ڊاڪٽراحمدنوناري
سينيئر رڪن
دوستو منهنجو نالو جيئن ته مٿي لکي چُڪو آهيان ڊاڪٽر احمد نوناري آهي، هن دنيا جي چمن ۾ مون پنهنجا قدم 16 جون 1964 ع تي ڳوٺ ربڏنو نوناري ضلع ٽنڊو محمد خان ۾ رکيا، جيئن ته آئون ايم بي بي ايس ڊاڪٽر آهيان، منهنجي زندگي جو مقصد سنڌ ڌرتي جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي سنڌ مٿان ڇانيل ڪارن ڪڪرن کي سڀني سنڌي دوستن جي مدد سان ختم ڪرڻ آهي جيجل ڌرتي کي ظالمن ۽ غاصبن کان آجپو ڏيارڻو آهي، مونکي سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ جو ڏس پتو ٽنڊو محمد خان جي بهترين شاعر نثاراحمد ناز ڏنو، سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ لاءِ ايترو چوندس ته سنڌ سلامت اسان سڀني سنڌين کي دنيا جي ڪنهن به ڪُنڊ پاسي ۾ سنڌي رهندڙ هُجن انهن کي هڪ لڙي ۾ پوئي گُلن جي مالا وانگر هڪ ڪيو آهي جنهن مان اهو ثابت ٿئي پيو ته سنڌ سلامت جا سمورا ميمبر دوست سنڌي ٻولي، ۽ سنڌيت جو پرچار ڪرڻ ۾ سڀ کان پيش پيش آهن۔ ان کان علاوه مان پنهنجي باري ۾ اهو به خوشي سان ٻُڌايان ٿو ته منهنجو تعلق سنڌ ترقي پسند پارٽي سان آهي ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينٽرل ڪاميٽي جو ميمبر ۽ لاڙ ڊويزن جو ڪو آرڊينيٽر ۽ خدمت سنڌ فائونڊيشن جي ايگزيڪيٽو ڪاميٽي جو ميمبر پڻ آهيان ۔ آخر ۾ دوستن کي شاباسون جن سنڌ سلامت ساٿ سلامت جو هي محبتي اڱڻ اسان سڀني سنڌيل لاءِ مچايو آهي۔ انشاالله پنهنجون جيڪي به سنڌ لاءِ ڪيل خدمتون آهن وقتن بوقتن توهان سان شيئر ڪندو رهندس۔