سنڌ جي راڄڌانيءَ ۾ تعليم ۽ نوڪرين کان محروم سنڌي نوجوان

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏24 آگسٽ 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سنڌ جي راڄڌانيءَ ۾ تعليم ۽ نوڪرين کان محروم سنڌي نوجوان
    حميرا علواڻي

    [JUSTIFY]ڪراچي دنيا جو ڏهون وڏو شهر ۽ پاڪستان جو سڀني کان وڏو شهر آهي. سنڌ جي گاديءَ واري هن شهر جي آبادي هاڻ پوڻا 2 ڪروڙ ٿي وئي آهي. هي شهر پنهنجي تجارتي، معاشي ۽ بندرگاهن کان علاوه ملڪ جي بهترين اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي حوالي سان پڻ مشهور آهي. ڪراچي ۾ 18000 وڏيون ننڍيون انڊسٽريز ۽ فيڪٽريون موجود آهن، جتي لڳ ڀڳ 50 لک ماڻهو ڪم ڪن ٿا. وڏيون وڏيون پرائيويٽ بينڪون، سرڪاري بينڪن جون سموري ملڪن جون هيڊ آفيسون، فائيو اسٽار هوٽلون، بهترين پرائيويٽ تعليمي ادارا، وڏيون وڏيون پرائيويٽ اسپتالون، ملٽي نيشنل ڪمپنين جون هيڊ آفيسون، دوائون ٺاهڻ واريون ملڪي ۽ گهڻ ملڪي ڪمپنيون، شپنگ ڪمپنين جون آفيسون، امپورٽ ايڪسپورٽ ڪمپنيون، ٽرانسپورٽ ڪارگو ڪمپنيون، ٽريول ايجنسيون، انشورنس ڪمپنيون، پرائيويٽ تيل ۽ گئس ڳولا ڪندڙ ڪمپنيون، ميڊيا ۽ ايڊورٽائيزمينٽ ڪمپنيون- پر انهن ۾ سنڌي نوجوان ڳولهي به نه ملندا. ڪراچي شهري حڪومت هيٺ ڪم ڪندڙ تعليمي امتحاني ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ بورڊ، ڪراچي واٽر بورڊ، ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي سميت ڪراچي پورٽ ٽرسٽ تائين ڪنهن بورڊ، اٿارٽي يا ٽرسٽ وغيره ۾ به ساڳي حالت آهي. ڇا انهن تمام سرڪاري ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ روزگار حاصل ڪرڻ سنڌي نوجوانن جو حق نه آهي؟ اڄ سنڌ جو نوجوان نه رڳو احساس ڪمتري ۽ پريشانيءَ جو شڪار آهي، پر ان کي پنهنجي ضلعن ۾ سٺي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ بهترين تعليمي ادارا ميسر ڪو نه آهن ۽ انهن پوئتي پيل ضلعن جو نوجوان تمام گهڻو هوشيار ۽ قابل هجڻ جي باوجود ڪراچي، جيڪو هن جو پنهنجو شهر آهي، اتي تعليم حاصل نه پيو ڪري سگهي! عملي طور تي ڪراچي جي تمام اعليٰ پروفيشنل تعليمي ادارن ۾ سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي 22 ضلعن جي سنڌي نوجوانن لاءِ داخلائن تي بندش لڳل آهي ۽ اهو سلسلو 1999ع کان مسلسل جاري آهي! ڇا سٺي تعليم ۽ سٺي نوڪريءَ تي انهن ضلعن جي شاگردن ۽ نوجوانن جو حق نه آهي؟

