• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چڱو جو اسان کي نه درزي مليو (حسن درس)

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
نظم
چڱو جو اسان کي نه درزي مليو
چڱو جو اسان کي نه درزي مليو
نه ڪو ماپ من جي نه ڪو ڪور ٿي
حياتي سندو هرک ڦاڙي هوا
قضا جي قتر ساڻ ڪوري ڇڏيو
هوا جي هٿن پاڻ ڀوري ڇڏيو
نه ڪو ڪاڄ ڪوئي نه ٻيڙو لڳو
سڳي کانسواءِ هي سوئي سوچ جي
انڌيري ۾ بکيا اجايا هڻي
پراڻا پيا ٿيندا وڃون پاڻ ۾
اڃان ٿا چئوته بدن ٽانڪبو
اسان کي سورن سڀي آرکيو
چڱو جو اسان کي نه ڌوٻي مليو
صدين جي سفر ۾ ٿا ڇڪبا رهون
وچو وچ واري ورائي وئي
ڪٿي گھاٽ اهڙو به نه ڪوئي گھڙيو
جتي اڄ اکين کي به اجرو ڪريون
رڳو راه ۾ آه آهي اُڀي
لکين لفظ آنڌيءَ جيان اڄ اُٿيا
وئي دز دل تي دکن جي ڄمي
جتي جر اندر جيءُ نه ٿو ڌوپجي
اُتي اڄ بنا آب جي دوستو
اسان کي ته آ ڌوڙ ڌوئي رکيو

314503_136767889750903_107804482647244_214544_604336_n.jpg
 
جواب: چڱو جو اسان کي نه درزي مليو (حسن درس)

عاشق ڀاء تمام بهترين ونڊ ڪئي اٿو۔
 
جواب: چڱو جو اسان کي نه درزي مليو (حسن درس)

نه ڪو ڪاڄ ڪوئي نه ٻيڙو لڳو
سڳي کانسواءِ هي سوئي سوچ جي

عاشق جي پسند لاجواب۔۔۔۔۔۔ گڏ بهترين ڊزائين به هوندي آهي پر هت شايد وسري وئي آهي

لاجواب
 
جواب: چڱو جو اسان کي نه درزي مليو (حسن درس)

سائين سٺي ونڊ آهي ۔

ادا رياض مھرباني۔


نه ڪو ڪاڄ ڪوئي نه ٻيڙو لڳو
سڳي کانسواءِ هي سوئي سوچ جي

عاشق جي پسند لاجواب۔۔۔۔۔۔ گڏ بهترين ڊزائين به هوندي آهي پر هت شايد وسري وئي آهي

لاجواب

ادا عرس پريا مھرباني۔۔۔۔۔۔سائين بس ھي شاعري ائين ئي سٺي ٿي لڳي ته ڊزائين ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت آھي۔
 
Back
Top