديءَ لاءِ وقت به وقت جيڪي جلسا ٿيا، اُنهن ۾ سنڌي ساهتڪار به پُٺ تي ڪونه رهيا. هن دؤر ۾ هندستان ۾ جدا جدا هنڌن تي وقت به وقت جيڪي قومي، سماجي ادبي جلسا ٿيا، اُنهن جو اثر سنڌي ادب تي به پيو. هن دؤر جو ادب پنهنجي دور جي احساس کي ظاهر ڪرڻ جو مکيه وسيلو بڻيو. ٻاهرين مُلڪن جي قومي، سماجي ۽ ادبي ويچارن جو به سنڌي ادب تي چڱو اَثر پيو. اِنهيءَ ڪري سنڌي ادب ۾ جُدا جُدا ڌارائن جو جنم ٿيو. ٿوري ۾ چئجي ته هن دؤر ۾ جدا جدا ٻولين جي ادب جا اَمُلهه رتن ترجمي ذريعي سنڌيءَ ۾ اَچڻ لڳا. بنگالي ادب جو به چڱو اَثر سنڌي ادب تي پيو. بنگالي رچنائن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيو. بنگالي ليکڪ گرديو ٽئگور، بنڪمچندر، شرت چندر سنڌي جڳت ۾ مشهور ٿي ويا. هن دؤر ۾ سنڌي ادب ۾ موضوع، هيئت توڙي ادبي روُپن جي خيال کان جيتري گهڻائي نظر اَچي ٿي، اوتري اَڳين دؤرن ۾ ڪانه ٿي ملي. اُنهن ڏينهن ۾ ئي گرديو ٽئگور کي سندس ”گيتانجليءَ“ تي نوبل اِنعام مليو هو، سو گرديو راتوواه هنڌين ماڳين هاڪارو ٿي ويو. گيتانجلي ۽ ٻين رچنائن جو پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ تي گَهِرو اَثر ٿيو. هِن گرديو جي ”گارڊنر“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ”پريت جا گيت“ نالي سان شايع ڪرايو. سنڌي اديبن جي بنگالي ادب جي ويجهو اَچڻ جو نتيجو اِهو نڪتو جو سن 1923ع ۾ سنڌي اديبن شري خانچند درياڻيءَ، شري هيرانند آڏواڻيءَ، شري لالچند اَمر ڏنومل جڳتياڻيءَ، شري ڄيٺمل پرسرام گُلراجاڻيءَ ۽ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ گڏجي هڪ نئين اَدبي سوسائٽي برپا ڪئي، جنهن جو نالو رابندر ناٿ لِٽررِي ۽ ڊراماٽڪ ڪلب رکيو ويو. هِن ڪلب جي مهُورتي جلسي جي صدارت خود مها ڪوي رابندر ناٿ ٽئگور حيدرآباد سنڌ ۾ اَچي ڪئي هئي. اِن موقعي تي ٽئگور جو ناٽڪ ”چِترا“ اَنگريزيءَ ۾ اِسٽيج تي پيش ڪيو ويو هئو، جو گرديو ٽئگور کي بيحد پسند آيو هو. هُنن ترجماڪار ۽ ٻين، ناٽڪ ۾ پارٽ ڪندڙ ڪلاڪارن کي پاڻ وٽ گُهرائي کين شاباس ڏني هئي. اِنهيءَ ئي موقعي تي پروفيسر منگهارام اُڌارام ملڪاڻيءَ گرديو ٽئگور ۽ سندس ڀيڻ گهوشال جي هڪ هڪ ڪهاڻي به ترجمو ڪري سنڌيءَ ۾ ڇپائي هئي. هُن گرديو جي ”گيتانجليءَ“ جا آزاد نظم ۾ سنڌيءَ ۾ پڻ ترجما ڪيا آهن. اِن طرح بنگالي ادب جي ويجهو اَچڻ تي بنگالي ادب جي ڪجهه شاهڪار رچنائن جو سنڌي اديبن سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو آهي. شري لالچند جڳتياڻيءَ گرديو ٽئگور جي ڀيڻ شريمتي گهوشال جي هڪ ڪهاڻيءَ جو سنڌي ترجمو ”لڄاوتي“ نالي سان ڪيو، اها سن 1920ع ۾ سنڌي