نثارناز
سينيئر رڪن
ٻوڏ ستايل ماروئڙن جي نالي
پيارا سنڌ سلامت ، فيس بُڪ ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم ، نمستي ، جيئي سنڌ
دوستو هيلوڪو سانوڻ اسان سنڌ واسين خاص ڪري لاڙ پٽ جي علائقي وارن لاءِ بجاءِ رحمت بڻجڻ جي زحمت بڻجي آيو آهي، هر ڪنهن سنڌي جي چپن تي صرف اهو آهي ته ”بادل بس ڪر برسڻ کان ، گوڙُون نه ڪر تون گجگوڙ ...! هر ڪا دل آهي جهوپڙي...... سانوڻ جي منڌائتي موسم هيل ماروئڙن جي عيد کسي ڇڏي آهي ، سندن چپن جُون مُرڪون کسي ڇڏيون آهن، هو بي آس بي سهارا امداد ملڻ جي آس تي لٺون ۽ آنسو گيس جا شيل کائي رهيا آهن، انهي پس منظر ۾ عام سنڌي جيان ” سانئڻ گُلشن لغاري“ جي هينئين تي هي وائي ترِي آئي ۽ پاڻ پنهنجي قلم جي نوڪ تي هن صورت ۾ سانوڻي جي ميگهه ملهار سان ڳالهيون ڪري ويٺِي، الا جهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي واري لطيف سائين جي درد کي وڌائيندي اجهو هيئن چئي ويٺي ته :

وائي
گُلشن لغاري
سانوڻ سار لڌي
جهري پيو جهوپو
هاء پيٽ بکيو
ويئي چلهه وسامي
آهي درد دکيو
هاءِ پيٽ بکيو
ڳڻتين منجهه ڳري
هيءَ جو مڙس پريو
هاءِ پيٽ بکيو
ڪارڙو ۽ ڪوجهو
ٻاربه تپجي پيو
هاءِ پيٽ بکيو
ليڙون لوئيءَ سان
جيجل جيءُ جهريو
هاءِ پيٽ بکيو
هاءِ پيٽ بُکيو
هاءِ پيٽ بُکيو
(گُلشن لغاري)
گُلشن لغاري
سانوڻ سار لڌي
جهري پيو جهوپو
هاء پيٽ بکيو
ويئي چلهه وسامي
آهي درد دکيو
هاءِ پيٽ بکيو
ڳڻتين منجهه ڳري
هيءَ جو مڙس پريو
هاءِ پيٽ بکيو
ڪارڙو ۽ ڪوجهو
ٻاربه تپجي پيو
هاءِ پيٽ بکيو
ليڙون لوئيءَ سان
جيجل جيءُ جهريو
هاءِ پيٽ بکيو
هاءِ پيٽ بُکيو
هاءِ پيٽ بُکيو
(گُلشن لغاري)
سانئڻ گُلشن لغاري هي وائي ٻوڏ ستايل ماروئڙن جي نانءَ ڪئي آهي ، گُلشن لغاري صاحبه جو هي درد پوري سنڌ جو درد آهي ، سانئڻ گُلشن لغاري صاحبه بنيادي طور جنرلسٽ آهي، پاڻ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور روزانه شام اخبار حيدرآباد سنڌ ۾ پنهنجا فرائض سرانجام ڏيئي رهيون آهن ، سندن شام اخبار ۾ ايڊيٽوريل مضمون مون سميت پوري سنڌ پڙهندي آهي منهنجي سانئڻ گُلشن لغاري صاحبه سان ڳالهه ٻول گُذريل 30 جولائي 2011 تي سنڌ ميوزم جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم حيدرآباد ۾ مهان شاعر منشي ابراهيم جي ورسي واري موقعي تي ٿِي هُئي . پاڻ سنڌ جو درد پنهنجي سيني ۾ رکي ٿي، سندس ايڊيٽوريلن ۾ سدائين سنڌ جا ٻرندڙ مسئلا ۽ انهن جا حل عالم آشڪار هوندا آهن. محترما گُلشن لغاري صاحبه جي هن وائي جي غريباڻي چترڪاري توهان دوستن سان شيئر پيو ڪريان اميد ته هِي وائي توهان کي پسند ايندي
ويئي چُلهه وسامِي آهي درد دُکيو (وائي) گُلشن لغاري