سنگت کي سلام، توهان لا هڪ بهترين ۽ ڪم واري سافٽويئر کڻي آيو آهيان، هي انهن دوستن لا ڏاڍو ڪارآمد هوندي جيڪي روز روز ٻيهر ونڊوز انسٽال ڪندا آهن يا وري جنهن جو سي ڊي روم خراب ٿي ويو هجي (جيئن مون سان حالت ٿي هئي۔۔۔)۔ سافٽويئر کي ڊائونلوڊ ڪرڻ لا لنڪ هيٺ ڏنل آهي۔ بس توهان کي رڳو هڪ دفعو سي ڊي روم جي ضرورت پوندي (اگر توهان وٽ سي ڊي روم نه به آهي ته به جڳاڙ ٿي ويندي ان لا توهان کي ونڊوز ايڪس پي جو ۔آ ايس او فائيل ڊائونلوڊ ڪرڻو پوندو جيڪو تقريبا 700 ايم بي جو هوندو آهي، ان لا مان توهان کي سجيسٽ ڪندس ته ٽورينٽ جي ٿرو ڊائونلوڊ ڪريو ته بهتر ٿيندو، مان ڪوشش ڪندس ته ٽورينٽ فائيل سرچ ڪري هتي پيش ڪريان۔) بس توهان کي پنهنجي يو ايس بي کي فارميٽ ڪرڻو آهي۔ ياد رهي ته فارميٽ ڪرڻ لا سافٽويئر هن لنڪ ۾ موجو د آهي ان سان ئي توهان کي فارميٽ ڪرڻو آهي جهڙي طرح عام طور ٿيندو آهي ان ريت نه، ان کان پو توهان سافٽويئر کي رن ڪريو، اگر توهان وٽ سي ڊي روم آهي ته ان جي پاٿ ڏيو ۽ اگر توهان وٽ سي ڊي روم نه آهي ته پو ڊائونلونڊ ڪيل فائيل کي ڊيڪسٽاپ تي ايڪسٽريڪٽ ڪريو ون رار سان ۽ اها پاٿ ڏيو، ان کان پو بس گو کي ڪلڪ ڪريو ۽ ڪجه وقت انتظار ڪريو، توهان جي يو ايس بي هاڻي تيار ٿي چڪي آهي۔۔۔۔۔۔ هاڻي توهان يو ايس بي مان بوٽ ڪريو، ان کان پو پهرين اسڪرين تي هيئن لکيل هوندو Windows XP/2000/2003 Setup – First and Second parts توهان انٽر کي پريس ڪندا ته ڪجهه سيڪنڊن ۾ ٻئي اسڪرين ايندي جنهن ۾ هيئن لکيل هوندو First part of Windows XP Home Edition setup Second part of XP Home Edition setup+Start Windows for first time توهان کي پهرين پارٽ تي آڻي انٽر پريس ڪرڻو آهي، ان کانپو سيٽ اپ شروع ٿي ويندو، فارميٽ ۽ ونڊوز جا فائيل ڪاپي ٿيڻ کانپو توهان ڪمپيوٽر ري_اسٽارٽ ٿيندو، جنهن کان پو توهان کي وري يو ايس بي مان بوٽ ڪرڻو آهي، ۽ هاڻي ٻئي پارٽ تي آڻي انٽر پريس ڪندا، سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪرڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو۔ ونڊوز ايڪس پي جو ٽورينٽ فائيل ڊائونلوڊ ڪرڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو (جيڪو مان پاڻ ڊائونلوڊ ڪيو هيو)
جواب: ونڊوز ايڪس پي انسٽل ڪريو يو ايس بي مان، هاڻي سي ڊي روم جي ڪا ضرورت ڪونهي۔۔۔ تمام سٺي ٽپ شيئر ڪئي آهي مهرباني
ادنان ڀا، سافٽويئر ته دائون لوڊ نٿو ٿئي، مهرباني ڪري ڪو قرب جو ذرو ڪندا مون کي سافٽويئرکپي، اگر توهان ٻي ڪا لنڪ موڪليو ته وڏي مهرباني ٿيندي اوهان جي جواب جو منتظر آهيان۔