    تازو ڪراچي يونيورسٽي پاران 12-2011ع لاءِ نئين داخلا پاليسي جو اعلان ڪيو ويو، جنهن تحت سنڌي شاگردن لاءِ ڪيٽيگري سسٽم لاڳو ڪري “S” يعني سنڌ ڪيٽيگري ڄاڻائي ڪُل 6000 سيٽن مان 30 سيٽون سنڌ جي ڊوميسائيل رکندڙ نوجوانن لاءِ مختص ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ڪراچي “K” ڪيٽيگري (يعني جنهن جي تعليم ۽ ڊوميسائيل ڪراچي جو هجي) ۾ ڄاڻائي اتان جي شاگردن لاءِ 5800 سيٽون رکيون ويون آهن، جڏهن ته اترين علائقن لاءِ 30 سيٽون رکيون ويون آهن. اهڙي نموني ٻين صوبن پنجاب، پختونخوا، بلوچستان، آزاد ڪشمير لاءِ پڻ 30-30 سيٽون رکيون ويون آهن. هاڻ سوال اهو آهي ته ڇا ڪراچي سنڌ کان ڌار آهي؟ سنڌ بلڪه سڄي پاڪستان جي ٻئي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ اهڙي ڪيٽيگريز تي ٻڌل ڪا به پاليسي ڪا نه آهي، پوءِ رڳو ڪراچي جي يونيورسٽين ۾ ڇو؟ اها پڻ انتظامي طور تي ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي رٿابندي ته ڪا نه آهي؟ ملڪ جي آئين تحت جڏهن ڪنهن شهريءَ جي نقل مڪاني ۽ روزگار ڪرڻ تي پابندي نه آهي ته پوءِ تعليم تي پابندي ڇو؟ ۽ اها به صرف سنڌين لاءِ! ڪراچي جي NED انجنيئرنگ يونيورسٽي، ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي، سنڌ ميڊيڪل ڪاليج سميت ٻين سرڪاري ۽ پرائيويٽ يونيورسٽين ۾ ڪراچيءَ کان علاوه ٻئي ڪنهن ضلعي لاءِ هڪ به سيٽ مختص ڪا نه ٿيل آهي ۽ سموريون يونيورسٽيون ”سيٽون رڳو ميرٽ تي ڏنيون وينديون آهن“ وارو اشتهار اخبارن ۾ ڏين ٿيون ۽ ”ميرٽ“ رڳو ”ڪراچي جو ڊوميسائيل“ آهي!!

    ضرورت ته ان ڳالهه جي آهي ته ڪراچي جي سمورين يونيورسٽين ۽ ڪاليجن سميت تمام سرڪاري ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ ڪراچيءَ کان سواءِ سنڌ جي ٻين ضلعن جي نوجوانن لاءِ 30 کان 40 سيڪڙو ڪوٽا رکي وڃي ته جيئن اڳتي هلي هميشه لاءِ سنڌ جي ٻهراڙي سان تعلق رکندڙ نوجوانن لاءِ تعليم ۽ روزگار جا رستا کلي سگهن. ان ڳالهه جي پڻ هاڻ اشد ضرورت آهي ته ڪراچي جي تمام نجي ادارن ۾ فقط ڪراچي جو ڊوميسائيل رکندڙن کي ئي روزگار ڏيڻ واري 2005ع واري سنڌ اسيمبلي مان پاس ٿيندڙ قرارداد کي رد ڪري ڪراچي جي تمام پرائيويٽ سيڪٽر جي ادارن، فيڪٽرين ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين، بينڪن وغيره ۾ سنڌ جي ٻهراڙي جي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي روزگار جو حق ڏيارڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 30 کان 40 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي اندر توڙي ٻاهر آواز اٿاريو وڃي ۽ 2004ع واري “Karachi domicile based jobs” واري قرارداد کي رد ڪري فوري طور “Sindh domicile based jobs” واري قرارد پاس ڪرائي وڃي ته جيئن ٻهراڙي جي 65 سيڪڙو نوجوانن لاءِ تعليم ۽ روزگار جا دروازا کلي سگهن!

    هن وقت ڪراچي جي بن قاسم ٽائون، ملير ٽائون، ابراهيم حيدري، گڏاپ ٽائون، ڪياماڙي ٽائون، گلستان جوهر ٽائون، لياري ٽائون، گلشن حديد ٽائون، اسٽيل ٽائون، هاڪس بي، ماڙيپور کان وٺي لسٻيلا تائين ڪيترن ئي ڪراچي جي علائقن ۾ سنڌي ماڻهو اڪثريت ۾ موجود آهن. انهن ٽائونن ۾ پ پ جا ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز پڻ سنڌي آهن، ڇا سڀاڻي سنڌي (1998ع جي مردم شماري موجب 28 لک سنڌي ڪراچي ۾ آباد آهن) پنهنجي اڪثريت وارن علائقن جي سيٽن تان هٿ کڻن؟ حالت اها آهي ته جڏهن ڪو سنڌي پنهنجو ڪراچي جو ڊوميسائيل کڻي ڪراچي جي يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ اپلاءِ ڪري ٿو ته پوءِ سندس والد جو ڊوميسائيل گهرائي اها پڪ ڪئي ٿي وڃي ته اهو ڪراچي جو آهي يا نه! هن وقت جڏهن اليڪشن ويجهي آهي ۽ سنڌين کي پيپلز پارٽي مان تمام گهڻيون اميدون آهن ته پوءِ ان ڳالهه جي پڻ اشد ضرورت آهي ته ڪراچي جي سمورين يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ ميڊيڪل يونيورسٽين مان اها “S”, “K” ۽ “P” واري درجه بندي، جنهن تحت “K” ڪراچي ڊوميسائيل جي “B” گريڊ حاصل ڪندڙ نوجوان کي ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ داخلا ملي سگهي ٿي، پر “S” سنڌ ٻهراڙي جي A-1 گريڊ حاصل ڪندڙ کي نٿي ملي سگهي، ڇا پنجاب يونيورسٽي ۾ اهڙو ڪو “L” يا “P” پنجاب وارو مٿڀيد تصور ڪري سگهجي ٿو؟ هرگز نه!

