عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
اڄ ننڊن مان بيدار ٿيو اي! ملن جا مزدور اٿو؛
اي هاريو! پنهنجا حق وٺڻ لئي ڀيڙا ٿي ڀرپور اٿو؛
اي جوان اٿو! ۽ ٻار اٿو! سڀ پوڙها پوڙها جھور اٿو؛
۽ ظلم کي اڄ زير ڪرڻ لئي کوڙ کڻي انبور اٿو؛
سرويچ سجاولي جي تمام سٺي شاعري جيڪا جاڳڻ ۽ بيدار ٿيڻ جو درس پئي ڏي ۽ عاشق سولنگيء جا هميشهه وانگر تمام سهڻا رنگ ڏئي پيش ڪرڻ ۔۔۔۔ ٻئي ڳالهيون وڻيون۔
سهڻي انقلابي شاعري ۔۔۔ سرويچ سجاولي جا سهڻا ٻول ۽ عاشق جا جذبا اڀاريندڙ رنگ ۔۔۔ ڪاش اسانجي قوم جا سڀ حصا پنهنجي پنهنجي حقن جي حاصلات لا متحد ٿي پون ته سڀ سڻايون ٿي پون ۔۔۔
ٿورا ناهن ٿورا