• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ اهڙو فولڊر جنهن کي ڪير به ڳولهي نه سگهي

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Doctor
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Doctor

سينيئر رڪن
اسلام عليڪم دوستو،
سنڌ سلامت جي دوستن جي لاءِ هڪ اهڙي ٽپ کڻي آيو آهيان جيڪا مونکي اميد آهي ته سڀني دوستن کي پسند ايندي .دوستو اها ٽپ آهي Dos جي ذريعي توهان پنهنجي ڪنهن به فولڊر کي غائب ڪري سگهو ٿا.فولڊر کي غائب ڪرڻ کانپوءِ ڪير به ان کي ڳولي نٿو سگهي.
ته دوستو ٽپ ائين آهي جو توهان سڀ کان پهريان Start program پوءِ Run ۾ اچي ان ۾ لکو cmd هاڻي توهان اِن لوڪيشن تي اچو جتي توهان جو اهو فولڊر پيو آهي جنهن کي توهان غائب ڪرڻ چاهيو ٿا.مثال طور جيئن منهنجو هڪ فولڊر d:\Doctor ڊاڪٽر جي نالي سان ڊي ڊرائيو ۾ پيو آهي. هاڻي مان ان فولڊر کي غائب ڪرڻ چاهيان ٿو.ته مان هن طرح سان لکندس.
d:\attrib doctor +a +s +h اها ڪمانڊ لکي اينٽر ڪرڻو آهي. توهان ڏسندو ته توهان جو فولڊر غائب ٿي ويندو.
هاڻ جيڪڏهن توهان کي وري اهو ساڳيو فولڊر کولڻو آهي ته هيئن ڪمانڊ لکندو
d:\attrib doctor -a -s -h اها ڪمانڊ لکي اينٽر ڪرڻو آهي. ان کان پوءِ توهان جو غائب ٿيل فولڊر ظاهر ٿي ويندو. دوستو فولڊر کي غائب ڪرڻ وقت يان ظاهر ڪرڻ وقت فولڊر جي نالي کان پوءِ a+ s+ +h ان سڀني ۾ اسپيس ڏيڻو آهي. اميد آهي توهان سڀني دوستن کي منهنجي اها ٽپ ضرور پسند ايندي.


2vtxyt0.jpg


23jlgex.jpg


nwda2b.jpg
 
جواب: هڪ اهڙو فولڊر جنهن کي ڪير به ڳولهي نه سگهي

واهه واهه ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تمام بهترين شيئرنگ آهي

مطلب ته هن ٽپ ذريعي اهم فولڊرس لڪائي سگهجن ٿا۔
 
جواب: هڪ اهڙو فولڊر جنهن کي ڪير به ڳولهي نه سگهي

سڀني دوستن جي وڏي مهرباني جن کي منهنجي شيئرنگ پسند آئي۔
 
جواب: هڪ اهڙو فولڊر جنهن کي ڪير به ڳولهي نه سگهي

سائين ڊاڪٽر صاحب تمام بهترين لاجواب ٽپ آهي

جاري رکجو


سدائين گڏ
 
جواب: هڪ اهڙو فولڊر جنهن کي ڪير به ڳولهي نه سگهي

فقير سائين توهان جي مهرباني جو منهنجي شيئرنگ کي پسند ڪيو۔
 
ڊاڪٽر صاحب تمام بھترين ٽپ آ توھان واري ٽپ کان پو مون وائيز فولڊر ھائيڊر سوفٽويئر ئي رموو ڪري ڇڏيو زبردست مھرباني
 
سائين شيئرنگ ته بهترين آهي، پر ويسر جي بيماري به ڏاڍي آهي۔ ائين نه ٿئي جو قيمتي فولڊر هجي ۽ اهو گم ٿي وڃي ته ان کي کولڻ واري ڪمانڊ وسري وڃي ته ڇا ٿيندو؟؟ ان ڪري ابا اسان پنهنجي ڪمپيوٽر کي پاسورڊ لڳائي ڇڏيندا آهيون پاڻ ئي کوليون ٿا پاڻ ئي بند ڪيون۔۔
 
Back
Top