نثارابڙو
نائب منتظم
http://imageshack.us
نِنڊ
نند ڪُمار سَنمُکاڻي
اِنساني زندگيءَ جو ڪيترو حِصو نِنڊ جي ڀاڱـي ٿـو وَڃي، اِهو ويچارڻ سان ڏَنـديـن آڱريوُن اَچيو وَڃن. هِڪُ، اَڄڪَلھ جي زماني ۾ عُمر وَڃي رهي آهي ٿوري، مَسَ پنجاه يا سَٺِ وَرهيه ، اُن مان به جي اَٽڪل اَڌُ عُمر نِنڊ جي بِلي وَڃي ته باقي بَچيو ڇا؟
اِئين به ناهي ته نِنڊ ڪا نِهايت ناڪارا شيءِ آهي. چوَڻ ۾ اَچي ٿو ته گَهَري ۽ سُٺي نِنڊ اِنسان جي وَڏي ۾ وَڏي دؤلـت آهـي. اَهـڙي نِنڊ اِنسان کي جيئڻ واسطي نِت نَئين طاقت بَخشي ٿي ۽ روزمره جو ڪَم ڪار ڪندي جا ٿڪاوٽ مَن جو اُتساه کَسي طاقت نِپوُڙي ٿـي ڇڏي، اُها طاقت ۽ اُهو اُتساه اِها نِنڊ واپس وَرائي ٿي ڏِئي ۽ اِنسان نـئيـن سِر ڪَـم ڪار ۾ جُنبي وَڃي ٿو.
پَر ، اِها نِنڊ فقط تيستائين نَعمت وَردان ثابـت ٿئي ٿي، جيستائين هِڪ حَد ۾ آهي. جي اِن حَد کان گھَٽِ نِنڊ اَچي ته ويچارو اِنسان حيران ۽ پريـشان ٿيـو پوي. ۽ وَري جي حد کـان وَڌ نِنڊ ڪَجي يا اَچي ته اَهـڙي اِنسان جا ته ڄڻُ ٻئي جَهانَ چَٽُ.
ڪيترن روحـاني رَهـبرن اِنسان کي اِن نِنڊ مان ٿيـندڙ نُقصانن ڏانهُن اِشـارو ڪَـندي خبردار ڪَرڻ جي وَقـت وَقـت تي ڪوشش پئي ڪَئي آهي ته ـ “اَڙي اِنسان ! اُٿُ، جاڳُ. ايتري نِنڊ ڪَرڻ تُنهِنجي لاءِ ٺيِڪ نه آهي. ڪي سُمھ ، ڪي جاڳُ. هِتي ڪو توکي هَميشھ لاءِ رَهڻو ناهي. اِن نِنڊ نِدوريءَ جي نَشي مان سُجاڳُ ٿي پنهنجي اَصلوڪي وَطن وَڃڻ جوُن تياريوُن ڪَر ۽ پنهنجي مَنزل ـ مَقصوُد ڏانهُن وِکَ وَڌائِڻ جو هَردم اونو ڪندو رَھُ، جينئن اُن مالڪ مَهربانَ جي حُضوُر ۾، اُن ڌَڻيءَ جي درٻار ۾ شرمِندو نه ٿِيڻو پوَئي.”
شاه ڀِـٽائيءَ ته اِهـا ڳالھ عامَ اِنسانَن کي آکاڻـيُن رَستي سمجھائِـڻ جي به ڪوشش ڪَئي آهي. هُن صاحب پنهنجن بـيتـن ۾ ٻـِٽي ( هِڪ لَفظي يا ٻاهِري ۽ ٻي اَندروُني) معنى
واريـوُن ڳالهيوُن اَهڙي ته دِلـچَسپ نـوُع ۾ ٻُڌايـوُن ۽ سمجھايوُن آهِن جو هڪ معموُلي سَمجھ ڌارڻ واري اِنـسان کـان وَٺـي وَڏي ۾ وَڏو ودوان به مَنجھِن ساڳي ڪَشِش محسوُس ڪَري ٿو. ۽ هَرڪو پَنهنجي سَمجھَ مُطابق اِنهن بيتن جو مَطلب ڪَڍي مَنجھائُن فيض حاصل ڪَري ٿو ۽ خوشي ماڻي ٿو.
جِتي ساڌارڻ اِنسان اِنهن بيتَن ۾ موُمَل ـ راڻو ، سَسُئي ـ پُنهوُءَ ۽ سُهڻي ـ ميهارَ جي آکاڻيُن کي مِجازي عِشق جا داستانَ سَمجھي اُنهن کي اَهـڙي نَظر سان ڏِسـي ٿـو ، اُتـي ئـي عقُل وارا اِنسانَ اِنهن آکاڻِيُن ۾ ايـِشور سان اِنساني ميلاپَ جي واٽَ پَسن ٿا.
سَڀني صوُفي شاعِرن جو اِهو ئي سنديش آهي ته اِها نِنڊَ نِڀاڳي اِنسان کي ايِشور کان اَلڳ ڪَري ٿي. سَسُئي نِنڊَ ۾ غلطان هُئي جَڏهِن پُنهوُ هُن کان پَري ٿِيو. پوءِ جاڳي هَٿ هَڻڻ مان ڪيِ به هَڙَ حاصُل نه ٿِيُسِ. نِنڊَ نِدوريءَ جي نَشي کانئُس سندس کاوَند کَسي ورتو، جو مَرندي دَم تائين کيس واپس مِلي نه سَگھيو. اُن جي ڳولها ۾ ويلَ وَڃڻ کان پوءِ دَر دَر ڀِٽڪَڻُ به ڪَنهِن ڪَم نه آيُس...موُمَل جو بُرو حال پِڻ نِنڊَ جي ڪَري ئي ٿِيو. حقيـقت کان پَـري، ٻِئي جَهانَ ۾ هوُءَ سُمهَندي رَهـي ۽ راڻـو غلطفهميءَ جو شِڪار ٿـي کانـئُـس دوُر هَـليـو وِيـو. جاڳندي هُجي هان ته سندن وِچ ۾ نه غلطفهمي پيدا ٿئي هان ۽ نه وَري عُمر ڀر جو وِڇوڙو کين سَهَڻو پَوي هان.
هوڏانهن اُن اِنسان جي حالت جو وَرڻن به شاه صاحب پنهنجن بيتَن ۾ ڪَيو آهي، جو نِنڊوُن ڦِٽائي به پَنهنجي پـِرينءَ کي پائِـڻ واسطـي ڪوشِش ڪَندو رَهـي ٿو. اَهـڙي اِنسان کي دُنوي رُڪاوَٽوُن پـِرينءَ سان مِلڻَ کان روڪي نَٿيوُن سَگھن ۽ آخر ۾ اَهڙو اِنسان پنهنجي مالڪ مَهربان، پنهنجي پرماتما سان مِلي هِڪُ ٿي وَڃي ٿو. سُهڻيءَ جو آڌيءَ رات نِنڊَ ڦِٽائي ميهار سان مِلڻ وَڃڻ جو جَتن آخر سَڦلو ٿِـيو ۽ ٻيئي درياه جي سيـِرَ ۾ سَمائجي هِڪُ ٿي وَيا.
اِنسان جي هَٿن ۾ جو ٿورو وَقـتُ پنهنجو آئيـنده سينگارڻ لاءِ ميسر آهي، تَنهِن جو جيڪڏهِن سِياڻپَ سان اِستعمال نه ڪَري نِنڊ ۾ غلطان رهـبو ته پـوءِ کيس پَڇتاءَ کان سواءِ ڪُجھه به حاصل ٿِيڻو نه آهي.