    ڪراچيءَ ۾ سنڌين لاءِ لڳل اهڙي غير قانوني ۽ غير آئيني بندش ختم ڪرائي ڪراچي کان سواءِ ٻين ضلعن لاءِ هر ڪنهن ڊپارٽمينٽ ۽ فيڪلٽي ۾ 30 سيڪڙي کان 40 سيڪڙو ڪوٽا ٻهراڙي تحت ٻين ضلعن جي رکي وڃي ته جيئن اڳتي هلي هميشه لاءِ سنڌ جي ٻهراڙي سان تعلق رکندڙ نوجوانن لاءِ ڪراچي ۾ پڻ روزگار جا دروازا کلي سگهن. اهڙي نموني ڪراچي ۾ موجود سائيٽ ايريا، ڪورنگي انڊسٽريل ايريا، نيو ڪراچي، نارٿ ناظم آباد، فيڊرل بي ايريا، شير شاهه، ڪياماڙي، لانڍي، بن قاسم ايريا ۾ 18000 ننڍين وڏين تمام انڊسٽرين ۾، تمام نيشنل، ملٽي نيشنل ادارن ۾، جيڪي به ڪراچي ۾ موجود آهن، سنڌي ڳالهائيندڙ نوجوانن لاءِ 30 کان 40 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪئي وڃي. هجڻ ته ائين پڻ گهرجي ته تمام پوئتي پيل علائقن، ضلعن جي نوجوانن لاءِ نه رڳو سيٽون مختص ڪيون وڃن، پر انهن لاءِ خصوصي اسڪالرشپس پڻ هُجن ته جيئن اڳي هلي، انهن نوجوانن کي پنهنجي ضلعن ۾ نوڪرين ۾ مقرر ڪري سگهجي. حڪومت کي پنهنجي داخلا پاليسي تي نظرثاني ڪرڻي پوندي. اسان کي پنهنجي ايندڙ نسلن جي بهترين تعليم لاءِ بهترين يونيورسٽين جا ڪئمپس کولي ڏيڻا پوندا ۽ گڏوگڏ ٽيڪنيڪل ادارا پڻ ٿرپارڪر، جوهي، لاڙ جهڙن علائقن ۾ کولي ڏيڻا پوندا.

    شهيد محترمه بينظير ڀٽو اليڪشني منشور 2008ع ۾ تعليم، روزگار کي اوليت تي رکي پهريون حق مقامي ماڻهن جو مڃيو هو. اچو ته شهيد محترمه جي منشور، خواب ۽ مشن موجب سنڌ جي نوجوانن کي تعليمي ادارن ۾ پڙهڻ جي اجازت ڏياري خوشحال سنڌ ۽ پڙهيل لکيل سنڌ جو خواب پورو ڪريون!

    alwani@cyber.net.pk
    The Kawish Group of Publication
    [/JUSTIFY]
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ جي راڄڌانيءَ ۾ تعليم ۽ نوڪرين کان محروم سنڌي نوجوان

    علواڻي صاحب جون تمام ڳالهيون سچيون ۽ سون جهڙيون آهن ائين هرگز نه هجڻ گهرجي اسان هن پليٽ فارم تان

    سنڌ حڪومت گورنمينٽ آف پاڪستان صدر آصف علي زرداري کي اپيل ٿا ڪريون ته اها درجا بندي ختم ڪئي وڃي ته جيئن تمام ضلعن جا شاگرد ڪراچي ۾ تعليم ۽ روزگار حاصل ڪري سگهن ۔


    ڪراچي وارن جي اها پاليسي بلڪل غلط آهي ڪي ۽ ايس وارو آپشن ختم ڪيو وڃي


    ڪراچي جي سنڌي وزيرن کي پر زور اپيل ٿئي ڪجي ته اهو سنڌ اسيمبلي مان اهڙو قانون جلد کان جلد پاس ڪرائن ته جيئين ٻين ضلعن جي نوجوانن جي وڌندڙ بي چيني ختم ٿئي وڃي


    سدائين گڌ
     
  3. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: سنڌ جي راڄڌانيءَ ۾ تعليم ۽ نوڪرين کان محروم سنڌي نوجوان

    ڪراچي وارن جي اها پاليسي بلڪل غلط آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو