فيس بوڪ پنهنجي مقابلي ۾ ايندڙ سڀني سوشل نيٽ ورڪ سان مهاڏو اٽڪائيندو پنهنجي سروسز ۾ ڏينهون ڏينهن بهتري آڻي رهيو آهي۔۔ ۽ تازو ايندڙ هيڪنگ سافٽويئر ۽ اسڪرپٽس ڪري پنهنجي رڪنن جي مسلسل اڪائونٽ هيڪنگ جي رپورٽس کي نظر ۾ رکي ان کي روڪڻ لاءِ پڻ اپاءِ وٺي رهيو آهي۔۔ تازو فيس بوڪ کاتن تي اسپيمرس ۽ مالويئرز جي حملي کان پوءِ پنهنجي رڪنن کي آگاهي ڏيڻ لاءِ فيس بوڪ هڪ ڪتاب A Guide to Facebook Security نالي هڪ آفيشل ڪتاب متعارف ڪرايو آهي۔۔ جنهن ۾ 14 پنن تي مشتمل هيٺين معلومات کي وائکو ڪيو ويو آهي۔۔۔ فيس بوڪ کاتي کي محفوظ بنائڻ اسڪيمرس، اسپيمرس ۽ مالويئرس کي نظر اندز ڪرڻ ايڊوانس سيڪيورٽي جو استعمال هيڪڊ فيس بوڪ کاتي جي واپسي ڌوڪيبازي ۽ فراڊ کان روڪڻ هي ڪتاب هڪ ئي وقت انهن رڪنن لاءِ جيڪي فيس بوڪ تي نوان آهن ڪارآمد هجڻ سان گڏو گڏ انهن رڪنن لاءِ پاڻ ڪارائتو آهي جيڪي پنهنجي فيس بوڪ کاتي جو وڌيڪ خيال نه رکندا هجن۔۔۔ مان انهن سڀني دوستن کي هڪ دفعو ڪتاب پڙهڻ جي صلاح ضرور ڏيندس جن وٽ فيس بوڪ کاتو آهي ۔۔۔ هوئن به هي ڪتاب آساني سان 10 کان 15 منٽن ۾ پڙهي سگهجي ٿو۔۔۔ ڪتاب ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
جواب: جيڪڏهن توهان جو فيس بوڪ کاتو محفوظ نه آهي ته ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ها ٻيلي هي واهه جو ڪم ڪيو اٿئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ نه ته اسان جا ته ڪم ئي لهي وڃن هان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ فيسبوڪ مان به اڙجي ويا آهيون۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪي چون ٿا هي هاڻي مرض بنجي ويو آهي جنهن مان جان ڇڏائڻ ڪو سولو ناهي ، تنهنڪري سيڪيورٽي جا به خدشا رهن ٿا۔ ڪجهه ڏينهن اڳ سائين الطاف شيخ جو اڪائونٽ به هيڪ ٿيو هو۔
جواب: جيڪڏهن توهان جو فيس بوڪ کاتو محفوظ نه آهي ته ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا رشيد زبردست ونڊ ڪئي آهي فيسبوڪ ۾ پرابلم گهڻن ڏينهن کان هئي پر توهان اسان جو مسئلو ئي حل ڪري ڇڏيو۔
جواب: جيڪڏهن توهان جو فيس بوڪ کاتو محفوظ نه آهي ته ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لاجواب شيئرنگ آهي ادا توهان جي جاري رکجو فيس بوڪ بابت توهان ته اصل ڪمال ڪري ڇڏيو سدائين گڏ
جواب: جيڪڏهن توهان جو فيس بوڪ کاتو محفوظ نه آهي ته ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تمام زبردست ڪم ڪيو آهي فيس بڪ وارن۔۔۔ ڪجهه ڏينهن پهريان منهنجو اڪائونٽ هيڪ ٿيو،، جنهن کان پو ان جو پاسورڊ تبديل ڪيو ويو۔۔ فيسبڪ وارن ٻڌايو ته اهو اسلام آباد ۾ ايڪسز ڪيو ويو آهي۔۔۔ ان کانپو ضروري معلومات ڏين کانپو اڪائونٽ ٻيهر ايڪٽو ڪيو ويو۔۔