• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وڊيو گاني کي آڊيو ۾ ڪنورٽ ڪيو بغير ڪنهن سافٽويئر جي۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Doctor
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Doctor

سينيئر رڪن
اسلام عليڪم،
گهڻن دوستن سان اهو مسئلو هوندو جو انهن کي کوڙ سارا گانا پسند هوندا آهن پر توهان کي ته خبر آهي ته ميڊيا تمام گهڻو ايڊوانس ٿي وئي آهي ان لاءِ اهي دوست اهڙا گانا جيڪي انهن کي پسند هوندا آهن اهي گانا هو پنهنجي فيملي سان گڏ ويهي نٿا ڏسي سگهن .ته انهيءَ ڳالھ کي مد نظررکندي مان ان جو توڙ کڻي آيو آهيان.يعني توهان پنهنجي پسند جا گانا ويڊيو مان آڊيو ٺاهي ٻڌي سگهو ٿا.ان ڪم لاءِ توهان کي ڪنهن به سافٽويئر جي ضرورت نه آهي اهو ڪم ونڊو ايڪس پي جي بلٽ ان پروگرام ونڊو مووي ميڪر ۾ ٿي ويندو.ان جي ذريعي توهان بنا ڪوالٽي خراب ڪِئي ڪنهن به ويڊيو گاني کي آڊيو ۾ ڪنورٽ ڪري سگهو ٿا. پوءِ اچو ته شروع ڪيون.
١، سڀ کان پهرينProgramsپوءِStart ۽ پوءِ Windows Movie Maker کي سيليڪٽ ڪيو.ڏسو تصوير نمبر ١
٢، هاڻي تصوير ٢ جهڙي سچوئيشن توهان جي سامهون هوندي.
٣، هاڻي توهان پنهنجي پسند جي گاني کي هلايو.۽ گڏ Start Narration کي سيليڪٽ ڪيو.ڏسو تصوير نمبر ٣
٤، جڏهن گانو ختم ٿي وڃي ته فورن ئي Stop Narration کي ڪلڪ ڪيو.ڏسو تصوير نمبر ٤
٥، Stop Narration ڪنديئ توهان وٽ Save جو آپشن اچي ويندو.هاڻي توهان ان کي پنهنجي پسند جي جاءِ تي Save ڪرڻو آهي.
هڪڙي ڳالھ توهان کي ٻڌائيندو هلان ته ريڪارڊنگ جي دوران گاني کي Forword يان Reverse ناهي ڪرڻو.



28gw6kx.jpg


nowv3b.jpg


hv0zk7.jpg


f9i8h2.jpg
 
جواب: وڊيو گاني کي آڊيو ۾ ڪنورٽ ڪيو بغير ڪنهن سافٽويئر جي۔

مهرباني سائين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اوهان بلڪل آسان حل ٻڌايو آهي۔
 
جواب: وڊيو گاني کي آڊيو ۾ ڪنورٽ ڪيو بغير ڪنهن سافٽويئر جي۔

واه سائين واه۔ :smile:
 
جواب: وڊيو گاني کي آڊيو ۾ ڪنورٽ ڪيو بغير ڪنهن سافٽويئر جي۔

تمام سٺي ڄاڻ ڏني آهي مهرباني
 
جواب: وڊيو گاني کي آڊيو ۾ ڪنورٽ ڪيو بغير ڪنهن سافٽويئر جي۔

سڀني دوستن جي وڏي مهرباني جن کي منهنجي شيئرنگ پسند آئي۔
 
جواب: وڊيو گاني کي آڊيو ۾ ڪنورٽ ڪيو بغير ڪنهن سافٽويئر جي۔

ڊاڪٽر صاحب توهان ته اصل ڪمال ڪري ڇڏيو اهڙو بهترين ۽ آسان حل

بهترين


جاري رکجو


سدائين گڏ
 
جواب: وڊيو گاني کي آڊيو ۾ ڪنورٽ ڪيو بغير ڪنهن سافٽويئر جي۔

وڊيو مووي ميڪر واقعي هڪ بهترين سافٽويئر آهي۔ هن ۾ ڪنهن وڊيو جو بيڪگرائونڊ تبديل ڪري ڪو ٻيو آواز يا گانو به رکي سگهبو آهي۔ مهرباني ڪري اهو به سمجهايو ته قرب ٿيندا۔
 
جواب: وڊيو گاني کي آڊيو ۾ ڪنورٽ ڪيو بغير ڪنهن سافٽويئر جي۔

ادا عبدلحفيظ ۽ فقير سائين توهان جي مهرباني جو منهنجي شيئرنگ کي پسند ڪيو۔
 
Back
Top