• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جيڪڏهن توهان جي ڊرائيو ڊبل ڪلڪ سان نه کلندي هجي۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Doctor
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Doctor

سينيئر رڪن
اسلام عليڪم،
دوستو اڪثر ائين ٿيندو آهي جو ڪمپيوٽر ۾ وائرس اچڻ جي ڪري اسان جڏهن ڪنهن به ڊرائيو کي ڊبل ڪلڪ ڪندا آهيون ته اها ڊرائيو کلندي نه آهي ۽ ڊرائيو تي ڊبل ڪلڪ ڪرڻ سان open with جو آپشن اچي ويندو آهي. ۽ پوءِ مجبورن توهان کي internet explorer سليڪٽ ڪري اها ڊرائيو کولڻي پوندي آهي. ۽ جيڪڏهن توهان مان به ڪنهن دوست سان اهو مسئلو پيش اچي ته پوءِ توهان هن ٽپ کي آزمائي ڏسو.
1، click start
click Run ,2
3، رَن ۾ لکو cmd
4 , هاڻي ڪمانڊ پرامپٽ ۾ \cd لکي انٽر ڪيو.
5, هاڻي لکو attrib -a -h -s autorun.inf پوءِ اينٽر ڪيو.
6, پوءِ del autorun.inf لکو ۽ اينٽر ڪيو.
هاڻي سائين توهان جي C drive ڊبل ڪلڪ سان کلندي.
جيڪڏهن باقي ڊرائيو لاءِ به اهو مسئلو ايندو هجي ته Dos ۾ :D لکي پوءِ اينٽر ڪيو.۽ پوءِ اسٽيپ نمبر 5 ۽ 6 کي Repeat ڪيو.۽ باقي ڊرائيوس لاءِ به ائين ئي ڪيو.اميد آهي ته توهان جو مسئلو حل ٿي ويندو.
 
جواب: جيڪڏهن توهان جي ڊرائيو ڊبل ڪلڪ سان نه کلندي هجي۔

مهرباني سائين

بهترين شيئرنگ آهي۔ اڃان اسان سان اهڙو ڪو مسئلو پيش ناهي آيو۔
جيڪڏهن اهڙي صورتحال ٿي ته يقينن اوهان جي هي ٽپ ڪارآمد ثابت ٿيندي۔
 
جواب: جيڪڏهن توهان جي ڊرائيو ڊبل ڪلڪ سان نه کلندي هجي۔

سڀني دوستن جي وڏي مهرباني جن کي منهنجي شيئرنگ پسند آئي۔
 
جواب: جيڪڏهن توهان جي ڊرائيو ڊبل ڪلڪ سان نه کلندي هجي۔

سائين ڊاڪٽر صاحب لاجواب ٽپ آهي پر ڪافي اڳ ۾ اها شيئر ٿيل آهي وري هڪ دفعو ٻيهر ان ٽپ کي يادگيريو ڏيارڻ لا۽ اوهان جي مهرباني

سدائين گڏ
 
جواب: جيڪڏهن توهان جي ڊرائيو ڊبل ڪلڪ سان نه کلندي هجي۔

فقير سائين اوهان جي مهرباني
 
Back
Top