حق موجود سدا موجود۔ جيءي سنده جيءي لطيف جيءي لطيف جي ٻولي۔ هيءً ويبساءيٽ بهترين ڪوشش آهي ۔ نيديرلينڊ ۡمان حنان ّشيخ
جواب: سلام نيدر ليڊ مان ڪهي آيل، سهڻي دوست حنان شيخ کي دل جي گهراين مان ڀليڪار ٿي چئجي، ڏيساور ۾ رهندڙ هن دوست جو سنڌ سلامت جي دوستن سان دوستي وڌائڻ ۽ سنڌ سلامت اوطاق تي قدم ڌرڻ، اسان لاءِ مان به آهي ته فخر به، سنڌ سلامت اوطاق کي اهو اعزاز اوهان جهڙن دوستن سبب مليل آهي جو اسين سيني تي هٿ هڻي چوندا آهيون ته سنڌ سلامت دنيا ۾ وسندڙ سڀني سنڌين جي اوطاق آهي ۔۔۔ سهڻا دوست حنان شيخ صاحب، اوهانجا لک ٿورا جو اوهان هن اوطاق تي پير ڀريا، اميد ته اوهان ڀيرو نه ڀڃندا ۽ پنهنجن خيالن کان دوستن کي آگاهه ڪندا رهندا، هن اوطاق جو مقصد آهي سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچار ڪرڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪرڻ، اميد ته اوهان به ان ڪار خئير ۾ اسانجو ساٿ نڀائيندا ۔۔۔ هونءَ ته اوهانجو تعرف ڪافي آهي پر پوءِ به اوهان پنهنجي پسند ناپسند، ڪرت ۽ ڪاروبار، نوڪري چاڪري يا وري تعليم ۽ اصل نسل (سنڌ جي ڪهڙي شهر يا علائقي سان تعلق آهي) بابت به دوستن کي ڪجهه ٻڌائيندا ته تعرف تفصيلي به ٿيندو ۽ دوستيءِ رکڻ ۾ آساني به ٿيندي ۔۔ اوهانکي هيءَ اوطاق يقينن پسند آئي هوندي ۽ جيڪڏهن ڪي صلاحون هجن ته بي ڌڙڪ چئي ڏيندا، ڇاڪاڻ ته هيءَ اوطاق سڀني سنڌين جي آهي ۔۔۔ سڄڻ آيا ڀلي آيا، سهڻن جو سلامي ٿيان ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سلام [JUSTIFY]ڀاء عبدالحنان شيخ صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون ۔۔ تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان پنهنجي سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۔ اوهان نيدرلينڊ کان سنڌ سلامت جا ميمبر ٿيا آهيو، اسان وٽ سنڌ سلامت تي ٻاهر رهندڙ گهڻا ئي دوست ميمبر آهن۔ اميد ته اوهان پنهنجو مڪمل تعارف سان گڏ سنڌ سلامت تي ڀيرو ڀڃندا رهندا[/JUSTIFY]