اسلام عليڪم. هن ٽپ جي ذريعي توهان کي ٻڌائيندس ته رجسٽري ايڊيٽر مان ڪنٽرول پينل جا آئٽم هائيڊ يا غائب ڪيئن ڪري سگهو ٿا. ٽپ ته معمولي قسم جي آهي پر ٿي سگهي ٿو ته ڪڏهن اها ٽپ اوهان جي ڪم اچي سگهي ٿي. سڀ کان پهريان توهان رَن ۾ Regedit لکو.۽ پوءِ هيٺ ڏنل پاٿ کي فالو ڪيو. HKEY_CURRENT_USER\Control panel\dont' load ان پاٿ تائين اچي اتي هڪ String value رائيٽ ڪلڪ ڪري ٺاهيو. ۽ ان کي هيٺ تصوير ۾ ڏيکاريل ويليو ڏيو مختلف ويليو مختلف ايمپليٽ کي هائيڊ ڪنديون. انهيءَ طرح سان جيڪو ايمپليٽ توهان کي هائيڊ ڪرڻو هجي ان جي ويليو ڪريئيٽ ڪيو.ڳاڙهي رنگ جي ويليو ڪريئيٽ ڪرڻ سان ڪاري رنگ ۾ لکيل ايمپليٽ هائيڊ ٿيندو. جڏهن توهان اها ويليو ڪريئيٽ ڪندو ته ان کي ايڪٽو ڪرڻ جي لاءِ yes ۽ inactive ڪرڻ جي لاءِ No لکڻو آهي. ان ۾ زيرو يا هِڪ لکڻ سان Active يان Inactive نه ٿيندو آهي.
جواب: Registry Editor جي ذريعي ڪنٽرول پينل جي هر شيءَِ غائب ڪيو۔ تمام سٺي معلوماتي ونڊ ڪئي آهي ادا مهرباني
جواب: Registry Editor جي ذريعي ڪنٽرول پينل جي هر شيءَِ غائب ڪيو۔ سڀني دوستن جي وڏي مهرباني جن کي منهنجي شيئرنگ پسند آئي۔
جواب: Registry Editor جي ذريعي ڪنٽرول پينل جي هر شيءَ غائب ڪيو۔ ادا ڊاڪٽر صاحب توهان جي هي ٻڌايل ٽپ اڳ ته مون کي ڪٿي نظر نه آئي آهي باقي مان هاڻي ئي ان کي آزمائي ٿو ڏسان تمام بهترين ڪوششون آهن ادا توهان جون سنڌ سلامت فورم تي توهان جون ڪوششون واکاڻ لائق آهن پنهنجي محنت جاري رکجو توهان جي اهڙي ئي ٻئي ٽپ جو منتظر رهندس سدائين گڏ
جواب: Registry Editor جي ذريعي ڪنٽرول پينل جي هر شيءَ غائب ڪيو۔ فقير سائين توهان ڀلي آزمائي ڏسو جي توهان جو ڪمپيوٽر خراب ٿي پيو ته اسان توهان سان هر ڳالهه ۾ ٻڌل آهيون