ساهت سوسائٽيءَ جي ماهوار رسالي جي روپ ۾ ڇپي هئي. هن ڪهاڻيءَ ۾ گَهروُ زندگيءَ جو ماحول آهي، جنهن ۾ لڄاوتي پنهنجي سَسُ جي سوُرنئون آخر ساهه ٿي ڏئي. مها ڪوي رابيندر ناٿ ٽئگور جي مشهور رچنا “The Gardener” جو ترجمو سنڌي ٻوليءَ ۾ شري لالچند اَمر ڏنومل جڳتياڻيءَ به 1930ع ۾ ڪيو هو، جو ”سدا گُلاب“ سِري سان ڪتاب جي صورت ۾ آندو ويو هو. مهاڪويءَ جي نازڪ خيالن ۾ تخليقي اُڏام کي شري لالچند جنهن نزاڪت ۽ سلوڻي اِصطلاحي ٻوليءَ ۾ پيش ڪيو آهي، تنهن هن ڪتاب کي سنڌي نثر ۾ هڪ نرالي جڳهه عطا ڪئي آهي. گرديو ٽئگور کان مُتاثر ٿي، شري لالچند منجهس ڪجهه پنهنجا به ”سدا گلاب“ جوڙي ڇڏيا آهن. سنڌي برک اديب شري گوبند مالهيءَ پڻ گرديو ٽئگور جي هڪ ناٽڪ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ”ٻليدان“ نالي سان پيش ڪيو آهي. اِنهيءَ طرح جهوني ترجمان ۽ پبلشر شري ڄيٺانند ڀاونداس لالواڻيءَ پڻ شرت چندر جي هڪ ناول جو ترجمو سنڌيءَ ۾ ”ڳوٺاڻي سماج“ نالي سان ظاهر ڪيو آهي. اَهڙيءَ طرح شري منوج داس جي لکيل ”شري اَربندو“ جو سنڌي ترجمو شري هريڪانت ڄيٺواڻيءَ جو ڪيل آهي، جو مرڪزي ساهتيه اَڪاڊميءَ شايع ڪرايو آهي. سنڌي ادب جي برک ليکڪا ڪماري پوپٽي هيراننداڻيءَ پڻ ”وويڪانند جيوني“ سنڌيءَ ۾ لکي سنڌي ادب کي اؤج تي رسائڻ ۾ پورو سهڪار ڪيو آهي. بنگال جي اَعليٰ اديبن گرديو ٽئگور، شرت چندر، بنڪمچندر وغيره جي عمدين رچنائن جا گهڻي ڀاڱي سنڌيءَ ۾ ترجما ٿيل آهن. ايترو ئي نه بلڪ سنڌي اديبن، جن جو بنگال جي ڌرتيءَ سان ڪجهه به لاڳاپو رهيو آهي، تن جي ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ بنگالي ادب جي خوشبوءِ سدا آتما بڻجي جهلڪندي رهندي آهي. مثال طور اَسانجي ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس شري ڪرشن کٽواڻيءَ جي ڪجهه ڪهاڻين پڙهڻ سان ائين محسوس ٿيندو ته ڄڻ ڪا بنگالي ڪهاڻي پڙهي رهيا آهيون. مثال طور ”جياپي جو ساڌن“ ڪهاڻي مجموعي جي ڪهاڻي ”وسري ويل ياد“ ۽ ”ڊگهي زندگي – ننڍڙي ملاقات“ پڙهي سگهجن ٿيون. ۽ هاڻي ته سنڌي اديبن جون رچنائون پڻ ڪافي مقدار ۾ بنگاليءَ ۾ ترجمو ٿي شايع ٿينديون رهيون آهن. ڪجهه وقت اَڳ ۾ ڪلڪتي جي بنگالي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيندڙ ”اَنواد پتريڪا“ ۾ سنڌي ڪهاڻيڪار ايشور ڀارتيءَ جي ڪهاڻي جيڪا مون (راڌاڪشن چانڊواڻيءَ) هنديءَ ۾ ”دشمن“ نالي سان ترجمو ڪئي هئي، سا اُن اخبار ۾ ”شترو“ نالي سان شايع ٿي هئي، ۽ شري لکمي کلاڻيءَ جي ڪهاڻي ”جشن“ نالي سان هنديءَ ۾ ترجمو ٿيل پڻ اُن اخبار ۾ شايع ٿي چڪي آهي.[/JUSTIFY] عوامي آوزا سنڊي ميگزين تان ورتل