پيار جي حقيقت انگريزي ليک جو ترجمو؛ نثار ابڙو ننڊ ڪرڻ وقت، روئڻ وقت ، سوچڻ وقت يا چمي وٺڻ وقت اسين پنهجون اکيون ڇو بند ڪري ڇڏيندا آهيون؟ ڇاڪاڻ ته دنيا جون سڀ سهڻيون شيون اڻ ڏٺيون هونديون آهن ۽ اڻ ڏٺي ئي سٺيون لڳنديون آهن ... اسين سڀ ڪجه خاص هوندا آهيون، زندگي به ڪجه خاص هوندي آهي ۽ جڏهن ڪنهن ۾ اها خاصيت اسانجي خاصيت سان مليل کائيندڙ هوندي آهي ته اسين ان جي ويجها ٿيندا آهيون ۽ آخر ۾ ان هڪ جهڙي خاصيتن سبب ويجهڙائيءَ کي پيار چوندا آهيون ... اسين ڪجه شين کي هٿان وڃڻ نه ڏيندا آهيون، ۽ ڪجه ماڻهن کي به انتها جو اهم سمجهندي کين چمبڙي پوندا آهيون ... پر هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ڪنهنجي وڃڻ سان دنيا ختم ناهي ٿيندي يا اها دنيا جي آخرت ناهي هوندي، پر حقيقت هيءَ آهي ته؛ اها نئين زندگيءَ جي شروعات هوندي آهي ... خوشين جو نرم ويهاڻو انهن لئه هوندو آهي جي ڏکايل هوندا آهن، جي روئيندا آهن ۽ جن خوشين کي ڳولهيو هوندو آهي يا جن ڪوشش ڪئي هوندي آهي ... اهي ماڻهون ئي ان ماڻهونءَ جي اهميت سمجهندا آهن جن ماڻهن سندن جي زندگيءَ جي تارن تي ست سريلا راڳ ڳايا هوندا آهن ... پيار جي عظمت ئي ان ۾ آهي ته اڳلو اوهانکي ڏک ڏئي روئاريندو هجي پوءِ به اوهين کيس پيار ڪندا رهو ... هو اوهانکان لنوائيندو هجي پر پوءِ به اوهين سندس انتظار ڪندا هجو، هو ٻين سان پيار ڪندو هجي پر پوءِ به اوهين مٿس مسڪراهٽون نڇاور ڪندا هجو ۽ سندس لئه احترام جو جذبو رکندا هجو ... ۽ جي اهو پيار اوهانکي مورڳو نه به ملي ته اوهانجي دل کليل ۽ آزاد هجي ۽ اوهانجي پيار جي جذبي وارو پکيئڙو پر کولي وري اڏامي سگهي ... ياد رکو! ممڪن اوهين پيار حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو يا ناڪامياب، پر اوهانجي پيار جي ناڪاميابي اوهانجي حياتيءَ جي ناڪاميابي نه هجي ... سگهارا ماڻهون اهي ناهن جي هميشه بيهڻ جي سگهه رکنٿا پر سگهارا اهي آهن جي ڪري پوڻ کانپوءِ به اٿي بيهڻ جي سگهه رکنٿا ... زندگيءَ جي هل هلان ۾ اوهان پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ شروع ڪندا آهيو جت هرگز به پڇتاءَ جو ڪارڻ اوهانکي ٿڪائي نه وجهي انڪري صرف ساراه جوڳن عملن جي سهاري هلندو ئي رهڻو هوندو آهي ... سچو دوست اها ڳالهه سمجهي ويندو آهي جڏهن اوهان چوندا آهيو ته ” وسري يو“ هميشه انتظار ڪندو رهندو آهي جڏهن اوهان چوندا آهيو ” هڪڙو منٽ “ بيهي رهندو آهي جڏهن اوهان چوندا آهيو ته ” مونکي اڪيلو ڇڏي ڏي “ دروازو کولي بيهندو آهي جڏهن اڃان اوهان دروازو کڙڪائي ايئن چئو ” اندر اچجي“ پيار اهو ناهي ته اوهان وساري ڇڏيو پر اهو آهي ته اوهان معاف ڪري ڇڏيو اهو ناهي ته اوهان ڇا ٻڌو پر اهو آهي ته اوهان ڪيئن سمجهيو اهو ناهي ته اوهان ڪيئن ڏٺو پر اهو آهي ته اوهان ڪيئن محسوس ڪيو اهو ناهي ته اوهان ڪيئن وڃڻ ڏنو پر اهو آهي ته اوهان ڪيئن سنڀاليو آهي وڏي آواز ۾ روئڻ کان اندر ئي اندر ۾ روئڻ سخت هاڃيڪار آهي، ظاهري ڳوڙها ته اگهي ختم ڪري سگهجنٿا پر اندر ئي اندر وهايل ڳوڙها اڻمٽجندڙ زخم ڪري ويندا آهن ... پيار ۾ فتح ڪا ورلي ٿيندي آهي، پر جي پيار سچو آهي ته ڇونه هارائي به وڃجي ته به ماڻهون کٽڻهار ئي هجي ٿو ڇاڪاڻ ته اها خلش ته هن ڪنهن کي پيار ڪيو آهي ... اها ميراث هوندي آهي ... ڪو اهڙو وقت به ايندو آهي جو اسين پنهنجي پيار کي وڃڻ ڏيندا آهيون، انڪري نه ته هن اسانکي پيار ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي پر انڪري ته اسانجو محبوب وڌيڪ خوش ۽ آرام سان هوندو جي کيس ڇڏي ڏنو وڃي ... چڱو آهي ته انتظار ڪجي ان لئه جنهنکي چاهجي بجاءِ جو ڪنهن هنڌ معاملا فهمي ڪري ڇڏجي ... اوهانجي چوڌاري ڪوئي موجود آهي پر اوهانکي انجو انتظار ڪرڻو آهي جنهنکي اوهين پيار ڪيو ... پيار جو انتظار ڪريو نه ڪي ماڻهونءَ جو ... ڇاڪاڻ زندگي تمام مختصر آهي انکي ڪنهن اهڙي لئه وقف ڪري ختم نه ڪجي جو اوهانجو آهي ئي نه ... ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته جنهنکي اوهان سڀ کان گهڻو پيار ڪندا آهيو اهو ئي اوهان کي سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندو آهي ... ۽ ڪڏهن اهو غير اهم دوست جو اوهانکي پنهنجين ٻاهن ۾ جهلي وٺندو آهي 7۽ اوهانجي روئڻ تي روئيندو آهي ۽ انجي دوستي هڪ اهڙي پيار ۾ تبديل ٿي ويندي آهي جو اوهان ڪڏهن تصور به نه ڪيو هوندو آهي ... پنهنجي دل جي کلڻ سان کلو... دل جي کِلَڻَ سان ئي زندگيءَ جو سفر طع ٿيندو آهي
wslam shabashshabashshabashshabash lajwab-sharinglajwab-sharinglajwab-sharing shal judy hujeen sindhsalamatsaathsal
جواب: پيار جي حقيقت کــوڙي کـــڻ مَ سپــــرين، کنيئـــي تان کوڙ، عادت جــا اکيــن جي، ســـا نيئي نڀائج توڙ، مون ۾ عيبن ڪوڙ، تون پان سڃاڻج سپرين۔ بروو سنڌي۔ شاه لطيف