دوستو سلام
محترم آصف علي جهتيال جي موڪليل سنڌي شاعرن جي چونڊ شاعريء مان مرحوم محسن ڪڪڙائي جو هڪ غزل پيش آهي۔ سندس هن غزل ۾ بلڪل آسان ۽ سولي ٻوليء سان گڏ روزمره جي واقعن کي ڪيڏو سهڻي انداز سان پش ڪيو ويو آهي، اهو سندس لڦطن جي سٽاء جو ڪمال آهي:

تَرسجو مان حُسن کي چاهي وٺان .
زندگيءَ جو قرض آ لاهي وٺان.
اڄ اچڻ جو هُن ڪيو انجام آ.
مان به ٿورو پاڻ کي ٺاهي وٺان.
تُنهن جُون فَرمائشون پُوريون ڪَبيون.
بَس رڳو هِن ٻارِ کي ڳاهي وٺان.
مون گُھريِ نيرن ته هُن مُرڪي چيو .
تَرس مَن بس کِيرُ سانباهي اچان.
تيستائين هُن ٻَٻَرُ هيٺان ٿِي ويھُ.
جيستائين جاٽَ هِيءَ ڪاهي وٺان.
چَند گھڙيون ويھُ ”مُحسن“ مان اِجھو.
گھَر جو ڪم مِنٽن ۾ ٿيِ لاهي وٺان!
زندگيءَ جو قرض آ لاهي وٺان.
اڄ اچڻ جو هُن ڪيو انجام آ.
مان به ٿورو پاڻ کي ٺاهي وٺان.
تُنهن جُون فَرمائشون پُوريون ڪَبيون.
بَس رڳو هِن ٻارِ کي ڳاهي وٺان.
مون گُھريِ نيرن ته هُن مُرڪي چيو .
تَرس مَن بس کِيرُ سانباهي اچان.
تيستائين هُن ٻَٻَرُ هيٺان ٿِي ويھُ.
جيستائين جاٽَ هِيءَ ڪاهي وٺان.
چَند گھڙيون ويھُ ”مُحسن“ مان اِجھو.
گھَر جو ڪم مِنٽن ۾ ٿيِ لاهي وٺان!