اسلام عليڪم ادا رمضان.
Orbit Downloader به سٺو آهي مون به ان کي استعمال ڪيو آهي پر اڄ ڪلھ آئون Internet Download Manager 6.06 استعمال ڪري رهيو آهيان. ان ۾ ڪافي شيون اهڙيون آهين جيڪي ٻين ڊائونلوڊر ۾ موجود نه آهي. هي تمام تيزي سان فائلن ۽ ويڊيو کي ڊائونلوڊ ڪندو آهي. هڪ ڳالھ جيڪا مون کي هن جي وڻي اها هي آهي ته يوٽيوب تي توهان جيڪا ويڊيو ڏسندا آهيو ۽ توهان کي اها وڻي ويندي آهي ۽ اها توهان ڊائونلوڊ ڪرڻ چاهيندا آهيو ته ٻيا ڊائونلوڊر ان ويڊيو کي شروع کان ڊائونلوڊ ڪندا آهن پر انٽرنيٽ ڊائونلوڊ مينجير 6.06 ان کي اتان کان ڊائونلوڊ ڪندو تيستائين توهان ويڊيو ڏٺي آهي يا بفرنگ ڪمپليٽ ٿيل آهي.